STORIES for CHILDREN by Sister Farida(www.wol-children.net) |
|
Home عربي |
Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 105 (The sign on the door 5) This page in: -- Albanian -- Arabic? -- Armenian -- Aymara -- Azeri -- Bengali -- Bulgarian -- Cebuano -- Chinese -- English -- Farsi -- French -- Fulfulde -- German -- Greek -- Guarani -- Hebrew -- Hindi -- Indonesian -- Italian -- Japanese -- Kazakh -- Korean -- Kyrgyz -- Macedonian -- Malagasy -- Malayalam? -- Platt (Low German) -- Portuguese -- Punjabi -- Quechua -- Romanian -- Russian -- Serbian -- SINDHI -- Slovene -- Spanish-AM -- Spanish-ES -- Swedish -- Swiss German? -- Tamil -- Turkish -- Ukrainian -- Urdu -- Uzbek
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو 501. دروازن تي نشان 5صبح جي وقت، هڪ گاڏِي گھر جي دروازي جي سامهون اچي بيهي رهي۔ ڇوڪرو: ”امان، اُهي اچي رهيا آهن۔“ ماءُ: ”ڇا تون پنهنجو پکين وارو پنجرو کڻي سگھندين؟“ ڇوڪرو: ”واھ، ڇا توهان ٻڌي رهيا آهيو۔ پاڻ وڃي رهيا آهيون (پکين جو چھچھائڻ جي آواز)! ڇا توهان خوش آهيو؟ مان تہ اڳ ۾ ئي تمام گھڻو خوش آهيان۔“ پر وڏن جي پريشان ٿيڻ جي ڪا حد ناهي۔ واپس وڃڻ ڪيئن لڳندو هوندو، جڏهن رُڳو ڪنهن هڪ خاندان کي نہ پر پوري قوم کي وڃڻو هجي؟ اهي تمام گھڻي وقت کان مصر ڇڏڻ چاهيندا هئا ۽ اتي جي غلامي کان ٻاهر نڪرڻ چاهيندا هئا۔ پر فرعون انهن کي وڃڻ نہ ڏيندو هو۔ اُنهن کي تمام سخت ڪم ڪرڻو پوندو هو۔ هو پنهنجي مشڪل ۾ ڏينهن ۽ رات خدا کي سڏيندا هئا۔ خدا تمام گھڻا معجزا ڪيا، پر فرعون جو دل سخت رهيو۔ خدا موسا لاءِ پنهنجو ڪم وري ورجايو۔ خدا: ”موسا، فرعون وٽ وڃ۔ اڄ رات مان مصر جي سرزمين ۾ ايندس۔ ۽ هر خاندان ۾ وڏو پٽ مري ويندو۔“ شام جي وقت، هڪ اسرائيلي ٻار پنهنجي پيءُ کي هڪ گھيٽي کي ذبح ڪندي ڏٺو۔ يشوع: ”بابا، گھيٽي کي ڇو مرڻو پيو؟“ پيءُ: ”يشوع، تہ جيئن تون زندہ رهي سگھين۔ خدا هي ٿو چاهي۔“ پيءُ گھيٽي جو رت کنيو ۽ پنهنجي گھر جي دروازي تي ملي ڇڏيو۔ ساڄي، کاٻي، ۽ مٿي حصي تي۔ پيءُ: ”رت هڪ نشان آهي، خدا اڄ رات پاڻ جي گھر وٽان مٽندو، ۽ جڏهن هو رت کي ڏسندو تہ اسان جي حفاظت ڪندو۔“ يشوع: ”مون کي گھيٽي لاءِ ڏک ٿئي پيو، پر ان سان منهنجي جان بچي ويندي۔“ هر اسرائيلي خاندان گھيٽي جو رت پنهنجي گھرن جي دروازي تي لڳايو۔ پيءُ: ”يشوع، هاڻ اندر اچو، اونداهي ٿي چڪي آهي۔ ڪپڙا پائي وٺو، اسان کي تيار ٿيڻو آهي۔“ انهن بيٺي بيٺي کاڌو کاڌو۔ رات جي وقت، انهن زور سان روئڻ جون آوازون ٻڌيون۔ هر مصري خاندان ۾ وڏو پٽ مري ويو۔ فرعون: ”جيترو جلدي ٿي سگھي ايترو جلدي مصر ڇڏي وڃو۔ توهان سان تعلق رڪندڙ هر شيءِ کي کڻي وڃو۔ وڃو هاڻ!“ ان رات ڏھ لک کان وڌيڪ مرد، عورتون ۽ ٻار تيار هئا ۽ اهي مصر ڇڏي هليا ويا۔ يشوع جي جان بچي وئي۔ ان جو پيءُ ان جو هٿ جھلي وٺي وڃي رهيو هو۔ دروازي تي موجود نشان انهن جي حفاظت ڪئي ۽ انهن جون زندگيون بچائي ورتيون۔ خدا حفاظت ڪرڻ چاهي ٿو۔ هو موت نہ پر زندگي ڏيڻ چاهي ٿو۔ خداوند يسوع مسيح کي زخمي حالت ۾ صليب تي ٽنگيو ويو، ۽ پوءِ ان پنهنجي جان ڏئي ڇڏي۔ ان جو رت هي نشان هو تہ خدا اسان کي هميشہ جي موت کان بچائڻ چاهي ٿو۔ ان ڪري يسوع چيو: ”جيڪو بہ مون تي ايمان رکي ٿو سو جيتوڻيڪ مري وڃي تہ بہ زندہ رهندو۔“ (يوحنا 11: 52) ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ڇوڪرو، ماءُ، خدا، يشوع، پيءُ، فرعون ynamreG FEC :thgirypoC © |