STORIES for CHILDREN by Sister Farida(www.wol-children.net) |
|
Home عربي |
Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 151 (Donkey heads are expensive 1) This page in: -- Albanian -- Arabic? -- Armenian -- Aymara -- Azeri -- Bengali -- Bulgarian -- Cebuano -- Chinese -- English -- Farsi -- French -- Fulfulde -- German -- Greek -- Guarani -- Hebrew -- Hindi -- Indonesian -- Italian -- Japanese -- Kazakh -- Korean -- Kyrgyz -- Macedonian -- Malagasy -- Malayalam? -- Platt (Low German) -- Portuguese -- Punjabi -- Quechua -- Romanian -- Russian -- Serbian -- SINDHI -- Slovene -- Spanish-AM -- Spanish-ES -- Swedish -- Swiss German? -- Tamil -- Turkish -- Ukrainian -- Urdu -- Uzbek
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو 151. گڏهہ جو مٿو قيمتي 1ڇا توهان سامريا جي شهر جو تصور ڪري سگھو ٿا، جيڪو جبل جي مٿان، انتهائي محفوظ شهر هو؟ جڏهن اسرائيل ورهايو ويو، تہ هي اتر سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ بڻيو۔ ۽ دشمنن هن خاص شهر تي قبضو ڪرڻ جو ارادو ڪيو۔ ارامي ان کي فتح ڪرڻ چاهيندا هئا۔ پر اهي هن ڪم کي هٿيارن سان ڪرڻ نٿا چاهين۔ انهن ان تي گھيو ۾ ڪريو۔ شهر جي چوڌاري پنهنجا تنبُو لڳايا ۽ شهر جي دروازن تي نظر رکڻ لڳا۔ تڏهن کان شهر جي ماڻهن کي رڳو خراب خبرون ملي رهيون هيون۔ کاڌي جي سامان بہ تمام گھٽ هو۔ هر شيءِ وڪرو ٿي چڪي هئي۔ ڳڏهہ جو مٿو، خراب سامان، قيمت 061 ڊالر۔ بکايا ٻار روئڻ لڳا ۽ گھٽين ۾ کاڌي جي ڳولا ۾ گھمڻ لڳا۔ پوري قوم آخري ساهہ کڻي رهي هئي۔ ۽ بادشاهہ جو بہ ساڳيو حال هو۔ هن الزام الِيشع تي رکيو ۽ خدا جي هن نبي کي قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو۔ هڪ آفيسر هن سان گڏ ويو۔ الِيشع انهن کي ايندي ڏسي ورتو۔ الِيشع: ”بادشاه سلامت، خداوند جي آواز ٻڌو! هن وعدو ڪيو آهي تہ سڀاڻي کائڻ پيئڻ لاءِ خوراڪ ملندي، ۽ تمام سستي هوندي!“ آفيسر بي عزتي ڪندي جواب ڏنو۔ آفيسر: ”ناممڪن! ڇا توکي لڳي ٿو تہ خدا آسمان مان دريون کوليندو ۽ هتي اسان لاءِ کاڌو اڇلائيندو؟“ الِيشع: ”تون پاڻ ڏسندين تہ ائين ئي ٿيندو، پر توکي ان مان ڪجھہ بہ کائڻ لاءِ نہ ملندو ڇو تہ هي تنهنجي لاءِ سزا هوندي۔“ هي خدا جي طرفان خوشخبري هئي، پر ڪنهن بہ ان تي يقين نہ ڪيو۔ ضرورت تہ تمام گھڻي هئي۔ پر اها ضرورت انهن چار ماڻهن لاءِ سڀ کان وڌيڪ هئي جيڪي شهر جي دروازي کان ٻاهر ويٺا هئا۔ انهن کي ڦاٽل پراڻا ڪپڙا پهرايا ويا هئا، اهي بکيا اڃيا ۽ ڪوڙهي هئا۔ ڪوڙ جي خطرناڪ چمڙي جي بيماري جي ڪري انهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو هو۔ ڇا جلد ئي شهر جي ماڻهن کي انهن جي مرڻ جي خبر ملندي؟ بي اميد ٿي، اهي پري پري تائين ڏسي رهيا هئا۔ اوچتو انهن مان هڪ ڳالهايو۔ ڪوڙهي: ”هر طرف موت ئي موت آهي۔ جيڪڏهن پاڻ هتي ئي رهياسين، تہ پاڻ مري وينداسين۔ جيڪڏهن پاڻ شهر ۾ ويندا سون، تہ بہ پاڻ مري وينداسين۔ پر جيڪڏهن پاڻ دشمنن وٽ وڃون، ٿي سگھي ٿو تہ۔۔۔۔۔۔۔ شايد اهي پاڻ کي زندہ رهڻ ڏين۔ ۽ جيڪڏهن اهي پاڻ کي ماري ڇڏين، تہ خير آهي پاڻ اتي مري وينداسين۔“ انهن جي دلين ۾ هڪ اميد پيدا ٿي۔ جڏهن سج لهي ويو، تہ اهي لڪي دشمنن جي تنبُو طرف هلي نڪتا۔ اهي تمام گھڻو ڊنل هئا! اهي پهرين تنبُو تائين پهتا۔ خيال سان! بلڪل خاموش رهو! هن کان پوءِ ڇا ٿيو، مان توهان کي ايندڙ ڊرامي ۾ ٻڌائيندس۔ ماڻهون: بيان ڪرڻ وارِي، اليشع، ڪوڙهي، آفيسر ynamreG FEC :thgirypoC © |