STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 011 (Jesus is born)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

11. خداوند يسوع جي پيدائش


(گھڻي وکن جو آواز)

بادشاهہ جو پيغام ڏيڻ وارو: ”اَي ناصرت وارو! هتي اچو ۽ بادشاهہ جو پيغام ٻڌو! سڀني ماڻهن جا نالا لکيا ويندا۔ هن مُلڪ جي هر شهري کي پنهنجي پنهنجي ڳوٺ وڃي ڳڻپ لاءِ نالو لکرائڻو پوندو۔ هي ڪا خوشي واري خبر تہ ناهي۔ پر جڏهن توهان جو نالو لکي توهان جي ڳڻپ ٿِي ويندي تڏهن توهان واپس اچي سگھو ٿا هي قانون سڀ کي مڃڻو آهي! ياد رکو: بادشاهہ سخت آهي۔“

ناصرت جي سڀ ماڻهن کي هي حڪم سٺو نہ لڳو۔ گھڻائي ماڻهون اداس ٿيا۔ بادشاهہ جو حڪم انهن جي منصوبن جي مطابق نہ هو پر هي سڀ خدا جي منصوبي جي مطابق هو۔

مريم ۽ يوسف کي بہ هن وڏي سفر جي تياري ڪرڻي هئي۔ يوسف داؤُد جي نسل مان هو۔ اها ئي سڀب هو جو هن کي پڻ واپس بيت لحم وڃڻو پيو، جتي هو پيدا ٿيو هو۔

سفر ڪرڻ ۾ مزو تہ ڏاڍو ايندو آهي، پر اُن وقت مزو ناهي ايندو جڏهن اوهان کي پنڌ 021 ميل سفر ڪرڻو هجي!

مريم لاءِ تہ سفر ڪرڻ ئي ڏاڍو مشڪل هو ڇوتہ هن جو پيهريون ٻار پيدا ٿيڻ تي هو۔

هن کي اڳ ۾ ئي خبر هئي تہ هو خدا جي پُٽ کي جنم ڏيڻ واري آهي ڇوتہ فرشتي هن کي هي خوشخبري شروع ۾ ڏئي ڇڏي هئي۔

يسوع، دنيا کي بچائڻ وارو۔ هي خدا جو سٺو منصوبو هو۔

بيت لحم جو سفر تہ ختم ئي کان پي ٿيو۔ هو پنج ڏينهن کان سفر ڪري رهيا هئا۔ مريم ۽ يوسف پاڻ تہ هي منصوبو نہ ٺاهيو هو۔ پر هي خدا جي منصوبي جو حصو هو انهيءِ لاءِ انهن خدا جي ڳالهہ ٻڌي۔

بيت لحم ۾ هو ڏاڍا پريشان ٿي ويا۔

هوٽل جو مالڪ: ”ڪجھہ بہ نہ ملندو۔ هر ڪمري ۾ ماڻهون آهن۔ ڪو ٻي جڳهہ ڏسو۔ وڃو هتان، هتي توهان لاءِ ڪو ڪمرو ناهي۔“

هو جتي بہ ويا هنن کي جڳهہ نہ ملي۔

نيٺ انهن کي هڪ گدام ۾ جڳهہ ملي۔

هڪ گدام جيڪا خدا جو منصوبو هو۔

۽ آڌي رات جي وقت هڪ معجزو ٿيو۔

يسوع پيدا ٿيو، مريم يسوع کي ورتو ۽ هن کي ڪپڙي ۾ ويڙهي آهر ۾ رکيو۔

خدا جو منصوبو پورو ٿيو۔

سوچ ڪريو، هي ٿيڻ کان 007 سال پيهرين خدا وعدو ڪيو هو تہ بيت لحم ۾ مسيح پيدا ٿيندو۔

خدا دنيا سان ايڏو پيار ڪيو تہ هن پنهنجو منصوبو پورو ڪيو ۽ پنهنجي پٽ کي اسان وٺ موڪليو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، بادشاهہ جو پيغام ڏيڻ وارو، هوٽل جو مالڪ

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 27, 2025, at 09:58 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)