Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 152 (Pass it on 2)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
251. اڳتي وڌايو 2
نہ، انهن چار ڪوڙهين کي بلڪل بہ اها اميد نہ هئي جڏهن اهي لڪي دشمنن جي تنبُو تائين پهتا، اهي بکيا ۽ بيمار هئا۔
پهريون ڪوڙهي: ”ڇا مونکي صاف نظر اچي رهيو آهي؟ هي سچ نٿو ٿي سگھي!“
ٻيو ڪوڙهي: ”پر ها! تنبُو بلڪل خالي آهي! دشمن وڃي چڪا آهن!“
پهريون ڪوڙهي: ”ٿي سگھي ٿو تہ اهو ڪو چال هجي۔“
پر هي ڪو بہ چال نہ هئي۔ آرامي ماڻهو جن سامريا جي شهر کي ايتري وقت کان گھيري ۾ رکيو هو ۽ جن اسرائيلي ماڻهن کي بکيا رکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، اهي هاڻي نظر نہ پئي آيا۔
انهن کي ڪير وٺي ويو؟
بائبل اسان کي هي راز ٻڌائي ٿي: زندہ خدا انهن کي هڪ وڏي فوج جو شور ٻڌايو۔ ۽ ڇاڪاڻ تہ انهن سوچيو تہ اسرائيلي ماڻهن ٻين فوجن کي پاڻ سان گڏ مِلايو آهي، تہ انهن جلدي ۾ هر شيءِ ڇڏي ڏني ۽ جيترو جلدي ٿي سگھيو ڀڄي ويا۔
جڏهن سج لهڻ وارو هو تہ خدا هي معجزو ڪيو، بلڪل ان وقت جڏهن چار ڪوڙهي پاڻ کي دشمنن حوالي ڪرڻ وڃي رهيا هئا۔
اهي تہ موت جي اميد ڪري رهيا هئا پر ان جي بدران انهن کي زندگي ملي۔
پهريون ڪوڙهي: ”ايترو گھڻو کاڌو! مونکي تہ اڃا بہ يقين نٿو اچي۔“
ٻيو ڪوڙهي: ”ڇا انعام مليو آهي! ڏسو! ڪپڙا، سون ۽ چاندي۔“
انهن کاڌو ۽ پيتو، ڄڻ تہ خواب ۾ تنبُو تائين پهتا هجن۔
پهريون ڪوڙهي: ”هي جيڪو اسان ڪري رهيا آهيون اهو صحيح نہ آهي۔ اسان صرف پنهنجي باري ۾ نٿا سوچي سگھون۔ اسان کي وڃي شهر ۾ موجود ماڻهن کي بہ هي خوشخبري ٻڌائڻي پوندي۔
جيڪڏهن اسان خاموش رهياسين تہ ٻيا ماڻهو بک ۾ مري ويندا۔ ۽ پوءِ اسان انهن جي مرڻ جو ذميوار پاڻ کي سمجھنداسون۔“
پهرين تہ بادشاهہ کي لڳو تہ هي خبر دشمنن جي ڪا چال ٿي سگھي ٿي۔ پر سڀ ماڻهو ٽولن ۾ شهر کان ٻاهر نڪتا ۽ ڏٺو تہ هي سچ آهي، ۽ آرامين جي تنبُو تي ٽٽي پيا۔ اهو آفيسر جنهن خدا جو مذاق اڏايو هو، هو شهر جي دروازي تي ماڻهن جي پيرن هيٺان ڪچلجي مرِي ويو۔
سڀ ڪجھہ بلڪل ائين ئي ٿيو جيئن خدا چيو هو۔
ڪجھہ ماڻهن خوشخبري اڳتي پهچائي۔ جنهن جنهن ان تي يقين ڪيو اهو زندہ بچي ويو۔ هي ڪيتري سٺي ڳالهہ آهي جو هڪ ماڻهو خاموش نہ رهيو۔
مونکي ياد اچي رهيو آهي تہ يسوع هڪ ڀيرو ڇا چيو هو: مان زندہ آهيان ۽ توهان کي بہ زندہ رهڻو پوندو۔
هو چاهي ٿو تہ ماڻهو زندہ رهن۔ رڳو زندہ نہ پر، هميشہ لاءِ زندہ رهن۔
ڪيترا ئي ماڻهو اڃا تائين اهو نٿا ڄاڻن۔ تنهنڪري مان يسوع جي باري ۾ خوشخبري کي اڳتي پهچائڻ چاهيان ٿي۔
ڇا توهان بہ ائين ڪرڻ چاهيو ٿا؟
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، پهريون ڪوڙهي، ٻيو ڪوڙهي
ynamreG FEC :thgirypoC ©