STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 054 (Someone cries, the others smirk 2)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

45. ڪو روئي ٿو ۽ تون کلين ٿو 2


اترادي اسرائيل ۾ گھر کان ڏاڍو پري، ڏهہ ڀائر پنهنجي پيءُ جون رڍون سنڀالي رهيا هئا جيڪي چراگاهہ ۾ گاهہ چري رهيون هيون۔

(رڍن جي ميم ميم جي آواز)

انهن جو ننڍو ڀاءُ سان حسد رکڻ انهن کي ڀڙڪائي رهيو هو۔

پيهريون ڀاءُ: ”خواب ڏسندڙ يوسف اڄڪل ڇا ڪري رهيو آهي؟“

ٻيو ڀاءُ: ”خدا ان کي صاف صاف ٻڌايو آهي تہ هو هڪ مشهور ماڻھو ٿيندو۔ ۽ اسان کي ان کي سجدو ڪرڻو پوندو۔ هاها، مون اڄ تائين اهڙي مزاحيہ ڳالهہ ڪڏهن نہ ٻڌي آهي۔“

پيهريون ڀاءُ: ”مون کي اڃا تائين ان خوبصورت ڪڙتي جو ساڙ آهي جيڪو بابا ان کي ڏنو آهي۔“

ٻيو ڀاءُ: ”هل، ان باري ۾ ڳالهہ ڪرڻ بند ڪريون۔ ان سان پاڻ کي صرف مايوسي ٿئي ٿي۔ رڍن لاءِ سائو گاهہ وڌيڪ ضروري آهن۔“

گھر تي پيءِ پنهنجي پٽن بابت سوچي رهيو هو۔

پيءِ: ”يوسف، مون کي تنهنجي ڀائرن جي فڪر ٿي رهي آهي۔ ڇا اهي ٺيڪ ۽ محفوظ هوندا؟ ٿي سگھي ٿو تہ جھنگلي جانورن رڍن تي حملو ڪيو هجي۔ انهن وٽ وڃ ۽ ڏس تہ اهي ٺيڪ تہ آهن۔“

يوسف کي اهو پنج ڀيرا ٻڌائڻ جي ضرورت نہ هئي تہ ان کي ڇا ڪرڻو آهي۔ بنا ڪنهن انڪار جي ان جلدي سان ائين ئي ڪيو۔ يوسف کي تمام گھڻا ميل سفر ڪرڻو هو۔ ان جي ڀائرن ان کي پري کان ئي ڏسي ورتو۔

پيهريون ڀاءُ: ”ڏسو، اهو اچي رهيو آهي خواب ڏسندڙ۔ اڙي ڀائرو، هلو ان کي ماري ڇڏيون۔“

ٻيو ڀاءُ: ”ائين نہ ڪجو۔ ان کان چڱو آهي تہ ان کي کوھ ۾ اڇلي ڇڏيو۔“

روبن جيڪو سڀ کان وڏو ڀاءُ هو ان جو ضمير ان کي ملامت ڪرڻ لڳو۔ هو پنهنجي ڀاءُ کي بچائڻ چاهيندو هو۔ يوسف ويجھو پهتو۔ هن کي انهن جي خطرناڪ منصوبن بابت ڪجھہ بہ خبر نہ هئي۔

يوسف: ”توهان تي سلامتي هجي ڀائرو! توهان ڪيئن آهيو؟“

پيهريون ڀاءُ: ”تنهنجو هن ۾ ڇا۔ هينئر ئي پنهنجو ڪڙتو مون کي ڏي۔ ۽ پوءِ اسين توکي ڏيکارينداسين تہ کوھہ ۾ هيٺ کان مٿيون پاسون ڪئين نظر ايندو آهي۔“

يوسف: ”نہ! مون کي وڃڻ ڏيو! ڇا مون ڪڏهن ڪو غلط ڪم ڪيو آهي؟“ (ان کي هيٺ اڇلاڻ جي آواز)

سٺي ڳالهہ هي ٿِي کوھہ ۾ بلڪل بہ پاڻي موجود نہ هو۔ پر هو ايترو اونهو هو جو يوسف پاڻ چڙهي ان ۾ نہ نڪري سگھي۔

يوسف: ”بچايو! بچايو! مون کي هتان ٻاهر ڪڍو! مدد ڪريو! مان ٻاهر نڪرڻ چاهيان ٿو۔ ڇا توهان مون جي آواز ٻڌو ٿا؟ بچايو!“

ان جي ڀائرن منهن چاڙيو، ۽ ڇانوَ ۾ ويهي ڪجھہ کاڌو پيتو۔ اوچتو اٺن جو قافلو اتي اچي پهتو۔ واپاري پنهنجو مال کڻي مصر وڃي رهيا هئا۔

پيهريون ڀاءُ: ”منهنجي ذهن ۾ هڪ خيال آيو آهي۔ هلو يوسف کي وڪڻي ڇڏيون۔“

ٻيو ڀاءُ: ”زبردست خيال آهي، يهودا۔ پوءِ اسان کي ان مان ڇوٽڪارو ملي ويندو، ۽ پيسا پاڻ ۾ ورهائي وٺنداسين۔“

سودو ٿي ويو۔ يوسف جي ڀائرن ان کي چانديءَ جي ويھن سڪن ۾ ٻئي ملڪ ۾ غلام ٿيڻ لاءِ وڪڻي ڇڏيو۔ انهن ان جو خوبصورت ڪڙتو سنڀالي رکيو ۽ ان کي واپس پاڻ سان آندائين تہ جيئن پيءُ کي ڏيکاري سگھن۔ ان تي رت لڳل هو۔

پيهريون ڀاءُ: ”بابا، اسان کي هي مليو آهي۔ ڇا هي يوسف جو ڪڙتو نہ آهي؟“

پيءِ: ”ها، ڪنهن جھنگلي جانور ان کي ڦاڙي ڇڏيو هوندو۔ هو مري ويو آهي! منهنجو پٽ يوسف مري ويو آهي!“

انهن پنهنجو گناھہ ڪوڙ جي مدد سان لڪايو ۽ انهن جي پيءِ انهن تي يقين ڪيو۔

انهن جي دلين مان صرف برائي ٻاهر آئي۔ پر يوسف لاءِ خدا ان کي ڀلائي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو۔

مون کي هي خيال اچي رهيو آهي تہ ايندڙ ڊرامي ۾ هن ڪهاڻي ۾ ڇا ٿيندو۔ ڇا توهان کي بہ هي خيال اچي رهيو آهي؟


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ٻہ ڀاءُ، يوسف، پيءِ

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 28, 2025, at 04:49 PM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)