Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 033 (Farewell from the mountain)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
33. جبل تان الوداع
ڇوڪرو: ”واہ واہ! خميس جي ڏينهن اسان جي اسڪول جي موڪل آهي۔“
ڇوڪرِي: ”هي ڇا جي موڪل آهي؟“
ڇوڪرو: ”صعود جو ڏينهن۔“
ڇوڪرِي: ”هن جو مطلب ڇا آهي؟“
ڇوڪرو: ”مون کي چڱي طرح خبر ناهي۔“
ڇا آئون توهان کي هن جي باري ۾ ٻڌايان؟
ڇوڪرو: ”جي ها، اسان کي هن جي باري ۾ ڄاڻي سٺو لڳندو۔“
صعود جو ڏينهن اسان کي ياد ڏياريندو آهي تہ يسوع زمين تي پنهنجو ڪم پورو ڪري واپس آسمان تي هليو ويو هو۔ هي ايسٽر جي ٺيڪ چاليهہ ڏينهن بعد ٿيو هو۔ انهن چاليهہ ڏينهن ۾، يسوع پنهنجي شاگردن کي بار بار نظر آيو۔ انهن هن کي ڏٺو، هن کي ٻڌو، هن سان گڏ کاڌو بہ کاڌو۔ هڪ ڏينهن هو 005 کان وڌيڪ ماڻهن کي هڪ ئي وقت ۾ نظر آيو۔
۽ ايسٽر جي چاليهہ ڏينهن بعد هو پنهنجي شاگردن کي زيتون جي جبل تي وٺي ويو۔ هو انهن سان اتي اڪيلو رهڻ چاهيندو هو ۽ انهن کي پنهنجي وڃڻ کان اڳ ۾ ڪجھہ خاص ڳالهہ ٻڌائي وڃڻ چاهيندو هو۔
يسوع: ”مون خدا جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو آهي۔ هاڻي توهان دنيا ۾ هر هڪ وٽ وڃو ۽ انهن کي ٻڌايو تہ مون انهن لاءِ پنهنجي جان ڏني آهي ۽ مون کي صليب ڏني وئي هئي۔ انهن کي ٻڌايو تہ اهي مون کي پنهنجو خدا مڃن ۽ هڪ ڏينهن اهي مون سان گڏ آسمان تي هوندا۔ ۽ ياد رکو، آئون هميشہ توهان سان گڏ آهيان ۽ توهان کي طاقت ڏيندو رهندس تہ جيئن توهان ٻين کي منهنجي باري ۾ ٻڌائي سگھو۔“
۽ پوءِ يسوع پنهنجا هٿ کڻي شاگردن کي برڪت ڏني۔ ۽ جيئن هن ائين ڪيو، هو اوچتو غائب ٿي ويو ۽ ڪڪرن هن کي انهن جي نظرن کان لڪائي ڇڏيو ۽ هو خدا جي اڻ ڏٺي دنيا ۾ هليو ويو۔
ڇوڪرو: ”۽ هاڻي يسوع آسمان تي ڇا ڪري رهيو آهي؟“
هو هر شيءِ تي حڪومت ڪري ٿو، هو اسان جي دعائن جو جواب ڏئي ٿو ۽ خدا کان اسان لاءِ دعا بہ گھري ٿو۔ ۽ جيڪي هن تي ڀروسو رکن ٿا انهن لاءِ هو جاءِ تيار ڪري رهيو آهي تہ جيئن اهي هن سان گڏ اتي رهي سگھن۔
ڇوڪرِي: ”مون هي بائبل ۾ پڙهيو هو۔ هي هتي، يسوع چيو: منهنجي پيءُ جي گھر ۾ گھڻا ڪمرا آهن؛ مان وڃي رهيو آهيان تہ جيئن اتي توهان لاءِ جاءِ تيار ڪري سگھان۔“
ڇوڪرو: ”ڇا شاگردن کي ڏک نہ ٿيو هو تہ يسوع انهن سان گڏ نہ هو؟“
بالڪل نہ۔ هي ائين ئي ٿيڻو هو جيئن هن واعدو ڪيو هو۔
ڇوڪرو: ”ڪهڙو واعدو؟“
مان توهان کي ايندڙ ڊرامي ۾ ٻڌائيندس تہ ڪهڙو واعدو۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ڇوڪرو، ڇوڪري، يسوع
ynamreG FEC :thgirypoC ©