STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 013 (Gifts for Jesus)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

31. يسوع جي لاءِ تحفا


توما پنهنجي ڏاڏيَ جي ٺاهيل مورتين کي ڏسي رهيو هو۔ اهي ڏاڍيون سٺيون پي لڳيون۔ ڌراڙ، يوسف ۽ مريم ۽ ٻار يسوع۔ وقت وڌندو ويو ۽ انهي کي ننڊ اچڻ لڳي۔ هُن بيت الحم جي واڙي جي باري ۾ خواب ڏٺو۔ توما سوچيو تہ آئون آهر جي ڪيترو ويجھو وڃي سگھان ٿو۔

هو ويجھو ويو ۽ اوچتو اداس ٿِي ويو۔ يسوع انهي سان ڳالهہ ڪئي۔

يسوع: ”تون ايترو اداس ڇو آهين؟“

توما: ”ڇاڪاڻ تہ آئون اوهان لاءِ ڪو تحفو نہ آندو آهي۔“

يسوع: ”اداس نہ ٿِي۔ مون کي تون سان صرف ٽنَ شين جي ضرورت آهي۔“

توما: ”آئون اوهان کي پنهنجي هر شي ڏئي سگھان ٿو جيڪا مون وٽ آهي۔ منهنجي لائٽ وارِي ريل گھاڏِي، منهنجي ڪمپيوٽر گيمز، ۽۔۔۔۔۔۔۔“

يسوع: ”نہ، مون کي تون جي انهن شين جي ضرورت ناهي، آئون انهي جي لاءِ آسمان تان زمين تي ناهي آيو۔“

توما: ”تہ پوءِ ڇا؟“

يسوع: ”مون کي پنهنجو رياضي جو پرچو ڏي۔“

توما: ”پر مون کي اُنهي ۾ بالڪل گھٽ نمبر مليا آهن۔“

يسوع: ”انهي لاءِ آئون هي گھران پيو۔ هميشہ اُهي شيون مون وٽ وٺي اچجان جيڪا گھٽ هجن۔ ڇا تون ائين ڪندي؟“

توما: ”جي هائو، آئون هي ڪندس۔“

يسوع: ”ٻيو تحفو جيڪا مون کي کپي ٿو اِها اُهو ٿانو آهي جنهن ۾ تون مانِي کائين ٿو۔“

توما: ”آئون اوهان کي اِها ڪانہ ٿو ڏئِي سگھان ڇوجو هو مون کان ٽُوٽِي پيو آهي۔“

يسوع: ”انهي لاءِ آئون هي گھران پيو۔ هميشہ اُهي شيون مون وٽ وٺي اچجان جيڪا ٽُوٽِي ويون آهن۔ ڇا تون ائين ڪندي؟“

توما: ”جي هائو، آئون هي ڪندس۔“

يسوع: ”هاڻي ٽي شي۔ توما آئون اُها جواب ٻڌڻ ٿو چاهيان جيڪا تون پنهنجي ماءُ کي اُن وقت ڏنو هو جڏهن هُن پوڇيو هو تہ هي ٿانو ڪئين ٽوٽيو؟“

تڏهن توما روئڻ لڳو ۽ مايوس ٿي ويو۔

توما: ”آئون۔۔۔۔۔۔۔مون ڪوڙ ڳالهايو هو پنهنجي ماءُ سان۔“

يسوع: ”توما، تنهنجي ڪوڙ، نافرماني، هر ايڪ شرارت جيڪا تنهنجي زندگي ۾ آهي تون مون وٽ آڻي سگھين ٿو۔ تنهنجي پوري زندگي تائين۔ آئون تون کي معاف ڪندس ۽ آئون تنهنجي مدد ڪندس تہ ڪئين چڳي طرح زندگي گزارڻ کپي۔ آئون هميشہ تون سان گڏ رهندس ۽ تون کي زندگي گزارڻ سکاريندو رهندس۔ ڇا تون ائين چاهين ٿو؟“

۽ جئين توما هي چاهيو پي! انهي وقت سان هن يسوع تي ايمان آندو ۽ انهي جي ڳالهہ مڃي۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، توما، يسوع جو آواز

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 27, 2025, at 10:11 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)