STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 008 (Earthquake at midnight)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

8. اڌ رات جو زلزلو


جھاز ڪناري تي هڪ ٿنڀ سان ٻڌيل هو۔ پولس ۽ سيلاس هڪ شهر فلپس ۾ ويا۔

بازارن ۽ رستن تي انهن بار بار ائين آواز پي ڏنِي:

پولس: ”خدا اوهان سان پيار ڪري ٿو۔ هن پنهنجو پُٽ دنيا ۾ موڪليو۔ خداوند يسوع تي ايمان آڻيو ۽ هُو اوهان کي بچائيندو۔“

لُديا هن تي يقين ڪيو ۽ خوشي سان يسوع جي باري ۾ سب قصا ٻُڌا۔ ٻئين ماڻهن کي ڏُکيو لڳو ۽ ڪاوڙ ڪري چوڻ لڳا:

مرد: ”هي ماڻهون هڪ بغاوت پيدا پيا ڪن! اسان کي هِي ناهي ٻڌڻو۔ هنن کي هتان ڪڍو!“

انهن کي پٿر هنيا ويا۔ اوچتو سب ماڻهون خدا جي موڪليل رسولن جي خلاف ڀيهي رهيا۔ ڪاوڙ سان ڀريل ماڻهون انهن جا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ انهن کي ماريو۔ انهن جي پُٺ تي لٺيون هڻيون ۽ تڪليف ڏنِي۔ جيل جي حفاظت ڪرڻ واريَ انهن جا هٿ پير ٻڌيَ ڇڏيا۔ هر شي انهن کي ڏک ڏنو۔ انهن جي پُٺ تي ڏاڍو سُور ٿي رهيو هو۔

بائبل ۾ پاڻ پڙهون ٿا تہ انهن قيدين ڪو سوال يا شڪايت ڪانہ ڪئي تہ: ”خدا اسان سان ائين ڇو ٿيڻ ڏنو؟“ بلڪہ انهن رات جي وقت خداوند جي وکاڻ جا گيت پي ڳايا۔ ۽ پوءِ ائين ٿيو: خداوند هڪ زوردار زلزلو موڪليو ۽ انهن جي مدد ڪئي۔ انهن جون سنگھرون پاڻ ئي ڪرِي پيون ۽ جيل جا دروازا کلي ويا۔ جيل جي حفاظت ڪندڙ شور جي ڪري جاڳي پيو۔

پيهرين هن خيال ڪيو تہ سب قيدي ڀڄي ويا آهن۔ هو پنهنجي مالڪ سان ڍڄندو هو۔ انهي ڪري هو چاهو ٿي تہ پاڻ کي ختم ڪري ڇڏي۔ هن پنهنجي تلوار کنئي۔۔۔۔۔۔۔

پولس: ”ڀيه! پاڻ کي نہ مار! اسين سڀ هتي موجود آهيون۔“

ڇا سب، ڪو بہ ناهي ڀڳو۔ جيل جي حفاظت ڪندڙ سپاهي ڏڪندي ڏڪندي پولس جي پيرن ۾ ڪِريو۔

جيل جي حفاظت ڪندڙ: ”بچڻ لاءِ مون کي ڇا ڪرڻو پوندو؟“

پولس: ”تون کي ڪجھہ بہ ڪرڻ جي ضرورت ناهي، يسوع تنهنجي لاءِ سب ڪجھہ ڪري ڇڏيو آهي۔ هن تي ايمان آڻ تہ تون بچي ويندي۔“

هي بالڪل آسان هو جيل جي حفاظت ڪندڙ سپاهي يقين ڪيو ۽ بچي ويو۔ هِن بعد هُن ڪڏهن بہ قيدين کي ڏک نہ ڏنو، بلڪہ انهن کي مانِي ڏيندو هو ۽ انهن جي ڦٽن تي مرهم پٽِي بہ ڪندو هو۔

ٻئي ڏينهن صبح جو عدالت جي قاضين جيل جي حفاظت ڪندڙ سپاهي وٺ ماڻهون موڪليا ۽ چيو تہ اُن ٻن قيدين کي ڇڏي ڏي۔ ۽ اهي پاڻ آيا ۽ پولس ۽ سيلاس سان بدسلوڪي ڪرڻ تہ معافي گھري۔ انهي بعد پولس ۽ سيلاس ٻين گھڻين جگاين ڏانهن ويا ۽ ٻين ماڻهن کي بہ ٻڌايو۔

پولس: ”خداوند يسوع تہ ايمان آڻيو، ۽ توهان سب بچي ويندا ۽ هميشہ جي زندگي ماڻيندا۔“


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، پولس، مرد، جيل جي حفاظت ڪندڙ سپاهي

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 27, 2025, at 09:37 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)