STORIES for CHILDREN by Sister Farida(www.wol-children.net) |
|
Home عربي |
Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 163 (Secret in the Wilden woods 1) This page in: -- Albanian -- Arabic? -- Armenian -- Aymara -- Azeri -- Bengali -- Bulgarian -- Cebuano -- Chinese -- English -- Farsi -- French -- Fulfulde -- German -- Greek -- Guarani -- Hebrew -- Hindi -- Indonesian -- Italian -- Japanese -- Kazakh -- Korean -- Kyrgyz -- Macedonian -- Malagasy -- Malayalam? -- Platt (Low German) -- Portuguese -- Punjabi -- Quechua -- Romanian -- Russian -- Serbian -- SINDHI -- Slovene -- Spanish-AM -- Spanish-ES -- Swedish -- Swiss German? -- Tamil -- Turkish -- Ukrainian -- Urdu -- Uzbek
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو 361. ويلڊن جنگل جو راز 1روٿ کي مارگريٽ مامِي تي تمام گھڻي ڪاوڙ هئي۔ رڳو ان ڪري جو روٿ خراب سلوڪ ڪيو هو، ان جي سزا اها هئي تہ هوءَ بنا رات جي مانيءَ جي سمهي وڃي۔ فلپ خاموشيءَ سان ان جي ڪمري ۾ آيو۔ فلپ: ”روٿ هي تون لاءِ آھي۔ مون ان کي چپ چاپ پنھنجي کيسي ۾ لڪائي رکيو هو۔“ روٿ کي تمام گھڻي بک لڳي هئي، تہ هن سينڊوچ مان هڪ گرهہ کنيو۔ روٿ (ڀريل وات سان): ”فلپ، مان سٺي ٿيڻ چاهيان ٿي۔ مان ڇو نٿي ٿي سگھان؟“ فلپ: ”مان نٿو ڄاڻان۔ توکي گھرجي تہ تون تمام گھڻو اداس نہ ٿيندي وڃ، ڇاڪاڻ تہ پوءِ تون ايتري نفرت سان ڀريل ڳالهيون نہ ڪري سگھندين۔ هي تہ مارگريٽ مامِي جي ڀلائِي آهي تہ هن اسان کي هتي اچي رهڻ ڏنو ڇاڪاڻ تہ اسان جا والدين تہ ڀارت ۾ مشنري بڻجي هليا ويا آهن۔“ روٿ هڪ وڏو ساهہ کنيو ۽ اڌ سينڊوچ پنهنجي وات ۾ وڌو۔ اچانڪ هنن کي مارگريٽ مامِي جي قدمن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو۔ فلپ پنهنجي ڪمري ڏانهن ڊوڙيو ۽ پنهنجي بستر تي عام ڪپڙن سان گڏ سمهي پيو۔ مارگريٽ مامِي: ”شب بخير، فلپ، شب بخير، روٿ۔“ فلپ: ”شب بخير، مارگريٽ مامِي۔“ روٿ ائين ڏيکاريو جيئن هوءَ سمهي رهي هئي۔ اڳين صبح، فلپ پنهنجي موڪلن لاءِ منصوبا ٺاهيا۔ فلپ: ”اسان جھنگل جي وڻن ۾ شيون دريافت ڪنداسين۔ ٿي سگھي ٿو اڄ پکين جي آنن مان ٻچڙا نڪريا هجن۔ اسان هڪ جُوڳِي ٺاهينداسين، هڪ اصلِي قدرتي تحقيق جو مرڪز۔“ روٿ جوش ۾ هئي۔ ٻئي ٻارڙا ڊوڙندي هڪ ننڍڙي رستي کان جھنگل ۾ هليا ويا۔ روٿ بيهي رهي ۽ ٽينر صاحب جون رڍون ڏسي رهي هئي۔ هڪ ننڍڙي رڍ ان جي ويجھو آئي ۽ ان جي هٿ کي چٽڻ لڳي۔ ان جا والدين نہ هئا ان ڪري اها اڪثر ڀڄي ويندي هئي۔ فلپ: ”هل روٿ، اسان وٽ وڌيڪ وقت ناهي۔“ هنن پنهنجي جُوڳِي لاءِ بهترين جاءِ ڳولي لڌي۔ روٿ ٽاريون گڏ ڪيون ۽ فلپ انهن جي مدد سان جُوڳِي ٺاهي۔ هو هر روز پنهنجي ان خفيہ جاءِ تي ايندا هئا۔ هڪ دفعي، روٿ کي گھر تي رهڻو پيو ۽ ڌوتل ڪپڙن کي سُڪائڻو هو۔ هن کي اهو ڪم بلڪل بہ پسند نہ هو۔ ڪاوڙ ۾، هن صاف ڪپڙن کي مٽيءَ ۾ ڪيرائي ڇڏيو۔ مارگريٽ مامِي: ”ڇا تون ڌيان سان نٿِي ڪري سگھين؟ پنهنجي اِن حرڪت لاءِ معافي گھُر۔“ روٿ: ”پر مان معافي نٿي گھرڻ چاهيان! توهان تمام مطلبي آهيو مارگريٽ مامِي۔“ مارگريٽ مامِي: ”روٿ، مان وڏي عرصي کان هن باري ۾ سوچي رهي آهيان۔ مان توکي هاسٽل ۾ موڪليندس۔“ روٿ: ”تہ پوءِ مان ڀڄي وينديس۔“ (زور سان دروازو بند ڪرڻ جي آواز) روٿ ڪاوڙ ۾ ڀڄِي وئي۔ تمام پري۔ ڪٿي؟ هن کي پاڻ بہ خبر نہ هئي تہ هوءَ ڪٿي اچي وئي آهي۔ پر مارگريٽ مامِي جا لفظ کيس بار بار ياد ايندا رهيا۔ (گونجندڙ ۽ مدھم ٿيندڙ آواز): ’مان توکي هاسٽل ۾ موڪليندس۔ تہ پوءِ مان ڀڄي وينديس۔ مان توکي رهائشي اسڪول ۾ موڪليندس۔ تہ پوءِ مان ڀڄي وينديس‘۔۔۔۔۔۔۔ اڳين ڊرامي ۾ توهان ٻڌندؤ تہ هن جي ڀڄڻ جو انجام ڇا ٿيو۔ ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، فلپ، روٿ، مارگريٽ مامِي ynamreG FEC :thgirypoC © |