Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 086 (Prayer prohibited 4)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

68. دعا ڪرڻ تي پابندي 4


بادشاهہ جا ناظم داني ايل کي هٽائڻ چاهين پيا۔

پيهريون ناظم: ”ڇا توھان تازو واقعو ٻڌو آھي؟“

ٻيو ناظم: ”ها، بلڪل! داني ايل سڄي سلطنت ۾ ٻئي نمبر جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور شخص ٿيڻ وارو آهي۔ اسان کي ڪا بہ غلطي ڳولڻي پوندي تہ جيئن هن جي ترقيءَ کي روڪي سگھون۔“

پهريون ناظم: ”هي ڪم ڪرڻ ڪا آسان ڳالهہ ناهي۔“

ٻيو ناظم: ”هن جي مذهب بابت ڇا خيال آهي؟ هو ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا پنهنجي خدا جي عبادت ڪري ٿو۔ پاڻ هن جي خلاف هڪ نئون قانون ٺاهي سگھون ٿا ۽ ان کي بادشاهہ وٽ وٺي وينداسون ۽۔۔۔۔۔۔۔“

ڪنهن ڳالهہ لاءِ؟ داني ايل ڪڏهن بہ انهن ماڻهن سان ڪجھہ نہ ڪيو هو۔ خدا کيس ملڪ جي هڪ وڏي عهدو تي پهچايو هو۔ ۽ هي ڳالهہ ٻين کي پريشان ڪري رهي هئي؛ اهي حسد ڪري رهيا هئا۔

پهريون ناظم: ”هاڻي جلد بادشاهہ وٽ وڃ۔ کيس نئين قانون تي دستخط ڪرائڻا پوندا۔“

ٻيو ناظم: ”دارا بادشاهہ، سڀني شهزادن سوچيو آهي تہ، اي بادشاهہ، توهان کي هڪ نئين قانون تي دستخط ڪرڻ گھرجي، جيئن: ايندڙ 03 ڏينهن تائين جيڪڏهن ڪو بہ شخص توهان جي سواءِ ڪنهن ديوتا يا ڪنهن ماڻهوءَ کان دعا گھري ٿو تہ ان کي شينهنَ جي ڏر ۾ اڇلايو وڃي۔ ۽ هن قانون کي عوام تي لاڳو ڪريو ۽ ڪو بہ ان کي تبديل نہ ڪري سگھي۔“

بادشاهہ انهن جي شيطاني منصوبي تي غور نہ ڪيو ۽ قانون تي دستخط ڪري ڇڏيا۔ پر داني ايل جي زندگي ۾ خدا جو مقام سڀ کان پيهرين هو، تنهنڪري هن جي زندگي ۾ هن قانون جي ڪري ڪا بہ تبديلي نہ آئي! هن پنهنجي دعا جاري رکي ۽ سندس دشمن مٿس نظر رکي رهيا هئا۔

پهريون ناظم: ”اي دارا بادشاهہ، توهان هڪ اهڙي قانون تي دستخط ڪيا آهن جيڪو هر ڪنهن کي منع ڪري ٿو تہ ماڻهو ۽ خدا کان ڪا دعا نہ گھري۔“

بادشاهہ: ”ها، اها ڳالهہ صحيح آهي۔“

ٻيو ناظم: ”داني ايل اڃا تائين پنهنجي خدا کان ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا دعا گھري ٿو۔ اسان هن کي اهو ڪندي ڏٺو آهي۔ ان جي نتيجي ۾ ان کي شينهن جو کاڌو ٿيڻ گھرجي۔“

بادشاهہ: ”داني ايل؟“

بادشاهہ داني ايل سان محبت ڪندو هو ۽ کيس بچائڻ چاهيندو هو۔ پر قانون تہ قانون هو۔

بادشاهہ: ”داني ايل، تنهنجو خدا تنهنجي مدد ڪري۔“

۽ پوءِ انهن داني ايل کي شينهن جي ڏر ۾ اڇلايو۔ بادشاهہ ان رات بلڪل بہ نہ ستو۔ ٻي صبح، هو بي صبريءَ سان شينهن جي ڏر ڏانهن ويو۔

بادشاهہ: ”داني ايل، ڇا تنهنجي خدا تنهنجي حفاظت ڪئي؟“

داني ايل: ”اي بادشاهہ تون هميشہ زندہ رهين۔ منهنجي خدا هڪ فرشتو موڪليو جنهن شينهن جا وات بند ڪري ڇڏيا تنهنڪري اهي مون کي نقصان نہ پهچائي سگھيا۔“

بادشاهہ اهو ٻڌي تمام خوش ٿيو۔ داني ايل اڃا تائين زندہ هو ۽ بادشاهہ حڪم ڏنو تہ داني ايل کي ڏر مان ٻاهر ڪڍيو وڃي۔ داني ايل جي جسم تي نہ تہ ڪو زخم هو ۽ نہ ئي ڪا نشان۔ خدا جي طرفان هڪ معجزو! داني ايل کي عزت ڏني وئي ۽ سندس دشمنن کي شينهن جي ڏر ۾ اڇلايو ويو۔

بادشاهہ: ”منهنجي سڄي سلطنت ۾ هر ڪنهن کي حڪم ڏنو وڃي ٿو تہ اهي داني ايل جي خدا جي عزت ڪن۔ اهو ئي زندہ خدا آهي جيڪو بچائي ٿو ۽ مدد ڪري ٿو۔“

داني ايل جي ايمان جي ڪري وڏا وڏا ڪم ٿيا۔

زندہ خدا توهان جي ايمان ۽ انهي تي ڀروسو رکڻ جي ڪري توهان کي بہ انعام ڏيندو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ٻہ ناظم، بادشاهہ، داني ايل

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 29, 2025, at 03:30 PM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)