STORIES for CHILDREN by Sister Farida(www.wol-children.net) |
|
Home عربي |
Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 052 (Without a schedule to Hawaii) This page in: -- Albanian -- Arabic? -- Armenian -- Aymara -- Azeri -- Bengali -- Bulgarian -- Cebuano -- Chinese -- English -- Farsi -- French -- Fulfulde -- German -- Greek -- Guarani -- Hebrew -- Hindi -- Indonesian -- Italian -- Japanese -- Kazakh -- Korean -- Kyrgyz -- Macedonian -- Malagasy -- Malayalam? -- Platt (Low German) -- Portuguese -- Punjabi -- Quechua -- Romanian -- Russian -- Serbian -- SINDHI -- Slovene -- Spanish-AM -- Spanish-ES -- Swedish -- Swiss German? -- Tamil -- Turkish -- Ukrainian -- Urdu -- Uzbek
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو 25. منصوبابندي کان سواءِ هوائيڇا توهان ڪڏهن غور ڪيو آهي تہ ڪيئن ديس تبديل ڪرڻ وارا پکي پري جي اڏام ڀرڻ کان پيهرين بجلي جي تارن تي گڏ ٿيندا آهن؟ جيڪڏهن انهن جي رستي ۾ ڪا مشڪل اچي وڃي تہ؟ هر سال عصفوري نسل جون جھرڪيون، ابابيل ۽ سارس جھڙا پکي وقت تي ڏکڻ ڏانهن اڏام ڀرندا آهن۔ انهن کي ڪير ٻڌائي ٿو تہ تياري ڪري وٺو وڃڻ لاءِ هي صحيح وقت آهي؟ خدا، ٺاهيندڙ، هن انهن کي ائين ٺاهيو آهي۔ اهي هن جي اشارن تي هلن ٿا ۽ ائين انهن جي جان بچي ٿي۔ ڪجھہ پکي 0006 ميل تائين اڏامندا آهن ۽ پوءِ بهار جي موسم ۾ واپس پنهنجي ئي آکيري ۾ ايندا آهن۔ ڇا هي هڪ معجزو ناهي؟ ڇا توهان کي آمريڪن سونهري پائپر جي خبر آهي؟ اهو الاسڪا ۾ رهندو آهي، اتي، جتي برف ڪڏهن بہ 001 سيڪڙو نہ ڳرندي آهي۔ 62 ڏينهن کانپوءِ، اهو آنن مان نڪري ايندو آهي۔ ڪرين بيري جي وڻ جو ميوو ۽ ٿلها ڪيڙا ان جو پسنديدہ کاڌو آهن۔ هو هڪ ڪبوتر جيترو وڏو ٿيندو آهي، ۽ ان جا پر چمڪدار سونهري سائوا ٿي ويندا آهن۔ هو گھڻو هلي نٿو سگھي، پر هو اڏامي سگھي ٿو۔ هي ان لاءِ وڌيڪ ضروري آهي، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي سياري جون موڪلون هوائي ۾ گذاري ٿو۔ ان جو مطلب آهي تہ ان کي 88 ڪلاڪ بنا ساهي پٽڻ جي اڏامڻو پوندو آهي۔ ڳالهائڻ وارو: ”سائنسدانن لاءِ ان جو سفر وڏو راز آهي۔ ان جي اڏام کان اڳ، هو پنهنجي جسم جو وزن اڌ وڌائي وٺي ٿو۔ سوچيو جيڪڏهن توهان سان ائين ٿئي ها تہ ڇا ٿيندو۔ پنهنجي اڏام دوران، هو 000,052 ڀيرا هيٺ مٿي پر هڻي ٿو۔ ڇا توهان 000,052 ڀيرا بنا ساهي پٽي اٿ ويه ڪري سگھو ٿا؟ جيڪڏهن پکين وٽ رفتار ماپيندڙ اوزار هجي ها (اسپيڊو ميٽر) تہ هو ٻڌائي ها تہ اهي 13 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏامي سگھن ٿا۔ سونهري پائپر انهن اشارن تي هلندو آهي جيڪي خدا ان جي دل ۾ رکيا آهي۔ بنا ڪنهن طرف ٻڌائيندڙ اوزار جي ۽ بنا ڪنهن اڏام جي منصوبابندي جي هو رات هجي يا ڪڪر سڌو اڏامندو آهي۔ ايتري قدر جو اهي نوان پيدا ٿيل پکي پيهرين ڪڏهن هوائي ٻيٽ تي ويا نہ هوندا، پوءِ بہ اهي هن ننڍڙي ٻيٽ کي ايتري وڏي سمنڊ جي وچ ۾ ڳولي وٺندا آهن۔ هي ڪو اتفاق نہ آهي۔ اهي پکي خدا جي ٻڌايل رستن تي هلندا آهن ۽ ان جي شڪرگزاري ۾ گيت ڳائيندا آهن۔ ڇا اسان کي بہ ائين ئي نہ ڪرڻ گھرجي؟ بائبل ۾ اسان لاءِ خدا جا ٻڌايل اشارا ۽ رستا موجود آهن۔ جيڪو بہ انهن تي هلندو اهو ئي آخري منزل تائين پهچندو۔ ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ڳالهڻ وارو ynamreG FEC :thgirypoC © |