STORIES for CHILDREN by Sister Farida(www.wol-children.net) |
|
Home عربي |
Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 106 (End of the line 6) This page in: -- Albanian -- Arabic? -- Armenian -- Aymara -- Azeri -- Bengali -- Bulgarian -- Cebuano -- Chinese -- English -- Farsi -- French -- Fulfulde -- German -- Greek -- Guarani -- Hebrew -- Hindi -- Indonesian -- Italian -- Japanese -- Kazakh -- Korean -- Kyrgyz -- Macedonian -- Malagasy -- Malayalam? -- Platt (Low German) -- Portuguese -- Punjabi -- Quechua -- Romanian -- Russian -- Serbian -- SINDHI -- Slovene -- Spanish-AM -- Spanish-ES -- Swedish -- Swiss German? -- Tamil -- Turkish -- Ukrainian -- Urdu -- Uzbek
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو 601. صفن جو آخر 6صحیح رستي تي ھلو، ھڪ طرفہ گلي، بند رستو، هتي گاڏي نہ بيهاريو، صحیح رستي تي ھلو، بيهي رهو! ٽريفڪ جي اشارن جي بغير، اسان جي شهرن ۾ ڪيتري بي ترتيبي ٿِي ويندي۔ مسافرن جي رهنمائي لاءِ روڊ تي بورڊ لڳيل هوندا آهن، انهن جي بغير اسان جو ملڪ ڀُول ڀليانَ هجي ها۔ ھڪ عظيم قوم بيابان ۾ گھمندي رهي۔ اُتي نہ ڪي رستا هئا ۽ نہ ورِي ڪو روڊ هئا۔ پر اُتي مسافرن جي رهنمائي وارو بورڊ موجود هو۔ جيڪو بادل جي ٿنڀ ۾ لڪل هو، خدا انهن جي اڳيان اڳيان هلندو هو۔ ھو انهن کي مصر جي غلامي کان ٻاهر ڪڍي وعدي جي سرزمين تائين وٺي ويو۔ خدا وانڳر ڪير ٿي سگھي ٿو جيڪو بهترين رهنمائي ڪري سگھي؟ جڏهن بادل جو ٿنڀ رڪجي ويندو هو، تہ ماڻهو آرام ڪري سگھندا هئا۔ جڏهن اُهو وري هلڻ لڳندو، تہ پوري قوم اُن سان گڏ هلندي هئي۔ رات جي وقت، هي باهہ جو ٿنڀ بڻجي رات کي روشن ڪري ڇڏيندو هو، ھڪ تمام سوجھري وارِي لائيٽ کان بہ تيز روشن هوندو هو۔ خدا وانڳر ڪير ٿي سگھي ٿو جيڪو بهترين رهنمائي ڪري سگھي؟ اسرائيلي: ”بادل رڪجي ويو آهي۔ پاڻ هِتي پنهنجا تنٻُو لڳائي سگھون ٿا۔“ اسرائيلي عورت: ”ٺيڪ قلزم سمنڊ جي ڪناري تي۔ هيءُ تہ ڏاڍو سٺو آهي۔“ ٻار: ”ڇا اسان کي وينجڻ لاءِ وڃڻ جي اجازت آهي؟“ اسرائيلي: ”مون کي چڱِي طرح ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي۔ پوئتي ڏسو!“ اسرائيلي عورت: ”هيءُ نٿو ٿي سگھي۔ اُهي اچي رهيا آهن!“ اسرائيلي: ”مصري اسان کي ماري ڇڏيندا! هاڻ پاڻ ڦاسي چڪا آهيون۔“ اسرائيلي عورت: ”موسا، تون اسان کي هن خطرناڪ بيابان ۾ ڇو آندو؟“ موسا: ”ڊڄو نہ! ڪهڙو خدا اسان جي خدا جھڙو ٿي سگھي ٿو؟ هو اسان لاءِ وڙهندو۔“ اچتو هڪ وڏو بادل مصرين ۽ اسرائيلين جي وچ ۾ اچي ويو۔ دشمنن جي طرف اونداهہ ٿي وئي، پر اسرائيلي جي طرف روشني هئي۔ خدا جھڙو ڪير ٿي سگھي ٿو جيڪو اهڙي طريقي سان مدد ڪري؟ هن لاءِ ڪو بہ ڪم ناممڪن ناهي! موسا وٽ جيڪا لٺ هئي اُها خدا جي طرفان هئي، ۽ هن اُها سمنڊ جي ٽرف جھلي رکي۔ (پاڻي جي هٽڻ جي آواز) اسرائيلي: ”معجزو! اُهو ڏسو! سمنڊ جي بلڪل وچ ۾ رستو آهي۔“ اسرائيلي عورت: ”ساڄي ۽ کاٻي پاسي پاڻي جون ڀتيون آهن۔ خدا هيءُ اسان لاءِ ڪيو آهي۔“ ڪير خدا جھڙو ٿي سگھي ٿو جيڪو هن قسم جا معجزا ڪري؟ هي بلڪل سچ آهي: سمنڊ جي وچ ۾، هڪ سُڪيل رستو موجود هو۔ سڀ اسرائيلي هن رستي تي هلي ٻئي پاسي پهچي ويا۔ پهريون مصري: ”انهن جي پويان هلو۔ سمنڊ ۾ موجود رستو اسان لاءِ بہ آهي۔“ ٻيو مصري: ”اڙي، هيءُ رتھ جا ڦيٿا جام ٿي ويا آهن۔ اسان جو آخر اچي ويو آهي۔ خدا اسان جي خلاف وڙهي رهيو آهي۔“ هي مصرين جا آخري لفظ هئا۔ ٻنهي پاسن کان، پاڻي جون ڀتيون ٽُٽي انهن تي اچي ڪريون۔ سيلاب مصر جي پوري فوج کي گھيري ڇڏيو۔ اسرائيلي: ”بچي ويا! اسين بچي ويا! اسان جي خدا اسان جي دشمنن تي فتح حاصل ڪئي هڪ ئي دفع سڀني لاءِ۔“ خوشي سان ڀرجي انهن خداوند جي شڪر گذاري جو گيت ڳايو۔ ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، اِسرائيلي، اِسرائيلي عورت، ٻار، موسا، ٻہ مصرِي ynamreG FEC :thgirypoC © |