STORIES for CHILDREN by Sister Farida(www.wol-children.net) |
|
Home عربي |
Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 149 (It's difficult for Inam 1) This page in: -- Albanian -- Arabic? -- Armenian -- Aymara -- Azeri -- Bengali -- Bulgarian -- Cebuano -- Chinese -- English -- Farsi -- French -- Fulfulde -- German -- Greek -- Guarani -- Hebrew -- Hindi -- Indonesian -- Italian -- Japanese -- Kazakh -- Korean -- Kyrgyz -- Macedonian -- Malagasy -- Malayalam? -- Platt (Low German) -- Portuguese -- Punjabi -- Quechua -- Romanian -- Russian -- Serbian -- SINDHI -- Slovene -- Spanish-AM -- Spanish-ES -- Swedish -- Swiss German? -- Tamil -- Turkish -- Ukrainian -- Urdu -- Uzbek
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو 941. اهو انعام لاءِ مشڪل آهي 1ڪپڙن جي ٽوڪري ڳري هئي۔ انعام ان کي کڻي درياءَ تي وئي۔ اتي هن ميرا ڪپڙا ڪڍيا، انهن کي پاڻي ۾ پُسايو ۽ پوءِ انهن کي پٿر تي پٽڪيو۔ هي مشڪل ڪم هو، ڇو جو جھنگل ۾ ڪپڙا ڌوئڻ جي ڪا مشين نہ هئي۔ انعام جي ڀوري چهري تان ڳوڙها وهڻ لڳا۔ هن کي تمام زور ماريو هو۔ انعام ٻنِي ڏانهن ڏٺو ۽ ان وقت جي باري ۾ سوچيو جڏهن چانورن جا ٻوٽا تمام ننڍڙا هئا۔ (ياد ڪرڻ جي وقت پس منظر ۾ ساز جي آواز) انعام: ”ڪجھہ وقت اڳ انگريز انڊونيشيا آيا هئا ۽ ويجھي ئي ڪاٺين جو هڪ ننڍڙو چرچ ٺاهيو۔ هرڪو ان ۾ وڃي سگھي ٿو۔ مون ڀتين مان جھانچي ڏٺو ۽ جڏهن پيارا گيت ڳايا ٻُڌا تڏهن مان اندر ويس ۽ سٺيون ڪهاڻيون ٻڌيون يسوع مسيح جي باري ۾ ۽ ڪيئن هن اسان لاءِ صليب تي جان ڏني۔ انعام روئي، ان لاءِ نہ تہ ان کي ماريو ويو هو، پر ان لاءِ تہ هن جي والدين ائين ڪيو۔ انعام: ”مالڪ يسوع، ڪاش تہ منهنجا والدين بہ توهان تي يقين رکن ۽ پنهنجي زندگي اوهان لاءِ گذارين ۽ هڪ ڏينهن آسمان تي وڃن۔ مهرباني ڪري انهن کي نہ وسارجو۔“ انعام ڪپڙن جي ٽوڪري کنئي ۽ ان کي واپس گھر کڻي وئي۔ ماءُ (ڪاوڙ ۾): ”تون ايتري سست ڇو آهين؟ جلدي جلدي ڪم ڪر! چانور رڌ!“ کاڌي کان پوءِ انعام زمين تي سمهي وئي۔ پر جڏهن خاموشي ٿي وئي، تہ هوءَ کڙڪي مان ٻاهر نڪري وئي ۽ جھنگل جي وڏن وڏن وڻن مان ڊوڙندي ننڍڙي چرچ ۾ پهچي وئي۔ (پس منظر ۾ ساز) هوءَ عبادت ۾ شامل ٿيڻ چاهيندي هئي۔ اتي، هن جيڪي گيت ۽ آيتون سکيون، انهن کيس نئين همت ڏني۔ پر گھر تي، هن جا والدين سوٽِي کڻي هن جو انتظار ڪري رهيا هئا۔ جڏهن انعام يسوع لاءِ زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو تہ پوءِ هن جي مشڪل وقت جي شروعات ٿي۔ ان کي اڪثر ماريو ويندو هو، پر پوءِ بہ ان يسوع تي ڀروسو رکيو۔ جڏهن هوءَ بيمار ٿي وئي، تہ هن جي ماءُ هڪ جادوگر کي گھرايو۔ هن ڪا شيءِ پاڻي ۾ ملائي ۽ پنهنجي مُنهہ ۾ ڪُجھہ ڳالهايو۔ انعام سوچڻ شروع ڪيو تہ هوءَ اهڙو ڇا ڪري جو هي پاڻي نہ پيئي۔ جادوگر ان کي پيالو ڏنو، ان وقت ئي ماءُ چيو۔ ماءُ: ”مونکي باورچي خاني ۾ وڃڻو آهي، چانور ٻري رهيا آهن۔“ جادوگر بہ انهي جي پويان هليو ويو ۽ انعام جلدي سان اهو شربت دري مان ٻاهر هاري ڇڏيو۔ جيڪڏهن انهن کي انهي ڳالهہ جي خبر پئجي وئي تہ! ايندڙ ڊرامي ۾ اوهان ٻڌندا تہ پوءِ هن ڪهاڻي ۾ ڇا ٿيو۔ ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، انعام، ماءُ ynamreG FEC :thgirypoC © |