Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 158 (Reward for M. 3)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
851. مردڪي لاءِ انعام 3
راڻي آستر تمام گھڻي بهادر هئي۔ بغير دعوت جي، هوءَ فارس جي بادشاهہ سامهون هلي وئي۔ ائين ڪرڻ سان هن پنهنجي جان کي خطري ۾ وجھي ڇڏيو۔ پر هن ائين ڪيو ڇو تہ هوءَ پنهنجي قوم، يهودين کي بچائڻ چاهيندي هئي۔
بادشاهہ اخسويرس پنهنجي تخت تي ويٺو هو۔ هن آستر کي ايندي ڏسي ورتو۔ هن پنهنجو سونهري عصا هن جي طرف وڌايو، جنهن جو مطلب هو تہ هن کي اندر اچڻ جي اجازت آهي۔
بادشاهہ: ”راڻي آستر، تون هتي ڇو آئي آهين؟ تون ڇا ٿي چاهين؟“
آستر: ”منهنجا بادشاهہ سلامت، مهرباني ڪري اڄ هامان سان گڏ مون وٽ ماني کائڻ اچو۔“
بادشاهہ: ”نوڪر، جلدي وڃي هامان کي وٺي آڻ۔ راڻي اسان کي مانيءَ تي سڏيو آهي۔“
آستر هنن لاءِ مزيدار ماني تيار ڪئي۔
بادشاهہ: ”راڻي آستر، ڇا تون اڃا ڪجھہ وڌيڪ ٿي چاهين؟ مان توکي پنهنجي اڌ بادشاهي تائين ڏئي سگھان ٿو۔“
آستر: ”مهرباني ڪري، توهان سڀاڻي وري هامان کي وٺي مانيءَ تي اچجو۔ تڏهن مان توهان کي پنهنجي خواهش ٻڌائيندس۔“
هامان گھڻو مطمئن هو ۽ وڏي خوشي سان پنهنجي گھر واپس ويو ۽ وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ لڳو۔
هامان: ”مان ڪيترو وڏو آفيسر آهيان۔ مونکي بادشاهہ سان گڏ راڻي مانيءَ تي سڏيو۔ صرف مونکي! سڀاڻي وري بہ سڏيو ويو آهي۔ پر هڪ ڳالهہ مونکي اڃا بہ ڏک ڏئي رهي آهي: مردڪِي مونکي سجدو نٿو ڪري۔“
زال: ”تہ ڇا تون کيس ائين ئي ڇڏيندين؟ کيس ڦاهيءَ تي چاڙهي ڇڏ، ان يهودي کي!“
آستر کي خبر نا هئي تہ هامان هن جي ماٽيلي پيءُ لاءِ ڦاهي جو ڦندو تيار ڪيو۔ اهو ڦندو 08 فٽ اوچو هو۔ پر خدا ان کي ڏٺو۔ هو حڪمراني ڪري ٿو! ۽ ان ڪري هن بادشاهہ اخسويرس کي ساري رات سمهڻ نہ ڏنو۔
بادشاهہ: ”خادمو، مان سمهي نٿو سگھان۔ منهنجي تاريخ لکڻ واري ڪتاب کڻي اچو ۽ ان ۾ جيڪي ڪجھہ ٿيو آهي، اوچي آواز ۾ پڙهو۔“
تاريخ وارِي ڪتاب مان خبر پئي تہ مردڪِي بادشاهہ جي خلاف ٿيندڙ سازش کي روڪيو۔
بادشاهہ: ”مردڪِي کي ان جي عيوض ۾ ڪهڙو انعام ڏنو ويو؟“
خادم: ”ڪجھ بہ نہ ڏنو ويو۔“
اڳين ڏينهن هامان محل ۾ آيو۔ هو بادشاهہ کان مردڪِي کي ڦاهي ڏيڻ جي اجازت وٺڻ چاهيندو هو۔
بادشاهہ: ”هامان، ان ماڻهوءَ کي ڇا ڏيڻ کپي جنهن تي بادشاهہ مهرباني ڪرڻ چاهي؟“
هامان کي پڪو ويساهہ هو تہ بادشاهہ هن کي انعام ڏيڻ چاهي ٿو۔
هامان: ”هن کي بادشاهہ جو لباس پارائڻ کپي ۽ تاج ۽ بادشاهہ جي گھوڙن مان هڪ تي ويهارڻ کپي ۽ شهر ۾ گھمائڻ کپي۔ ۽ بادشاهہ جو هڪ خادم هن سان گڏ گڏ هلي ۽ اعلان ڪندو وڃي تہ: هي اهو ماڻهو آهي جنهن کي بادشاهہ عزت ڏيڻ چاهي ٿو۔“
بادشاهہ: ”هامان، مردڪِي لاءِ ائين ئي ڪر!“
هامان جي منهن جو رنگ اڇو ٿي ويو۔
اڳين ڪهاڻي ۾ توهان ٻڌندا تہ بائبل جي هيءَ ڪهاڻي ڪيئن جاري رهي۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، بادشاهہ، آستر، هامان، زال، نوڪر
ynamreG FEC :thgirypoC ©