Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 118 (Sled crash 2)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
811. برفاني گاڏيءَ جي ٽڪر 2
ڇا اوھان اسڪول بس جي بدران برف واري گاڏي تي اسڪول وڃڻ پسند ڪندا؟ انيتا ۽ لوقس، جيڪي سوئيزرلينڊ جي چوٽين تي رهندا هئا، روزانو جلدي ۾ پنهنجي برف واري گاڏي تي وادِي ڏانهن ويندا هئا۔ پر گڏجي نہ، ڇاڪاڻ تہ اهي هڪ ٻئي سان گڏ بيهي نہ سگھندا هئا۔ اهو ڇو ايترو مشڪل هو هڪ ٻئي سان گڏجي رهڻ؟ ۽ پوءِ اڱاري جي ڏينهن ائين ٿيو۔ لوقس نہ پي چاهيو تہ ائين ٿئي۔ هن جي ائين ڪرڻ جي ڪا بہ نيت نہ هئي۔ جڏهن هو پنهنجي برف واري گاڏي تيز هلائي رهيو هو، هن انيتا جي برف واري گاڏي کي ٽڪر هنئي ۽ اهي ٻئي نالي ۾ وڃي ڪريا۔
انيتا: ”اري ڀا! تون احتياط نہ ٿو ڪري سگھين؟ تون جيون اکيون نہ آهن ڇا؟“
لوقس: ”انيتا، مونکي معاف ڪر۔ بيهہ، مان تو جي مدد ڪريان ٿو۔“
انيتا: ”مونکي اڪيلو ڇڏي ڏي! مان تو جي مدد جي بغير بہ اُٿي سگھان ٿي۔“
لوقس: ”ايتري پريشان نہ ٿي، نادان ڇوڪري۔“
هن کي ٿڌ لڳي رهي هئي ۽ آلِي ڪتابن سان گڏ، انيتا تمام دير سان اسڪول پهتي۔
مِس: ”انيتا، ڇا ٿيو؟“
انيتا: ”اها لوقس جي غلطي آهي۔ هن مونکي نالي ۾ ڌڪو ڏنو۔ ۽ پوءِ هو ڀڄي ويو ۽ مونکي اڪيلو ڇڏي ڏنو۔“
هر ڪنهن کي انيتا تي ترس آيو، ۽ انهن لوقس ڏانهن ڪاوڙ سان ڏٺو۔ ڪو بہ نہ ڄاڻندو هو تہ اندر کان انيتا بہ ايتري ئي خراب هئي جيترو لوقس۔ هر ڪنهن پنهنجي جماعت جي انهيءَ سٺي شاگرد جي حمايت ڪئي جنهن جي ماءُ گُزاري وئي هئي۔
ماڻهون اُها ئي ڏسن ٿا جيڪو ٻاهران نظر اچي ٿو، پر خدا اسان جي دل جو اندر بہ ڏسي ٿو۔
هڪ هلڪي آواز لوقس ۽ انيتا کي ٻڌايو تہ حسد ڪرڻ گناہ آهي۔ پر انهن ٻنهي مان ڪو بہ پهرين وک ڀرڻ نہ چاهيندو هو۔ ۽ ائين حالت اڃا وڌيڪ خراب ٿي وئي۔
بهار جي موسم ۾ جڏهن برف ڳري وئي، لوقس ڊيني کي مليو جيڪو جبلن ۾ پنهنجي ٻلي جي ٻچي سان کيڏي رهيو هو۔
لوقس: ”تون ڇا ڪري رهيو آهين؟“
ڊيني: ”مان انيتا لاءِ گل ٽوڙي رهيو آهيان۔“
لوقس: ”خير، خير، انيتا لاءِ۔ تنهنجي ڀيڻ چرِي آهي!“
لوقس ڊيني کان گل کسي ورتا، انهن کي زمين تي اڇلائي ڇڏيو ۽ انهن کي لتاڙي ڇڏيو۔
ڊيني: ”مان پنهنجي پيءُ کي ٻڌائيندس۔“
لوقس: ”نہ تون ائين نہ ڪندين۔“
لوقس ڊيني جي ٻلي جي ٻچي کي کنيو ۽ ان کي وڏي نالي جي مٿان لٽڪايو۔ پوءِ سڀ ڪجھہ بجلي جي تیزيءَ جيان ٿيو۔ سنو وائيٽ لوقس کي چنڀو هنيو ۽ هن ان کي نالي ۾ اڇلايو۔ ڊيني جيڪو صرف پنج سال جو هو، هو بہ انهيءَ جي پويان ويو، هو ترڪِي پيو ۽ نالي ۾ ڪري پيو۔ لوقس ڊپ ۾ هيٺ ڏسڻ لڳو۔
لوقس: ”ڊيني! ڊيني، ڇا تون اڃا بہ زندہ آهين؟ ڪجھہ چئو!“
ڪو بہ جواب نہ مليو۔ لوقس پنهنجي چوڌاري ڏٺو ۽ گھر ڀڄي ويو۔ هو گودام ۾ لڪِي ويو ۽ روئيندو رهيو۔
پوءِ ڇا ٿيو؟ توهان کي هيءَ ايندڙ ڊرامي ۾ خبر پوندي۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، انيتا، لوقس، مِس، ڊيني
ynamreG FEC :thgirypoC ©