STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 035 (Rendezvous in Jerusalem)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

53. يروشلم ۾ ملاقات


هر جگھہ تان ماڻهو آيا۔ گھڻا ماڻهو تہ ٻين ملڪن مان آيا۔ اهي يروشلم ۾ پنتيڪُست جي عيد ملهائڻ آيا۔ هزارين ماڻهو گھٽين ۾ گھمي رهيا هئا۔ اُن ئي ڏينهن، يسوع جا شاگرد هڪ گھر ۾ دعا ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا۔ اوچتو انهن هڪ شور ٻڌو، تيز هوا۔ ٻاهر موجود ماڻهن بہ اهو شور ٻڌو۔ هي ڇا ٿي سگھي ٿو؟

ڪجھہ ٻيو بہ ٿيو۔ شاگردن جي مٿي تي باهہ واريون ڄڀون نظر آيون جيڪي انهن جي مٿي بيٺل رهيون۔ هن معجزي جو مطلب ڇا آهي؟

اهو هڪ بهترين تجربو يسوع جي طرفان هڪ تحفو هو۔ هن پنهنجي شاگردن کي پاڪ روح ڏنو۔ هن پنهنجن دوستن کي وساريو نہ هو۔ پاڪ روح جي ذريعي يسوع هميشہ پنهنجن ٻارن سان گڏ آهي۔ هو تسلي ڏيڻ وارو، مشورو ڏيڻ وارو ۽ ساٿ ڏيڻ وارو آهي۔ هن جي ڪري خدا جا ٻار هميشہ يسوع سان رابطي ۾ رهندا آهن جيڪو آسمان تي آهي۔

گھر جي سامهون ماڻهو گڏ هئا ۽ حيران هئا۔

مرد: ”هن سڀ جو مطلب ڇا آهي؟“

خوشيءَ سان ڀريل، شاگردن ماڻهن کي يسوع جي باري ۾ ٻڌايو۔ ٿورو سوچيو، اهي ماڻهو جيڪي ٻين ملڪن مان آيا هئا انهن کي بہ شاگردن جي ڳالهين جي سمجھہ اچي رهي هئي۔ هر ڪنهن کي يسوع جي دوستن جون ڳالهيون پنهنجي ٻولي ۾ سمجھہ اچي رهيون هيون۔ شاگرد اهڙين ٻولين ۾ ڳالهائي رهيا هئا جيڪي اهي ڪڏهن بہ سکيا نہ هئا۔ هي سڀ جيڪو ڪجھہ ٿي رهيو هو ان جو سبب يسوع هو۔

ڪجھہ ماڻهن مذاق ڪيو:

مذاق ڪرڻ وارا: ”اڙي، توهان سڀ نشي ۾ آهيو۔ ايترو جلدي نشو ڪري ورتو!“

پوءِ پطرس ڳالهائڻ لڳو:

پطرس: ”نہ، اسان نشي ۾ ناهيون۔ خدا پنهنجو واعدو ياد رکيو ۽ پنهنجو پاڪ روح اسان لاءِ موڪليو۔“

بهادري سان هو يسوع جي باري ۾ وڌيڪ ڳالهائڻ لڳو، ڪيئن هن پنهنجي جان ڏني ۽ پوءِ جي اُٿيو ۽ هاڻي آسمان تي زندہ آهي۔

مرد: ”هي پطرس آهي ڇا، اهو جيڪو يسوع کي ڄاڻيندو هو پوءِ بہ ان جو انڪار ڪيو هو؟“

عورت: ”اهو ئي آهي۔ هي هاڻي ٿورو سا بہ بزدل نٿو لڳي۔ هي بالڪل بدلجي ويو آهي۔“

يسوع پاڪ روح جي ذريعي پطرس کي هڪ ڌلير شاهد بڻائي ڇڏيو۔ ۽ پطرس جيڪو ڪجھہ چيو اهو ماڻهن جي دلين ۾ ويهي ويو۔

مرد: ”اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“

عورت: ”اسان گھڻائي غلط ڪم ڪيا آهن۔“

پطرس: ”يسوع تي ايمان رکو، ۽ خدا توهان کي معاف ڪندو ۽ توهان کي بہ پاڪ روح ملندو۔“

0003 ماڻهن ائين ئي ڪيو۔ انهن دعا ۾ يسوع کي پڪاريو ۽ بچي ويا۔ هن پنتيڪُست جي بعد شاگردن ۾ هڪ نئين خوشي هئي۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، مذاق ڪرڻ وارو، پطرس، مرد، عورت

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 28, 2025, at 09:28 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)