Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 116 (Bill's special Christmas tree)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

611. بِل جو خاص ڪرسمس ٽرِي


بِل: ”هِي تہ غضب ٿي ويو! سڀ ڪرسمس ٽري وڪامي چڪا آهن۔ امان، توهان ايترو انتظار ڪيو۔“

ماءُ: ”خير، منهنجو خيال آهي تہ جيڪڏهن اسين ان کي بعد ۾ خريد ڪريون، تہ ڪرسمس ٽري سستو ملي ويندو۔ تون ڄاڻين ٿو تہ اسان وٽ وڌيڪ پئسا بہ ناهن۔“

بِل: ”روزي ڪل دعا ڪئي هئي ڪرسمس ٽري لاءِ۔ هوءَ تمام گھڻي اداس ٿي ويندي، ۽ ٻيون ڇوڪريون بہ۔“

بِل کي پنهنجي پيءُ جو خيال آيو۔ جڏهن هو زندہ هو تہ هو هر سال پهرين ئي ڪرسمس ٽري وٺي ايندا هئا۔ انهن جي بغير هر شيءِ ۾ تمام فرق آهي۔

ماءُ: ”بِل، اهو ڏس اُتي هڪ ملي رهيو آهي۔ سلام، مان هي ڪرسمس ٽري وٺڻ چاهيان ٿِي، مهرباني ڪريو۔“

مرد: ”مان اهو نٿو وڪڻا۔ هي منهنجي ٻارن لاءِ آهي۔ جيڪڏهن مان هي ڪرسمس ٽري اڄ گھر نہ کڻي ويان تہ هو تمام گھڻا اداس ٿيندا۔ ڪرسمس مبارڪ!“

اهو مرد هليو ويو۔ بِل ۽ سندس ماءُ صنوبر جي وڻ جيون ٽاريون گڏ ڪيون جيڪي زمين تي پيل هيون ۽ انهن کي گھر کڻي ويا۔ چار اداس ڇوڪريون دروازي تي سامهون آيون۔

ڇوڪرِي: ”ڇا توهان ڪرسمس ٽري آندو آهي؟“

ماءُ: ”نہ۔ مون کي معاف ڪجو۔“

خاموشيءَ سان هو سڀ ميز جي چوڌاري شام جو کاڌو کائڻ ويٺا۔ روزي جي واري هئي تہ هو دعا ڪري۔

روزي: ”پيارا خُداوند يسوع، مون تو کان درخواست ڪئي هئي تہ اسان کي ڪرسمس ٽري ڏي۔ ڇا تو منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي؟ پر هاڻ ان جي ضرورت نہ آهي۔ هاڻ تمام گھڻي دير ٿي چڪي آهي۔ اسان کي کاڌو ڏيڻ لاءِ تنهنجو شڪر۔ آمين۔“

بعد ۾ جڏهن ڇوڪريون سمهڻ ويون، تہ بِل کي هڪ خيال آيو۔ هن وڏي محنت سان پنهنجي چاقو جي مدد سان ٻوهاري جي تِيلين کي ڇِلي، صنوبر جي ٽارين کي تار جي مدد سان ان ۾ جوڙي ڇڏيو۔ هن ان کي واري سان ڀريل بالٽي ۾ رکي ڇڏيو تہ جيئن اهو بيهي سگھي۔ ۽ پوءِ هن ان جي چوڌاري ڀوري رنگ جو ڪاغذ ويڙهي ڇڏيو۔

ماءُ: ”بِل، ڪرسمس ٽري تمام پياري لڳي رهي آهي! تو هن کي تمام سٺو ٺاهيو آهي۔ مان سجاوٽ جو سامان کڻي ٿي اچان ۽ مٿي رکڻ لاءِ فرشتو بہ۔ ڇوڪريون تہ حيران ٿِي وينديون۔“

روزي سڀني کان وڌيڪ خوش هئي۔

روزي: ”بِل، هي انهن سڀني کان وڌيڪ خوبصورت ڪرسمس ٽري آهي جيڪي اڄ تائين اسان کي ملي آهن۔ يسوع منهنجي دعا جو جواب ڏئي ڇڏيو۔“

خوشيءَ سان، هو پنهنجي ماءُ جي اڳيان ويهي رهيون جڏهن هوءَ اونچي آواز ۾ ڪرسمس جي ڪهاڻي پڙهي رهي هئي۔

(صفحا ورائڻ جي آواز)

ماءُ: ”۽ مريم جو پهريون پٽ پيدا ٿيو ۽ هن ان کي ڪپڙن ۾ ويڙهي ۽ آهر ۾ رکيو۔“

۽ ماءُ مسيح جي صليب تي چڙهڻ جي ڪهاڻي ڇو پڙهي؟

ماءُ: ”خُداوند يسوع جي صليب بہ اصل ۾ هڪ وڻ ئي هو۔ اهڙو وڻ جيڪو ڪرسمس ٽري کان بہ وڌيڪ قيمتي هو۔ آهر ۽ صليب جو هڪ ٻئي سان تعلق آهي۔ خُداوند يسوع زمين تي آيو تہ جيئن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏئي سگھي۔ صليب جي بغير ڪرسمس جو ڪو مطلب ئي نہ آهي۔“


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، بِل، ماءُ، مرد، ڇوڪرِي، روزِي

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 31, 2025, at 09:32 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)