STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 055 (Innocent in jail 3)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

55. بيگناهہ جيل ۾ 3


قيد خاني جي ڪمري جو دروازو زور سان بند ٿيو۔ سپاهي دروازي کي تالو هنيو ۽ هليو ويو۔ يوسف سلاخن جي پويان ويهي رهيو۔ ڪا غلطي نہ ڪئي! هن ڪم تہ ٺيڪ ڪيو هو پر ان جي ڪري هو قيد ۾ ويٺو هو۔ ڇا توهان اهو سمجھي سگھو ٿا؟

يوسف سوچيو ۽ سوچيندو رهيو۔

(پس منظر ۾ گيت جڏهن هو سوچ رهيو هجي)

پنهنجي دماغ جي اک سان هن پنهنجن ڀائرن کي ڏٺو۔ تمام گھڻا سال ٿي چڪا هئا جو انهن يوسف کي ڪنهن جي هٿ مصر ۾ وڪڻي ڇڏيو هو۔ انهن ان سان نفرت ڪئي، صرف ان ڪري ڇاڪاڻ تہ خدا چيو هو تہ هو يوسف کي هڪ وڏو حڪمران بڻائيندو۔

اهرام مصر ۽ فرعونن جي سر زمين ۾، فوطيفار ان کي غلام ٺاهي وٺي آيو۔ يوسف پنهنجو ڪم ٺيڪ طرح ڪندو هو۔ فرعون جو آفيسر حيران ٿيو؛ ان کان پيهرين ان کي ايترو سٺو نوڪر ڪڏهن نہ مليو هو۔ يوسف جيڪو بہ ڪم ڪندو ان ۾ ڪامياب ٿيندو هو۔ ڪڏهن ڪو ڪم غلط نہ ٿيو۔ ڇا مان توهان کي راز جي ڳالهہ ٻڌايان؟ خدا ان سان گڏ هو ۽ ان جي مدد ڪندو هو۔

فوطيفار ان کي پنهنجي گھر جو سمورو اختيار ڏئي ڇڏيو ۽ پُوري ٻني بہ سنڀالڻ لاءِ ان کي ڏني۔ يوسف اعتبار جي لائق هو ۽ هو ڏاڍو سهڻو ۽ خوبصورت بہ هو۔ فوطيفار جي زال کي هو سٺو لڳندو هو ۽ هوءَ چاهيندي هئي تہ يوسف ان سان مڙس وانگر رهي۔

ڇا هيٺ ٺيڪ آهي؟ خدا جو حڪم هي آهي: تون زنا نہ ڪر۔ هي قانون اڄ بہ موجود آهي جيئن پيهرين هو۔ يوسف خدا جي ٻڌي ۽ پنهنجي پاڻ کي انهي برائي کان بچائي رکيو۔

هڪ ڏينهن فوطيفار جي زال يوسف کي وري آزمايو۔

توهان ڇا ڪندا جڏهن ڪو توهان کي آزمائش ۾ وجھي غلط ڪم ڪرڻ لاءِ چوي؟ يوسف وانگر ٿي وڃو: هو گناھہ ڪرڻ جي بدران ڀڄي ويو۔ هن عورت ان جي ڪپڙن کي جھلي ورتو ۽ قابو ڪيائين، پر يوسف پوءِ بہ پنهنجي پاڻ کي ڇڏائي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڀڄي ويو۔ هن پنهنجي مالڪ جي زال سان گناھہ نہ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو۔ پر هوءَ عورت پريشان ٿي ۽ يوسف تي الزام لڳائڻ جو طريقو سوچڻ لڳي۔

جڏهن هن عورت جو مڙس ڪم کان واپس وريو تہ هن پنهنجي مڙس کي ٻڌايو تہ يوسف ان جي ڪمري ۾ آيو هو ۽ تنهنجي جاءِ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي۔ جڏهن ان شور ڪيو تہ يوسف ڀڄي ويو ۽ پنهنجا ڪپڙا ڇڏي ويو۔ هي عورت جو ثبوت هو۔

فوطيفار ان جي ڪوڙ تي يقين ڪيو ۽ هن کي يوسف تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي۔ هن انهي وقت يوسف کي قيد ۾ وجھي ڇڏيو۔

پر خدا قيد ۾ بہ يوسف سان گڏ هو، ۽ ان لاءِ هي ڪهاڻي اڃان ختم نہ ٿي آهي۔ خدا وٽ يوسف لاءِ اڃا بہ منصوبہ هئا، جيتوڻيڪ هو ان وقت هي ڏسي نہ سگھيو۔

اڳين ڊرامي ۾، يوسف جي ڪهاڻي جاري رهندي۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 28, 2025, at 04:55 PM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)