STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 023 (Peter starts again 8)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

32. پطرس ٻيهر شروع ڪري ٿو 8


ڇوڪرو: ”پطرس کي ڇا ٿي ويو آهي؟“

ڇوڪري: ”اڄ هو تمام فرق لڳي رهيو آهي۔“

ڇوڪرو: ”هو اڳ وانڳر اڄ مزاق بہ نہ ڪري رهيو آهي۔“

ڇوڪري: ”۽ هو ايترو خاموش آهي۔“

پطرس ڏاڍو غمگين ۽ اداس لڳي رهيو هو۔ هن هڪ ٿيلو ڪلهي تي کنيو، هڪ اڻ ڏٺل، ڳرو ٿيلو۔ ان ۾ ڇا ٿي سگهي ٿو؟ پطرس ڪڏهن بہ ان جي باري ۾ ڳالهہ نہ ڪندو هو۔

هڪ عجيب ڳالهہ هي هئي تہ جڏهن بہ هو سنڍي اسڪول ۾ هوندو هو، تڏهن هن کي پنهنجي ٿيلي جو وزن وڌيڪ محسوس ٿيندو هو۔ پطرس کي خبر هئي تہ جيستائين هن ٿيلي جو وزن هن جي ڪلهن تي رهندو تيستائين خدا هن سان خوش نہ ٿيندو۔ هو انهي سوچ ۾ پنهنجي گھر هليو ويو۔ هن ڪي اڪيلو رهڻو هو، هو سڌو پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو۔

هو رڳو انهي سوچ ۾ هو جيڪا وزن هو پنهنجي ڪلهن تي وٺي گھمي رهيوهو:

   •	اهي شيون جيڪي هن دڪان مان چوري ڪيون هيون۔

   •	اهي پيسا جيڪي هن پنهنجي ماءُ جي پرس مان چوري ڪيا هئا۔

   •	 ڪوڙ ۽ گندو مزاق جنهن سان هو ماڻهن کي کلائيندو هو۔

پطرس کي خبر هئي تہ ائين سدائين نہ هلندو، هن کي خبر هئي تہ بائبل جي ڪهاڻيون آهن ان موجب يسوع سڀ ڪجهہ نئون ڪري سگهي ٿو۔ هڪ نئون آغاز جيڪا پطرس چاهيندو هو، انهي ڪري هن هڪ اهڙو ڪم ڪيو جيڪو هن ڪڏهن بہ نہ ڪيو هو: هن دعا ڪئي۔ پطرس ڏاڍي ايمانداريءَ سان يسوع سان ڳالهہ ڪئي ۽ هن کي ٻڌايو تہ هو هر شيءِ لاءِ ڪيترو شرمسار آهي۔

هن ان سان ڳالهہ ڪئي جنهن کي اسان ڏسي نٿا سگھون پر جيڪو هميشہ اسان سان گڏ آهي ۽ هميشہ اسان جي ٻڌي ٿو۔

پطرس: ”خداوند يسوع، آئون شڪر ٿو ڪريان تہ توهان مون سان پيار ڪريو ٿا جڏهن تہ توهان مون بابت سڀ ڪجهہ ڄاڻو ٿا۔ مهرباني ڪري مون کي منهنجي ڪوڙ ۽ منهنجي چوري ۽ منهنجن گندن لفظن لاءِ معاف ڪريو۔ منهنجو دل صاف ڪريو ۽ منهنجي زندگيءَ ۾ اچو ۽ منهنجا مالڪ ٿي وڃو۔ آمين۔“

دعا ڪرڻ کانپوءِ، پطرس تمام گهڻو آرام محسوس ڪيو، ڇو تہ يسوع اهڙين دعائن جو جواب جلدي ڏيندو آهي۔ هن خوشيءَ سان چيو:

پطرس: ”مهرباني، خداوند يسوع، توهان مون کي معاف ڪيو ۽ هاڻي توهان هميشہ مون سان گڏ رهندا۔“

ماڻهن محسوس ڪيو تہ پطرس بدلجي ويو آهي۔ هن ماڻهن کي اداس رهڻ جو سبب ٻڌايو، جيتوڻيڪ انهن مان ڪجهہ ماڻهن هن تي مذاق ڪيو ۽ هن جي گالهين کي سمجھي نہ سگھيا۔

ڇا هڪ ڳرو ٿيلو توهان کي بہ دٻائي رهيو آهي؟

مان نٿي ڄاڻان تہ توهان جي ٿيلي ۾ ڇا آهي، پر مان اهو ضرور ڄاڻان ٿي تہ توهان هر ڳالهہ يسوع کي ٻڌائي سگھو ٿا۔ توهان بہ پطرس وانڳر ڪريو!

جيڪڏهن توهان ائين ڪرڻ چاهيو ٿا، تہ مون کي توهان کان هي ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿيندي۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، 2 ٻار، پطرس

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 28, 2025, at 08:22 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)