Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 085 (The fiery oven miracle 3)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

58. باهہ جي کوري جو معجزو 3


وڏي مورتي تيار ٿي چڪي هئي۔ 9 فوٽ ويڪرو ۽ 001 فوٽ ڊگھو۔ ڪو بہ اُن کي ڏسڻ بنا رهي نہ ٿو سگھي!

بادشاهہ جو پيغام ڏيندڙ: ”ٻڌو! بادشاهہ جو پيغام سڀني لاءِ آهي۔ جڏهن توهان ساز وڄندي ٻڌو، تہ توهان سڀ کي هيٺ جھُڪڻو پوندو ۽ سون جي مُورت جي عبادت ڪرڻي پوندي جيڪا نبوڪدنضر بادشاهہ ٺهرائي آهي۔ پر جيڪو بہ ان جي اڳيان نہ جھُڪندو ۽ ان جي عبادت نہ ڪندو ان کي باهہ جي ڀڙڪندڙ خطرناڪ کوري ۾ اُڇلايو ويندو۔“

ڪو بہ سوال ناهي: هر ڪنهن کي ان مُورت وٽ اچڻو هو۔ خاموشي سان ٽي ماڻهو هڪ پاسي بيٺل رهيا۔ اهي ان حڪم بابت نہ ڊنا۔ تمام سال اڳ انهن کي پڪڙيو ويو هو ۽ انهن کي انهن جي گھر اسرائيل کان بابل آندو ويو هو۔ انهن پنهنجو گھر وڃائي ڇڏيو هو، پر انهن خُداوند تان پنهنجو ايمان نہ وڃايو هو۔

۽ انهن کي خبر هئي تہ بادشاهہ جو حڪم تمام پري پري تائين مڃيو وڃي ٿو۔ هڪ بُت جي عبادت۔ ڪڏهن بہ نہ!

(ساز جي آواز) هر ڪنهن سجدہ ڪيو ۽ مورتي جي پوڄا ڪئي۔

انهن ٽن دوستن کان علاوہ۔ انهي ڪري باقي سڀ جو ڌيان انهن ڏانهن ويو۔

الزام هڻڻ وارو: ”بادشاهہ، توهان حڪم ڏنو آهي تہ هر ڪنهن لاءِ لازم آهي تہ سون جي مُورت جي عبادت ڪن۔ ٽي يهودي توهان جي حڪم جي تعميل نہ ڪري رهيا هئا۔“

بادشاهہ: ”ڇا؟ اهي منهنجو حڪم نہ مڃي رهيا آهن؟ انهن کي جلدِي مون سامهون آڻي اچو۔“

(داني ايل جي دوستن کي بادشاهہ وٽ آندو ويو)

بادشاهہ: ”ڇا هي سچ آهي تہ توهان سون جي مُورت کي سجدو نہ پيا ڪريو؟ مان توهان کي هڪ ٻيو موقعو ڏيان ٿو۔ جيڪڏهن پوءِ بہ توهان انڪار ڪيو، تہ توهان کي ان وقت ئي باهہ جي ڀڙڪندڙ کوري ۾ اُڇلايو ويندو۔ هي نہ سوچجو تہ پوءِ توهان جو خُدا توهان کي بچائي وٺندو۔“

توهان لاءِ ان حالت ۾ ڇا ضروري هوندو؟ توهان جي زندگي يا پوءِ خُدا سان وفاداري؟ انهن ٽن دوستن کي جواب ڏيڻ لاءِ گھڻو سوچڻ جي ضرورت نہ هئي۔

داني ايل جو دوست: ”جيڪڏهن اسان جو خُدا چاهي تہ هو اسان کي باهہ جي ڀڙڪندڙ کوري مان بہ بچائي سگھي ٿو۔ پر جيڪڏهن هو ائين نہ بہ چاهي، تڏهن بہ اسان هن سان وفادار رهنداسين۔ اسان هڪ بُت کي ڪڏهن سجدو نہ ڪنداسين۔“

اهي ماڻهو سڀ شين کان وڌيڪ خُدا سان محبت ڪندا هئا۔ نبوڪدنضر ڪاوڙ سان ڀرجي ويو۔

بادشاهہ: ”کوري کي ست دفعا وڌيڪ گرم ڪريو ۽ انهن کي ان ۾ اُڇلايو۔“

پوءِ انهن کي باهہ جي ڀڙڪندڙ کوري ۾ اُڇلايو ڏنو۔ اها تمام گھڻو گرم هو ايتري قدر جو جن سپاهين انهن کي اندر اُڇلايو هو اهي بہ سڙي ويا ۽ ڪري پيا گرمي جي ڪري۔

بادشاهہ باهہ کي ڏسندو رهيو۔

بادشاهہ: ”مون کي باهہ اندر چار ماڻهو هلندي ڦرندي نظر اچي رهيا آهن۔ ان مان هڪ جي صورت خُدا جھڙي آهي۔“

بادشاهہ کوري جو دروازو کوليو۔

بادشاهہ: ”قادرِمطلق خُدا جي نوڪرن، ٻاهر نڪري آؤ!“

اهي ماڻهو سڙڻ بغير ٻاهر نڪري آيا۔ انهن جو هڪ وار بہ نہ سڙيو هو، ۽ نہ ئي انهن جي ڪپڙن مان ٻرڻ جي ڪا بوء اچي رهي هئي۔ خُدا انهن کي باهہ مان بہ بچائي ورتو۔

ڇا توهان هن خُدا کي سڃاڻندا آهيو جيڪو اهڙا معجزا ڪري سگھي ٿو؟ هن سان وفادار رهو، هميشہ ۽ هر جڳهہ۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، بادشاهہ جو پيغام ڏيندڙ، الزام هڻڻ وارو، بادشاهہ، داني ايل جو دوست

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 29, 2025, at 03:23 PM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)