STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 150 (Very brave 2)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

051. تمام بهادر 2


هي تہ گھڻِي همت ڏيکاري آهي۔ انعام جادوگر جو ڏنل شربت پيئڻ نہ پي چاهيو۔ تنهنڪري هن اهو کڙڪي مان ٻاهر هاري ڇڏيو۔

انعام: ”مونکي توهان تي ڀروسو آهي، مالڪ يسوع، مهرباني ڪري مونکي ٺيڪ ڪري ڇڏيو۔“

۽ اها انڊونيشيا جي ڇوڪري ٺيڪ ٿي وئي۔

جڏهن انعام ٺيڪ ٿي وئي، تہ سڀ کان پهرين هوءَ عبادت ڪرڻ وئي ان ننڍڙي چرچ ۾، جيڪو هنن جي جھنگل ۾ هو۔

(سازن جو آواز)

هن خوشي سان يسوع جي باري ۾ پيارا پيارا گيت ٻين سان گڏ ڳايا۔

۽ پوءِ هن ٻين کي ٻڌايو تہ يسوع منهنجي دعا ٻڌي ۽ مونکي ٻيهر ٺيڪ ڪيو۔

عورت: ”۽ تنهنجي امڙ ڇا سمجھي ٿي؟ ڪنهن توکي ٺيڪ ڪيو آهي؟“

انعام: ”هوءَ سمجھي ٿي تہ هن جادوگر جي ڪري ٺيڪ ٿِي آهيان، جنهن مونکي ڪجھہ پيئڻ لاءِ ڏنو هو۔“

عورت: ”ڇا تون انهن کي سچ ٻڌائڻ واري آهين؟“

انعام ان بابت سوچيو جڏهن هوءَ واپس گھر وڃي رهي هئي۔ هن کي اڪثر مار پوندي هئي ڇو تہ هن جو ڀروسو يسوع تي هو۔

اڳين ڏينهن هوءَ باورچيخاني ۾ وئي ۽ پنهنجي ماءُ کي ڏٺو جڏهن هوءَ مصالحا تيار ڪري رهي هئي۔

انعام: ”امان، توهان شايد سمجھو ٿا تہ جادوگر جي شربت جي ڪري آءُ ٺيڪ ٿي وئي آهيان۔ پر هي سچ ناهي۔ مون اهو شربت کڙڪي مان ٻاهر هاري ڇڏيو هو۔ مونکي يسوع ٺيڪ ڪيو آهي۔“

ماءُ: ”ڇا تون ائين ئي ڪيو آهي؟ ان جو مطلب آهي تون اسان سان ٺڳي ڪئي آهي۔“

اهو ايترو خراب تہ نہ لڳي رهيو هو۔ ان جي بدران، هن جا والدين پنهنجي باهمت انعام تي گھڻو حيران هئا، جيڪا ايتري مار کائڻ کان پوءِ بہ يسوع تي ڀروسو ڪري رهي هئي۔

هن جي ماءُ مٿي سج ڏانهن ڏٺو۔

ماءُ: ”انعام، چرچ وڃڻ جو وقت ٿي ويو آهي۔“

انعام پنهنجا هٿ کولي پنهنجي ماءُ ڏانهن ڊوڙي وئي۔

پهريون ڀيرو هوءَ پنهنجي والدين جي اجازت سان عبادت ڪرڻ وئي۔ ۽ پوءِ ٿوري وقت کان پوءِ هن جا والدين بہ هن سان گڏ وڃڻ لڳا۔ انعام کي گھڻي خوشي هئي جڏهن هوءَ پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جي وچ ۾ ويٺي هئي؛ انهن گڏجي يسوع جون ڪهاڻيون ٻڌيون۔

هن جا والدين چرچ ۾ جيڪو ڪجھہ ٻڌو، ان بابت گھڻو سوچيندا رهيا هئا۔ انهن پنهنجي مذهب کي ڇڏي يسوع تي ايمان رکڻ بابت سوچيو، جنهن سندن ڌيءُ کي ايتري همت ڏني تہ هوءَ ايماندار رهي سگھي، هو اُن وقت بہ مضبوط رهي جڏهن هن کي مار پوندي هئي۔

هڪ ڏينهن هن جا والدين بہ يسوع جي پٺيان هلڻ جو فيصلو ڪريو۔

انعام جي زندگيءَ ۾ يسوع کي ڏسي انهن کي خبر پئجي وئي تہ هو زندہ آهي۔ ايتري مار کائڻ جي باوجود بہ هوءَ يسوع سان وفادار رهي ۽ هن سان وڌيڪ محبت رکندي رهي۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، عورت، انعام، ماءُ

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on April 01, 2025, at 10:10 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)