STORIES for CHILDREN by Sister Farida(www.wol-children.net) |
|
Home عربي |
Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 142 (Doomed man 3) This page in: -- Albanian -- Arabic? -- Armenian -- Aymara -- Azeri -- Bengali -- Bulgarian -- Cebuano -- Chinese -- English -- Farsi -- French -- Fulfulde -- German -- Greek -- Guarani -- Hebrew -- Hindi -- Indonesian -- Italian -- Japanese -- Kazakh -- Korean -- Kyrgyz -- Macedonian -- Malagasy -- Malayalam? -- Platt (Low German) -- Portuguese -- Punjabi -- Quechua -- Romanian -- Russian -- Serbian -- SINDHI -- Slovene -- Spanish-AM -- Spanish-ES -- Swedish -- Swiss German? -- Tamil -- Turkish -- Ukrainian -- Urdu -- Uzbek
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو 241. سزا ماڻيندڙ ماڻهو 3ڊاڪٽر: ”توهان جي حالت تمام خراب لڳي رهي آهي! پنهنجو وصيت لکڻ شروع ڪريو۔ توهان گھڻو وقت زندہ نہ رهندا۔“ هدسن ٽيلر: ”مان زندہ رهندس! مان گھڻي وقت تائين زندہ رهندس۔ خدا وٽ منهنجي لاءِ ڪم آهي چين ۾۔ خير، جيڪڏهن مان مري بہ وڃان تہ بہ مان يسوع سان گڏ رهندس، ۽ مونکي ان جو انتظار رهندو۔“ هدسن ٽيلر هڪ شخص جي لاش مان بيمار ٿيو هو جيڪو تمام خوفناڪ بخار ۾ مري ويو هو۔ ڪنهن کي بہ لڳي نہ رهيو هو تہ هدسن بچي سگھندو۔ پر يسوع هن جي حفاظت ڪئي۔ هدسن پنهنجي دوائن جي تعليم جاري رکي، ڇو تہ سندس مشنري ڪم لاءِ چين ۾ ان جي ضرورت هئي۔ 91 سيپٽمبر، 3581۔ هو هڪ ٻيڙيءَ تي روانو ٿيو جنهن جو نالو هو ”ڊم فرائز“، ۽ هو سمنڊ پار ڪري انگلينڊ کان چين روانو ٿي ويو۔ جڏهن هڪ تمام خراب طوفان آيو تہ هنن ٻيڙيءَ کي محفوظ جڳهہ تي کڻي وڃڻ چاهيو۔ ڇولين مان لڳي رهيو هو تہ ٻيڙي ۽ ٻيڙيءَ تي موجود سڀ ماڻهو ٻڏي ويندا۔ پر زورآور يسوع هنن جي حفاظت ڪئي، ۽ هنن کي ٻڏڻ نہ ڏنا۔ ٻي دفع ائين ٿيو تہ هوا بلڪل بند ٿي وئي۔ بادبان بلڪل لٽڪجي ويا۔ ساڳي وقت هڪ تيز ڇولِي هن ٻيڙيءَ کي ڌڪي هڪ پٿريلي ڪناري ۾ وڃي ڦاسائي ڇڏيو۔ ڪپتان هار مڃي ڇڏي۔ ڪپتان: ”هي اسان جي پڇاڙي آهي۔ هاڻ اسان وٽ ڪو ٻيو رستو ناهي۔“ هدسن ٽيلر: ”آهي، هڪ ڪم پاڻ ڪري سگھون ٿا۔“ ڪپتان: ”اهو ڇا؟“ هدسن ٽيلر: ”پاڻ دعا ڪري سگھون ٿا ۽ خدا کان درخواست ڪري سگھون ٿا تہ هو هوا موڪلي۔“ هدسن ٽيلر دعا ڪئي ۽ کيس يقين هو تہ خدا انهن جي مدد ضرور ڪندو۔ هدسن ٽيلر: ”وڏي بادبان کي ڇڏي ڏيو!“ ڪپتان: ”هي ڇا بيوقوفي آهي؟“ هدسن ٽيلر: ”خدا ضرور هوا موڪليندو۔“ ڪپتان: ”هي تمام مزاق وارِي ڳالهہ آهي۔ مان ان وقت يقين ڪندس جڏهن اها ٿيندو ڏسندس۔“ يسوع پنهنجو بچائيندڙ هٿ ”ڊم فرائز“ ٻيڙيءَ جي طرف وڌايو۔ هو شنگھائي جي مقام تي وڃي پهتا ۽ لنگر ڦٽا ڪري ڇڏيا۔ هدسن خوشيءَ سان نعرا هنيا جڏهن هن چين جي زمين تي قدم رکيو۔ هتي هو چيني ماڻهن کي ان بچائيندڙ جي باري ۾ ٻڌائڻ چاهيندو هو۔ تنهنڪري هن انهن جي ٻولي سکي هئي۔ هي هڪ مشڪل ڪم هو۔ اڪثر هن زبان تمام ٿڪجي ويندي هئي۔ هدسن ٽيلر: ”سِررجيسو او، زاتشينگ، تشينگ ڪاؤ سو او۔“ هي سڀ ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ڪيترائي چيني ان انتظار ۾ هئا تہ ڪو اچي ۽ انهن کي يسوع جي باري ۾ ٻڌائي۔ پر هن کي ۽ سندس ساٿين کي هر جاءِ تي خوشيءَ سان قبول نہ ڪيو ويو۔ عورت: ”تونگشو نہ وڃو۔ اتي جا ماڻهو بُرا آهن۔ اهي توهان کي ماري ڇڏيندا يا وري قيد ۾ وجھندا۔“ هدسن ٽيلر: ”جيڪڏهن ماڻهو بُرا آهن، تہ اسان کي اتي ضرور وڃڻ گھرجي۔ انهن کي يسوع جي ضرورت آهي۔“ (هجوم جو آواز) ڪجھہ ٿي رهيو هو! مان ايندڙ ڊرامي ۾ توهان کي هن سڀ جي باري ۾ ٻڌائيندس۔ ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ڊاڪٽر، هدسن ٽيلر، ڪپتان، عورت ynamreG FEC :thgirypoC © |