STORIES for CHILDREN by Sister Farida(www.wol-children.net) |
|
Home عربي |
Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 079 (Invaluable) This page in: -- Albanian -- Arabic? -- Armenian -- Aymara -- Azeri -- Bengali -- Bulgarian -- Cebuano -- Chinese -- English -- Farsi -- French -- Fulfulde -- German -- Greek -- Guarani -- Hebrew -- Hindi -- Indonesian -- Italian -- Japanese -- Kazakh -- Korean -- Kyrgyz -- Macedonian -- Malagasy -- Malayalam? -- Platt (Low German) -- Portuguese -- Punjabi -- Quechua -- Romanian -- Russian -- Serbian -- SINDHI -- Slovene -- Spanish-AM -- Spanish-ES -- Swedish -- Swiss German? -- Tamil -- Turkish -- Ukrainian -- Urdu -- Uzbek
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو 97. انمول(پاڻي جي ڦوهار جي آواز) ڀارت جي غوطا خور وڏي مهارت سان سمنڊ ۾ غوطو هنيو۔ هن جو پڪو دوست، ڊيود مورس ٻيڙي ۾ انتظار ڪندو رهيو جيستائين ڀُورا وار وري نظر نہ آيا۔ هن پنهنجي کيسي ۾ رکيل چاقو جي مدد سان سِيپ کولي۔ ڊيود مورس: ”رام بائُو تون هڪ زبردست غوطاخور آهين۔ هي موتي قيمتي لڳي رهيو آهي۔“ رام بائُو: ”ها، هي ايترو خراب بہ نہ آهي۔“ ڊيود مورس: ”ڇا هن کان بهتر موتي ملي سگھي ٿو؟“ رام بائُو: ”منهنجي گھر هڪ آهي جيڪو تمام گھڻو قيمتي آهي۔“ ڊيود مورس: ”منهنجي خيال سان هي موتي بلڪل ٺيڪ آهي۔ تون ان کي تمام باريڪي سان ڏسي رهيو آهين۔“ رام بائُو: ”ائين ئي تون هميشہ پنهنجي خدا جي باري ۾ بہ چوندو آهين۔ ماڻهو سمجھن ٿا تہ هو ٺيڪ آهن پر تون چوندو آهين تہ خدا ڄاڻي ٿو تہ هو اندر کان ڪيئن آهن۔“ ڊيود مورس: ”ها، هي صحيح آهي۔ پر هو هر شخص کي پاڪ دل ڏيڻ چاهي ٿو۔ هي خدا جو تحفو آهي۔ ڇا تون هن کي سمجھين ٿو؟“ ايتري دير ۾ اهي ٻئي دوست ڪناري تي پهچي ويا۔ رام بائُو: ”ڊيود، هي تمام سولو لڳي ٿو۔ مان هن تحفي کي قبول ڪرڻ ۾ تمام فخر مسحوس ڪري رهيو آهيان۔ آءُ انهي کي ڪمائڻ لاءِ ڪو اهڙو ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو۔ ڇا تون ان تيرٿ ياتري کي ڏسي سگھين ٿو؟ هو نوڪدار پٿرن تي اوگھاڙي پير هلندو ويندو جيستائين هو ڪلڪتا شهر نہ پهچي۔ آءُ بہ پنهنجي گوڏن تي هلي دهلي ويندس۔“ ڊيود مورس: ”رام بائُو، هي تہ 006 ميل پري آهي۔ پنهنجي منزل تائين پهچڻ کان اڳ تنهنجي رت ۾ زهر چڙهي ويندو ۽ تون مري ويندين۔“ پر ڊيود جي ڳالهہ کان ان کي ڪو فرق نہ پيو۔ پوءِ ڪجھہ ڏينهن گذري ويا۔ (دروازو کٽڪائڻ جي آواز) ڊيود مورس: ”رام بائُو، ڇا هي تون آهين؟ اندر اچ۔“ رام بائُو: ”ڊيود، سڀاڻي آءُ پنهنجو سفر شروع ڪرڻ وارو آهيان۔ وڃڻ کان اڳ آءُ توکي پنهنجي پٽ جي باري ۾ ٻڌائڻ چاهيان ٿو۔“ ڊيود مورس: ”تنهنجو پٽ بہ آهي؟“ رام بائُو: ”هو ڀارتي سمنڊ ۾ موتين جي ڳولا لاءِ ويندڙ غوطاخورن ۾ سڀ کان زبردست غوطاخور هو۔ هو سڀ کان خوبصورت موتي ڳولهڻ چاهيندو هو۔ ۽ ان کي اهو ملي ويو۔ پر هو گھڻي دير تائين پاڻي جي اندر رهيو هو، انهي ڪري هو ڪجھہ ئي دير بعد مري ويو (روندڻ آواز ۾)۔ تون منهنجو سڀ کان سٺو دوست آهين، انهي ڪري مان اهو سڀ کان خوبصورت موتي توکي ڏيڻ چاهيان ٿو جيڪو ان ڳولهيو هو۔“ ڊيود مورس: ”رام بائُو، هي تہ ڪمال ٿي ويو۔ بلڪل ٺيڪ آهي پر اهڙو ڪو بہ اهڙو طريقو ناهي جنهن سان مان هي قبول ڪري سگھان۔ انهي لاءِ مان توکي ان لاءِ 000,01 رپيا ڏيندس۔“ رام بائُو: ”پر تون هن کي خريد نٿو ڪري سگھين۔“ ڊيود مورس: ”جيڪڏهن هي ان کان بہ وڌيڪ قيمتي آهي تہ مان وڌيڪ پيسن جو بندوبست ڪندس۔“ رام بائُو: ”ڊيود، موتي تمام گھڻو قيمتي آهي۔ منهنجي پٽ ان لاءِ پنهنجي جان ڏئي ڇڏي۔“ ڊيود مورس: ”رام بائُو، هي بلڪل ائين ئي آهي جيئن مان توکي خدا جي باري ۾ ٻڌائي رهيو هوس۔ هن جي نجات جو تحفو بہ خريد نہ ٿو ڪري سگھجي۔ نہ پنهنجي سٺن ڪمن سان ۽ نہ ئي زيارت يا تيرٿ ياترا سان۔ هي خدا جو تحفو آهي، ڇاڪاڻ تہ هن لاءِ خدا جي پٽ کي پنهنجي جان ڏيڻي پئي۔ ڇا اڄ تون هن تحفي کي قبول ڪرڻ نہ چاهيندين؟“ رام بائُو: ”هاڻي مان سمجھي ويئس۔ هن لاءِ ان کي پنهنجي پٽ جي جان قربان ڪرڻي پئي۔ مان بہ اڄ ان جي نجات جو تحفو قبول ڪرڻ چاهيان ٿو۔“ نجات خدا جو تحفو آهي توهان جي لاءِ بہ۔ ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ڊيود مورس، رام بائُو ynamreG FEC :thgirypoC © |