Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 032 (Does God answer every prayer)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
23. ڇا خدا هر دعا جو جواب ڏئي ٿو
ڇا توهان جو ڪو پسنديدہ رنگ آهي؟ ايمي جو پسنديدہ رنگ نيرو هو۔ هن کي آسماني نيرو رنگ پسند هو، سامونڊي نيرو، ۽ سندس سڀ کان پسنديدہ نيري شيءِ هن جي ماءُ جون نيريون اکيون هيون۔ ايمي سوچيندي هئي تہ هي ڪيترو خراب آهي تہ منهنجون اکيون ڀوري رنگ جون آهن۔
ايمِي: ”اما، ڇا خدا منهنجون سڀ دعائون ٻڌي ٿو؟“
ماءُ: ”جي ها، منهنجي جان، خدا سڀ دعائون ٻڌي ٿو۔“
ايمي: ”ڇا ٻارن جي دعائن کي بہ؟“
ماءُ: ”ها ڇو نہ، ايمِي۔ پر هاڻي سمهڻ جو وقت آهي۔ شب بخير! تون کي سٺي ننڊ اچي!“
ايمِي: ”شب بخير، اما!“
جڏهن لائٽ بند ٿي وئي، ايمي پنهنجي بستر تي دعا ڪئي:
ايمي: ”پيارا خداوند، توهان سڀ ڪجھہ ڪري سگھو ٿا۔ مهرباني ڪري منهنجي ڀوري اکين کي نيري اکين ۾ تبديل ڪريو۔ آمين۔“
خدا ايمي جي دعا ٻڌي، ايمي کي ان جو يقين بہ هو۔ ۽ پوءِ هوءَ سمهي وئي۔
صبح ايمي اٿي ۽ پنهنجي دعا بابت سوچيو۔ هوءَ کٽ تان لهي، آرسي ڏانهن ڀڳي، پنهنجي ٻنهي ڀوري اکين سان پاڻ کي ڏٺو۔ اداس ٿي ايمي سوچيو تہ شايد خدا هن جي دعا نہ ٻڌي آهي۔ پوءِ اهو هن لاءِ ائين هو جيئن ڪنهن کيس چيو هجي، ”’نہ‘ بہ هڪ جواب هو۔“
گھڻا سال ٿِي ويا۔ جڏهن ايمي جوان ٿي وئي، هوءَ مشنري بڻجي انڊيا وئي۔ هن اتي جي ٻولي سکي، هن اهو سڀ ڪجھہ کاڌو جيڪو اتي جا ماڻهون کائيندا هئا، اهي ڪپڙا پاتا جيڪي هو پائيندا هئا، هوءَ نہ چاهيندي هئي تہ هو غير ملڪي لڳي، هن پاڻ کي ڀوري رنگ سان رنگي ڇڏيو۔
هڪ ڏينهن هڪ دوست ايمي کي چيو:
دوست: ”ايمي، هي ڳالهہ تمام سٺي آهي تہ تنهنجون اکيون ڀوريون آهن ۽ نيريون نہ آهن، نہ تہ هر ڪنهن کي خبر پوي ها تہ تون ٻئي ملڪ جي آهين۔“
ڀوري اکيون؟ ايمي پنهنجي ان دعا بابت سوچيو جيڪا هن ننڍپڻ ۾ گھري هئي۔ ”نہ“ بہ هڪ جواب آهي۔ هڪ سٺو جواب خدا جي طرفان۔
ڪڏهن ڪڏهن خدا اسان کي جلدي سان اهو ڏئي ٿو جيڪو اسين گھرون ٿا۔
ڪڏهن ڪڏهن هو اسان کي انتظار ڪرائي ٿو۔
۽ ڪڏهن ڪڏهن هو چوي ٿو نہ۔
جيڪو بہ جواب هجي۔ ڀلي ”ها“ هجي يا ”نہ“، يا پوءِ وري ”انتظار“ هجي۔ هو اسان کي پنهنجو پيار ڏيکاري ٿو۔ هن جو جواب سدائين اسان لاءِ سٺو هوندو آهي۔
هو بالڪل صحيح ڪم ڪري ٿو، توهان جي لاءِ بہ۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ايمي (ٻار وانڳر)، ايمي جي ماءُ، دوست
ynamreG FEC :thgirypoC ©