Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 063 (Sammy's discovery)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
36. سيمي جي دريافت
نيويارڪ جي گلين ۾ ٿڌي هوا هلي رهي هئي۔ سيمي پنهنجي ٽوپي کي ڇڪي ڪنن تي ڪري ورتو۔ هو هر شام جو پنهنجي پيءِ سان گڏ گھمڻ ويندو هو۔ گاڏيون تيزي سان انهن جي ڀرسان گذري رهيون هيون، ۽ انهن جي بريڪ لڳڻ جي آواز اچي رهي هئي، ۽ عورتون سامان سان ڀريل پنهنجا ٿيلها کڻي پنهنجي رستي تي ويندڙ بسين ڏانهن وڃي رهيون هيون۔ هر ڪو جلدي ۾ هو۔
سيمي: ”بابا، اهو نشان ڪهڙي شيءِ جو آهي؟“
هن جي پيءِ، جيڪو وڏي سوچ ۾ هو، هن پڇيو:
پيءِ: ”تنهنجو ڇا مطلب آهي؟“
سيمي: ”اهو تارو، بابا، اهو تارو! ڇا توهان کي اهو نظر نٿو اچي؟“
وڏي جوش سان هن گھرن جي هڪ دري ڏانهن اشارو ڪيو۔ اتي هڪ ميڻ بتي ٻري رهي هئي جنهن جو شعلو اونڌهائي ۾ هڪ تاري جھڙو لڳي رهيو هو۔
پيءِ: ”اهي ماڻهو کڙڪي ۾ پنهنجي پٽ لاءِ هڪ ميڻ بتي رکندا آهن۔ هو پري آهن، تمام پري اسان جي دشمنن سان جنگ وڙهي رهيا آهن۔ جيڪڏهن هنن مان ڪنهن کي گولي لڳي وڃي تہ هو ان ميڻ بتي کي وسائي ڇڏيندا۔“
جڏهن اهي هلندي هلندي اڳتي وڌيا تہ پيءِ سوچيو: مان اميد ٿو ڪيان تہ مونکي ڪڏهن بہ منهنجي پٽ لاءِ ڪا ميڻ بتي دري ۾ رکڻي نہ پوي۔
سيمي وري بہ تارن کي ڏسندو رهيو۔
سيمي: ”بابا، اهو هڪ ٻي آهي۔ ۽ هڪ ٻي بہ۔ ڏسو، اتي هڪ ئي دري ۾ ٻہ ميڻ بتيون آهن۔ ٿي سگھي ٿو ان خاندان جا ٻہ پٽ جنگ تي ويا هجن۔“
گلي جي آخر ۾ سيمي پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪيو ۽ اوچتو بيهي رهيو۔ هن پنهنجو ساهہ ئي روڪي ڇڏيو جيئن ڪو اهڙو ڪم ٿيو هجي جيڪو هو سوچ بہ نہ سگھي ها۔
سيمي: ”ڏسو، بابا اتي ڏسو!“
هن شام جي وقت ڪاري آسمان ۾ هڪ تارو دريافت ڪري ورتو۔
سيمي: ”ڇا خدا جو بہ هڪ پٽ آهي؟ هن بہ دري ۾ هڪ ميڻ بتي ٻاري رکي آهي۔“
پيءِ: ”ها، خدا وٽ هڪ ئي پٽ آهي۔ هن ان کي هن دنيا ۾ برائي جي خلاف وڙهڻ لاءِ موڪليو هو۔ ۽ هو کٽيو! هٿيارن سان نہ، پر پيار سان۔ هن کي ان جي بدلي ۾ پنهنجي جان ڏيڻي پيئي۔ پر هو اڃا بہ پنهنجن انهن دشمنن سان پيار ڪندو آهي جن هن کي صليب تي چاڙهيو هو۔ خدا هن کي مئلن مان وري جيئرو ڪيو۔ ان جي وسيلي سان اسان اطمينان حاصل ڪري سگھون ٿا ۽ ٻيا ماڻهو بہ۔“
پوءِ، سيمي اڪثر درين ۾ موجود تارن بابت سوچيندو هو ۽ ان بابت بہ جنهن دنيا ۾ برائي جي خلاف وڙهڻ لاءِ پنهنجي جان ڏئي ڇڏي۔ يسوع اسان کي اطمينان ڏنو۔ ۽ اڃا تائين وڏيون خطرناڪ جنگيون ٿي رهيون آهن جنهن خوف ۽ ڏک پيدا ٿين ٿا۔ بم ڌماڪن ۽ گولين سان ڪيترن ئي ماڻهن جون زندگيون برباد ٿين ٿيون۔
پر خدا جي دري جي تاري کي وسائي نٿو سگھجي۔ ۽ نہ ئي ان کي وسامڻ ممڪن آهي جيڪو انهن کي نجات ۽ اطمينان ڏئي ٿو جيڪي ان کان گھرن ٿا: يسوع مسيح کان۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، پيءِ، سيمي
ynamreG FEC :thgirypoC ©