STORIES for CHILDREN by Sister Farida(www.wol-children.net) |
|
Home عربي |
Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 090 (The angry teacher 2) This page in: -- Albanian -- Arabic? -- Armenian -- Aymara -- Azeri -- Bengali -- Bulgarian -- Cebuano -- Chinese -- English -- Farsi -- French -- Fulfulde -- German -- Greek -- Guarani -- Hebrew -- Hindi -- Indonesian -- Italian -- Japanese -- Kazakh -- Korean -- Kyrgyz -- Macedonian -- Malagasy -- Malayalam? -- Platt (Low German) -- Portuguese -- Punjabi -- Quechua -- Romanian -- Russian -- Serbian -- SINDHI -- Slovene -- Spanish-AM -- Spanish-ES -- Swedish -- Swiss German? -- Tamil -- Turkish -- Ukrainian -- Urdu -- Uzbek
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو 09. ڪاوڙيل استاد 2بٽو: ”جلدي، رنگو، جلدي! تون هي ڪري سگھين ٿو!“ رنگو جو پير هن کي تمام سُور ڏئي رهيو هو۔ پر هن پنهنجي پرواهہ ڪرڻ بنا ڍڳن جي ڊوڙ کٽڻ چاهي۔ هن لگام کي زور سان پڪڙيو، تيزي سان ڊوڙيو ۽ ڪجھہ ڍڳا گاڏين کان اڳتي نڪري ويو۔ اختتامي ليڪ کان ٿورو اڳ هو سڀني کان پيهرين نمبر تي هو۔ بٽو: ”هو کٽي ويو! رنگو ڊوڙ کٽي ويو!“ بٽو خوشيءَ مان ٽپ ڏني۔ ۽ هن جو پيءِ هن تي فخر محسوس ڪري رهيو هو۔ رنگو خوش هو جڏهن هن جي ڍڳن کي هار پارايا ويا۔ هن همت سان سُور برداشت ڪيو۔ پر گھر ۾ هن جي پير جي حالت خراب ٿي وئي۔ هو تڪليف جي ڪري ڏڪي رهيو هو۔ رنگو جي مٿي ۾ سُور هو ۽ هن کي بخار بہ اچي ويو هو۔ ماءُ: ”رنگو اڱڻ ۾ سمهي وڃ۔ ڏس هو اڇو غيرملڪي ۽ پانڊو اسان جي ڳوٺ اچي رهيا آهن۔“ رنگو: ”مان هن سڃاڻان ٿو۔ هو هميشہ سٺي خدا جي باري ۾ ڳالهائيندو رهي ٿو جنهن پنهنجو پٽ هن دنيا ۾ موڪليو۔“ صاحب گُروُب: ”اسان کوهہ تي ڪجھہ تصويرون ڏيکارڻ وارا آهيون۔ توهان کي بہ دعوت آهي۔ ڇا توهان ايندا؟“ ماءُ: ”مون کي معاف ڪجو، پر اسان نٿا اچي سگھون۔ اسان جو پٽ تمام بيمار آهي۔ چڙيلن جو ڊاڪٽر بہ هن جي مدد نٿو ڪري سگھي۔ ڇا توهان مدد ڪري سگھو ٿا؟“ جڏهن غيرملڪي رنگو جو پير ڏسي رهيو هو تہ ڪيترائي ماڻهو ان کي ڏسي رهيا هئا۔ صاحب گُروُب: ”ها، مان مدد ڪري سگھان ٿو۔ مون کي صرف هڪ ٿانون ۾ گرم پاڻي جي ضرورت پوندي۔ ۽ پوءِ مان ان ۾ ٿورو پائوڊر ملائيندس، ۽ هي گرِي ويندو۔ ۽ بخار ٺيڪ ٿي ويندو۔ رنگو، پنهنجو پير پاڻي ۾ وجھ۔ دوا سان تنهنجو پير ٺيڪ ٿي ويندو۔“ رنگو: ”ڇا پورُو پير وجھان؟“ صاحب گُروُب: ”ها بلڪل، ڊڄ نہ۔ مان تنهنجي لاءِ دعا ڪرڻ وارو آهيان: خداوند يسوع، تون سڀ ڪجھہ ڪري سگھين ٿو۔ مهرباني ڪري رنگو جي پير کي شفا ڏي ۽ هن گھر جي حفاظت ڪر۔ آمين۔“ علاج ۽ دعا جو اثر ٿيو۔ جلد ئي، رنگو وري اسڪول وڃڻ لڳو۔ رنگو اهو ڪاغذ وٺي آيو جيڪو مشنري صاحب گُروُب هن ڏنو هو۔ هن جي استاد کي اهو پسند نہ آيو۔ استاد: ”ڇا بدتميزي آهي۔ هي ڪاغذ مسيحن جي خدا جي باري ۾ ٻڌائي ٿو۔ اسان ڀارتي ان تي يقين نٿا ڪريون۔ ٻين ڀيري ڪنهن کان بہ هن قسم جو ڪاغذ نہ وٺجان۔ سمجھين؟“ هن اهو ڪاغذ پنهنجي هٿ ۾ مروڙي ڪنڊ ۾ اڇليو۔ پر رنگو هوشيار هو۔ ان ڏينهن هو سڀ کان آخر ۾ اسڪول مان نڪتو، ۽ توهان ضرور سمجھي سگھو ٿا تہ هن پنهنجي پٽڪي ۾ ڇا لڪايو هوندو۔ رنگو: ”بٽو، ڪاش مان مسيحن جي خدا جي باري ۾ ڪجھہ وڌيڪ ٻڌي سگھان۔“ بٽو: ”ڇا تون ڀلجي ويو آهين تہ اسان جي استاد ڇا چيو آهي؟ جيڪڏهن تون هن جي ڳالهہ نہ مڃيندين تہ بدروحون توکي کائي وينديون۔“ رنگو: ”انهن بدروحن صاحب کي تہ ناهي کاڌو۔ مان اهو ڪاغذ پاڻ وٽ رکندس۔“ بٽو: ”مون کي ڊپ لڳي رهيو آهي۔“ ان کان پوءِ ننڍڙي ڳوٺ ۾ مهمان آيا۔ مان ايندڙ ڊرامي ۾ توهان کي ان جي باري ۾ سڀ ڪجھہ ٻڌائيندس۔ ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، رنگو، بٽو، ماءُ، صاحب گُرُوب، استاد ynamreG FEC :thgirypoC © |