Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 009 (He came and He'll come)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
9. هو آيو هو ۽ هو وري ايندو
سال جو سب کان سٺو وقت شروع ٿي ويو آهي۔
دڪانن ۽ گلين کي ڪرسمس جي لاءِ سنگھاريو ويو آهي۔
۽ گھر جي ڪمرن کي صنوبر جي وڻن جي ٽارين ۽ خوبصورت ستارن سان سنگھاريو ويو آهي۔
آمد جي شروع ۾ پيهري ميڻ بتِي ٻارِي وئي۔
(ڪرسمس جو گيت وڄايو-صرف ساز)
مقدس: ”ميڻ بتِي ٻري رهي آهي۔ آئون خوش آهيان تہ سال جو هي سٺو وقت اچي ويو آهي۔ هي مون کي چوي ٿو تہ: ’خدا اوهان سان ۽ مون سان پيار ڪري ٿو۔‘ هُن جو پٽ هڪ ٻار جي صورت ۾ پيدا ٿيو هو۔“
روشنيون ڪيون ويون ۽ خوشخبري ٻڌائي وئي۔
پيهري ميڻ بتي اسان کي ياد ڏياري ٿِي تہ:
يسوع آسمان تان زمين تي آيو۔ هو انسان ٿيو۔ بالڪل جيڙا اسين آهيون، ۽ هن اسان جي گناهن جي ڪري صليب تي جان ڏني هئي۔ هن کي دفن ڪيو ويو ۽ ٽن ڏينهن بعد هو وري جي اٿيو۔
هاڻي هو جيئرو آهي!
ٻِي ميڻ بتي اسان کي ياد ڏياري ٿِي تہ:
يسوع ئي دنيا جو نور آهي۔ هر انسان لاءِ۔ ۽ هو اسان جي دلين کي روشني ۽ خوشي سان ڀري ٿو۔
ٽِي ميڻ بتي اسان کي ياد ڏياري ٿِي تہ:
هو اچي رهيو آهي! يسوع، اسان جو مالڪ، هو وري اچي رهيو آهي۔ پر پيهري وانگر نہ جئين هو 0002 سال اڳ آيو هو۔ هاڻي هو وري ٻار وانڳر نہ ايندو جيڪا آهوري ۾ پيو هجي۔ هاڻي هو مالڪ ۽ بادشاہ بڻجي ايندو۔
چوٿِي ميڻ بتي اسان کي ياد ڏياري ٿِي تہ:
انهي جو انتظار ڪريو ۽ تيار رهو۔ سب کان بهتر اوهان جي هي آهي تہ اڄ هن کي پنهنجي زندگي ۾ اچڻ ڏيو۔ هي هن جي آمد جي لاءِ سب کان بهتر تياري هوندي۔
يسوع آيو هو ۽ هو وري ايندو۔ هي آمد جي خوشخبري آهي جيڪا ميڻ بتِي سان بہ وڌيڪ روشن آهي۔
آئون اوهان کي خوشين سان ڀرپُور آمد جي موسم جي مبارڪ ڏيان ٿِي۔
هڪ ٻِي گالهہ: اڳتي اوهان سان ڪرسمس جي باري ۾ سوال پڇڻ جو مقابلو ٿيندو۔ ڇا توهان حصو وٺندا؟
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ڇوڪرِي
ynamreG FEC :thgirypoC ©