Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 131 (The death penalty for God's Son)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
131. خدا جي پٽ لاءِ موت جي سزا
انصاف ڪندڙ چاھيندو ھو تہ موت جي سزا ٻڌائي۔ موت جي سزا ڏيندڙ تيار ھو۔ ۽ خداوند يسوع کي دشمنن جي حوالي ڪيو ويو۔
ھنن يسوع تي ٿڪيو، خدا جي پٽ جي منهن تي ٿپڙ ھنيا ۽ کيس ڪوڙا ھنيا۔
ائين مارڻ اسان کي سوچ ڏئي ٿو ضرور ڪنهن ڳالهہ جي سزا هوندي۔ پر يسوع بلڪل بہ انهن شين جو حقدار نہ ھو۔ ھو ڪنھن بہ ڳالهہ لاءِ گنهگار نہ ھو۔ ان جي باوجود کيس سڀ کان خراب طريقي سان سزا ڏني وئي۔
هو پنهنجي زخمي ۽ رت سان تر ٿيل پُٺ تي ڪاٺ جي ڳري صليب کڻي يروشلم جي گھٽين مان گذريو۔
شهر جي ٻاھر ھڪ ٽڪري تي جنھن جو نالو گلگتہ ھو، ظالم سپاھين اتي يسوع ڪِل هڻي ٻن چورن جي وچ ۾ صليب تي لٽڪايو، ھڪ سندس ساڄي پاسي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي۔ صليب تي مرڻ تمام دردناڪ ھو۔ يسوع جي مٿي ۾ سور ٿيو، تمام گھڻي اڃ بہ لڳي ۽ ساهہ وٺڻ بہ مشڪل ٿي ويو۔ ھو خوف زدہ ھو۔
۽ سندس دشمنن اُن جو مذاق بہ اڏايو۔
مذاق اڏائڻ وارو: ”اڙي، جيڪڏھن تون سچ ۾ خدا جو پٽ آھين تہ صليب تان ھيٺ لھي اچ۔“
سپاهي: ”جيڪڏهن تون يهودين جو بادشاهہ آهين تہ پاڻ کي بچائي وٺ۔“
جيڪڏهن يسوع پاڻ کي بچائڻ چاهي ها تہ ھو آسمان تي زمين تي اچي ئي نہ ها۔ ھو هن مقصد لاءِ آيو، تہ اسان کي بچائي سگھي ڇاڪاڻ تہ هو اسان سان پيار ڪري ٿو۔ يسوع پنهنجن دشمنن سان بہ پيار ڪري ٿو۔
يسوع: ”اي پيءُ انهن کي معاف ڪر ڇاڪاڻ تہ اهي نٿا ڄاڻن تہ اهي ڇا ڪري رهيا آهن۔“
ٿورو سوچيو ٽئي صليبون۔ يسوع وچ ۾، سندس ساڄي ۽ کاٻي هٿ تي چور۔ هي منظر ڪجھہ ائين ناهي لڳندو آهي تہ يسوع انهن ٻنهي چورن جي طرف پنهنجو هٿ وڌائي رهيو آهي؟
چور (طعنہ ڏيڻ واري آواز سان): ”ڇا تون مسيح نہ آهين؟ تون پاڻ کي ۽ اسان کي بہ بچاءِ۔“
قاتل: ”خاموش ٿي وڃ۔ ڇا تون خدا کي وساري ويٺو آهين؟ اسان تہ گنهگار آهيون ڇاڪاڻ تہ گناھ ڪيو آهي، اسان کي تہ سزا ملڻ گھرجي، پر ھن تہ ڪجھ غلط ڪيو بہ نہ آهي۔ اي يسوع، جڏهن تون پنهنجي بادشاهي ۾ داخل ٿي تہ مون کي ياد رکجان۔“
يسوع: ”مان توکي سچ ٿو چوان: تہ اڄ تون مون سان گڏ فردوس ۾ هوندي۔“
قاتل پنهنجو گناهہ قبول ڪيو۔ ۽ انهيءَ ڪري هو آسمان تي وڃي سگھيو۔
هو صحيح هو: اسان سڀ گنهگار آهيون۔ پر يسوع اسان کي معاف ڪري ٿو، ۽ هن جا هٿ هميشہ گنهگارن لاءِ هٿ پکيڙيل آهن۔
هڪ ڀيري ورِي سوچيو ٽئي صليبون۔ يسوع وچ ۾، سندس ساڄي ۽ کاٻي هٿ تي مجرم۔ هڪ يسوع تي ڀروسو ڪيو، ۽ ٻئي سندس مذاق اڏايو۔ هڪ بچي ويو، ٻيو نہ بچي سگھيو۔
توهان ڪهڙي پاسي آهيو؟
يسوع توهان لاءِ هٿ پکيڙي بيٺو آهي۔ سندس پيار توهان جي خطائن کان وڏو آهي۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، مزاق اُڏائڻ وارو، سپاهي، يسوع، قاتل، چور
ynamreG FEC :thgirypoC ©