Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 117 (Sad Christmas memory 1)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
711. وڏي ڏينهن جي اداس ياد 1
انيتا ٿڪجي هاري پنهنجي بستري تي ليٽي وئي۔ اوچتو ئي کيس ياد آيو: تہ ڪرسمس جو موقعو آهي! انهي سوچ سان هو ٽِپ ڏِي بستري تان اُٿي۔
انيتا: ”ڊيني! ڊيني، تون ڪٿي آهين؟“
ڊيني: ”انيتا، جلدي اچ ٻاهر واري دروازي طرف۔“
انيتا: ”تون ٻاهر ڇا ڪري رهيو آهين؟ تون بيمار ٿي ويندين۔“
ڊيني: ”انيتا، ڪرسمس بابا هتي آيو هو! ۽ تو چيو هو تہ هو انهن جبلن ۾ اسان وٽ نہ اچي سگھندو۔ پر پوءِ بہ مون پنهنجا ڳاڙها جوتا ٻاهر رکيا هئا، ۽ ڏس! هن منهنجي لاءِ ڪجھہ آندو آهي۔“
انيتا اهو ڏٺو۔ هڪ ٻلي جو ٻچو نرم جوتي ۾ ويڙهيل هو۔ ڊيني اُن کي گھر جي اندر وٺي آيو۔
ڊيني: ”مان هن جو نالو سنو وائيٽ رکندس۔ مان تمام گھڻو خوش آهيان۔“
ڊيني ٻلي جي ٻچي کي گرم کير ڏنو ۽ انيتا پنهنجي ڏاڏِي جي لوڏڻ واري ڪرسي تي ويهي رهي ۽ انهن کي ڏسڻ لڳي۔ جڏهن هو انهن کي ڏسي رهي هئي تہ کيس 5 سال اڳ واري ڪرسمس جو خيال آيو۔
تڏهن هوءَ ست سال جي هئي ۽ کيس اجازت هئي تہ هوءَ پنهنجي پاڙيسري ۽ هن جي پٽ لوقس سان گڏ چرچ وڃي سگھي ٿِي۔ کيس گيت ٻڌي تمام سٺو لڳندو هو ۽ پادري جون ڳالهيون ٻڌڻ جڏهن هو ننڍڙي ٻار يسوع جي باري ۾ ٻڌائيندو هو۔ پر هوءَ لوقس سان گڏ بيهي نہ ٿي سگھي، اهو ڪاري وارن وارو لالچي ڇوڪرو۔ هو انيتا جي جنجربريڍ وارا بسڪيٽ گھري رهيو هو۔ پر انيتا کيس نہ ڏنا۔ بلڪل بہ نہ! ۽ پوءِ هوءَ جلدي سان برف مان هلندي واپس گھر هلي وئي۔ هوءَ ڪرسمس جي اچڻ واري شام جي انتظار ۾ هئي۔ پر جڏهن هن پنهنجي پيءُ جو اُداس چهرو ڏٺو، هوءَ حيران ٿي وئي۔
انيتا: ”ڇا ماءُ جي طبيعت خراب آهي؟“
پيءُ: ”ها انيتا، هوءَ تمام بيمار آهي، هوءَ تنهنجي پڇا ڪري رهي آهي۔“
خاموشي سان، انيتا پنهنجي بستري تي هلي وئي۔ هوءَ ڪڏهن بہ اهي لفظ نہ وساري سگھي جيڪي هن جِي ماءُ ڪمزور آواز ۾ هن کي چيا هئا:
ماءُ: ”انيتا مون وٽ تون لاءِ هڪ تحفو آهي۔ هي تنهنجو ننڍو ڀاءُ آهي۔ هن جي تمام گھڻي حفاظت ڪجان۔“
انيتا ٻار کي ورتو۔ هن جو ڇا مطلب آهي؟ بعد ۾ هُن جو پيءُ هن وٽ آيو۔
پيءُ: ”انيتا، تنهنجي ماءُ هاڻي اسان سان گڏ نہ آهي۔ هوءَ آسمان تي ڪرسمس ملهائي رهي آهي۔ هن کي خبر هئي تہ هوءَ مرڻ واري آهي ۽ ان ڪري هن توکي ننڍو ڀاءُ ڊيني ڏئي ڇڏيو۔“
انيتا روئيندي روئيندي پنهنجي پيءُ جي هٿن ۾ سمهي وئي۔ اهو تمام گھڻو اُداس ڪرسمس جو ڏينهن هو۔
انيتا ايتري گھري سوچ ۾ هئي جو کيس خبر ئي نہ پئي تہ ڏاڏِي ڪمري ۾ اچي وئي آهي۔
ڊيني: ”ڏاڏِي، ڇا توهان اسان کي آسمان جي بادشاهي جي باري ۾ ٻڌائي سگھو ٿا؟“
ڊيني کي تمام گھڻي خوشي ٿيندي هئي جڏهن ڏاڏِي اُن زبردست جڳهہ جي باري ۾ ٻڌائيندي هئي جتي روئڻ جو ڪو بہ تصور نہ آهي۔
پر انيتا جي دل ۾ اڃان تائين لوقس جو ئي خيال هو۔ يسوع لاءِ ڪا بہ جڳهہ نہ هئي۔ اها ئي ڳالهہ هئي جو سڀ ڪجھہ خراب ٿي ويو هو۔
توهان ايندڙ ڊرامي ۾ ٻڌي سگھو ٿا تہ پوءِ ڇا ٿيو۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، انيتا، ڊيني، پيءُ، ماءُ
ynamreG FEC :thgirypoC ©