STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 087 (I don't want to live any more)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

78. آئون هاڻي جيئڻ نٿو چاهيان


اسڪول ۾ رزلٽ جو اعلان ٿي چڪو هو۔ سينڊرا ڏاڍي خوش هئي۔ هن کان انتظار نہ ٿي رهيو هو، هوءَ پنهنجي والدين کي پنهنجو سٺو گريڊ ڏيکارڻ چاهيندي هئي۔ پر ڪيل جي حالت ڪجھہ مختلف هئي۔

هن اسڪول جي پڄاڻي تي آهستي سان پنهنجو ٿيلو بند ڪيو۔

بين: ”ڪيل، پاڻ اڄ ٻنپهرن جو بائيڪ تي جبل جي رستي هلنداسون نہ؟“

ڪيل: ”نہ، اڄ نہ۔“

بين: ”وقت ضايع نہ ڪر۔ ڇا تون سڄي رات اسڪول ۾ ئي رهڻ چاهين ٿو؟“

ڪيل: ”تون وڃ۔ آءُ گھر نٿو وڃڻ چاهيان۔ رياضي ۾ ”ڊي“ گريڊ، جرمن ۾ ”ايف“ گريڊ۔ جيڪڏهن منهنجي والد اهو ڏسي ورتو، تہ هو مون کي ماري ڇڏيندو۔ ان کان بهتر آهي تہ مان پاڻ کي ختم ڪري ڇڏيان۔ مان هاڻي وڌيڪ زندہ رهڻ نٿو چاهيان۔ آءُ ڀي عقل آهيان ۽ ڪو بہ ڀي عقلن کي پسند نٿو ڪري۔“

بين: ”اجائي ڳالهيون بند ڪر۔ تنهنجو والد تو سان تمام گھڻو پيار ڪري ٿو۔ هو تو لاءِ تمام سٺا سٺا تحفا وٺندو آهن۔“

ڪيل: ”منهنجو والد؟ هو رڳو پاڻ سان ۽ پنهنجي ڪم سان پيار ڪن ٿا۔ باقي سڀ ڪجھہ انهن لاءِ اهم ناهي۔“

بين: ”منهنجو والد بہ هميشہ چڱو نہ ڪندا آهن۔ انهن کي رڳو خبر پئجي وڃي تہ مون ڪجھہ غلط ڪيو آهي۔ هو مون کي تمام خراب طريقي سان وڙندا آهن۔ ان سان مون کي تمام گھڻو ڏک ٿيندو آهي۔ ڪيترائي ڀيرا تہ منهنجو دل ڪندو آهي تہ زندہ ئي نہ رهان۔“

ڪيل: ”اڄ جي ڏينهن توکي ڪيئن لڳي رهيو آهي؟“

بين: ”اڄ مون کي خبر آهي تہ يسوع موجود آهي۔ هو مون سان پيار ڪري ٿو، جيتوڻيڪ مان ناڪام بہ ٿيو آهيان۔ مان هميشہ هن وٽ وڃي سگھان ٿو ڀلي منهنجو ماضي سٺو نہ بہ هجي۔ هو منهنجو دوست آهي۔ جيتوڻيڪ مان هن کي ڏسي نٿو سگھان پر مون کي خبر آهي تہ هو هميشہ مون سان گڏ آهي۔ مون کي مضبوط ٿيڻ جي ضرورت ناهي؛ مان هن جي موجودگي ۾ روئي بہ سگھان ٿو۔ ان سان مان ٺيڪ ٿي ويندو آهيان۔ مان توکي ٻڌائيندس۔“

ڪيل: ”تنهنجي لاءِ سٺو آهي! ڪاش مان بہ ان تي يقين ڪري سگھان ها۔“

بين: ”هل تہ بائيڪ تي جبل جي رستي تي هلون ۽ ڳالهيون ڪريون۔ ڇا مان تون سان گڏ گھر هلان؟ جيڪڏهن تون سان گڏ ڪو هوندو تہ شايد تنهنجو والد وڌيڪ ڪاوڙ نہ ڪري۔“

ڪيل: ”سٺو مشورو آهي۔ تون تمام سٺو آهين دوست۔“

بين: ”۽ موڪلون ختم ٿيڻ کان پوءِ پاڻ ڪڏهن ڪڏهن اسڪول جو ڪم گڏجي ڪري سگھون ٿا۔“

بين تمام سٺو هو جو پنهنجي دوست سان گڏ وڃڻ چاهيندو هو۔ باوجود ان جي ڪيل اڃا بہ پريشان هو۔ پوءِ هڪ معجزو ٿيو: جڏهن ڪيل جي والد هن جو رزلٽ ڏٺو تہ پريشان نہ ٿيو۔ پر هن پاڻ بہ قبول ڪيو تہ جڏهن هو اسڪول ۾ هو تہ هن جو بہ رزلٽ سٺو نہ هوندو هو۔

اهو مشڪل ٿي سگھي ٿو جڏهن والدين تمام سٺي رزلٽ جي اميد ڪن۔

پر يسوع بلڪل الڳ آهي۔ هو توهان کي قبول ڪري ٿو ڀلي توهان جھڙا بہ هجو۔ هو توهان سان توهان جي طاقت ۾ بہ ۽ توهان جي ڪمزوري ۾ بہ پيار ڪري ٿو۔ هو ڄاڻي ٿو تہ توهان ڪيترائي ڪم صحيح ڪري سگھو ٿا، ۽ هو انهن شين کي بہ ڄاڻي ٿو جيڪي توهان لاءِ مشڪل آهن۔ هو توهان جي مدد ڪرڻ چاهي ٿو۔ ان ڪري همت رکو ۽ هن تي ڀروسو ڪريو۔ يسوع کي ڄاڻي وٺڻ سان توهان پنهنجي پاڻ ڪلاس ۾ سڀ کان بهترين نہ ٿي ويندا، پر هو توهان جي مدد ڪندو تہ توهان بهتر ڪري سگھو۔ هو توهان جي تربيت ڪري سگھي ٿو ۽ سکڻ جي عمل ۾ خوشي ڏئي سگھي ٿو۔

همت رکو ۽ هن تي ڀروسو ڪريو۔ جيترو توهان سوچيو ٿا يسوع جي مدد سان توهان ان کان بہ وڌيڪ ڪري سگھو ٿا!


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ڪيل، بين

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 29, 2025, at 03:38 PM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)