Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 059 (Tears on Christmas 1)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

95. وڏو ڏينهن ۽ ڳوڙها 1


مسيحي بورڊنگ اسڪول ۾ هر ڪو موڪلن تي وڃڻ لاءِ تيار ٿي رهيو هو۔ تورا کي پنهنجي ڪرسمس جي موڪلن جو انتظار هو۔ سندس والد کيس وٺڻ آيا۔ گھر وڃڻ لاءِ گاڏي جو رستو ڊگھو هو۔ تورا ڪيترين ئي شين بابت سوچيو۔

تورا: ”بابا، ڇا راشدہ وري مون کي سڃاڻي سگھندي؟ حسن جو حال ڪهڙو آهي؟“

تورا پنهنجي ڀينرن، ٻلي ۽ ٻڪرين جي باري ۾ خوش هئي تہ هو انهن کي ڏسندي۔

جڏهن هو پنهنجي ڳوٺ پهتا تہ انهن درين ۾ ميڻ بتيون ٻرندي ڏٺيون۔ ٻاهر، آسي پاسي جگنو اڏامي رهيا آيا۔ ۽ جيڪي ڇوڪريون کوهہ مان پاڻي ڪڍي رهيون هيون، انهن پڪاريو:

ڇوڪريون: ”هيلو، تورا! اسان کي خوشي آهي تہ تون واپس آئي آهين۔ تون ڪيئن آهين؟ ڇا تون اسان کي پنهنجي اسڪول بابت ٻڌائيندين؟“

تورا: ”ها، ٻڌائيندس۔ پر سڀاڻي۔ پيهريان ئي گھڻي دير ٿي چڪي آهي۔ مون سان ملڻ اچجو۔“

هن جي ماءُ هن جو پسنديدہ کاڌو تيار ڪيو۔ هن وٽ ٻڌائڻ لاءِ گھڻو ڪجھہ هو۔ تورا ڪافي وقت کان اتي هئي پر سڀ ڪجھہ ائين جو ائين ئي هو۔ پر هڪ شيءِ اهڙي هئي جيڪا الڳ لڳي رهي هئي۔ هوءَ ان وقت کي ياد ڪري رهي هئي جڏهن هوءَ پنهنجي چٽائيءَ تي ليٽي سمهي ويندي هئي۔

هي ڪرسمس جو موقعو هو۔ ڳوٺ ۾ ڪو بہ اهڙو نہ هو جيڪو جشن ملهائي ها۔ تورا صرف اڪيلي هئي جيڪا يسوع سان پيار ڪندي هئي۔ هوءَ جشن ملهائڻ چاهيندي هئي، پر هن کي خبر نہ هئي تہ ڪيئن۔

تورا: ”مون وٽ هڪ ترڪيب آهي۔ سڀاڻي مان صبح جو جلدي اٿندس ۽ پنهنجي بائبل پڙهندس۔“

۽ پوءِ هن ائين ئي ڪيو۔ هوءَ گھر کان ٻاهر نڪتي ۽ جبل تي چڙهي وئي۔ هوءَ اڪيلي اتي ويهي رهي ۽ مريم، يوسف ۽ ٻالڪ يسوع بابت پڙهڻ لڳي۔

تورا: ”يسوع آيو، پر هن جي پنهنجن ماڻهن کيس قبول نہ ڪيو۔ پوءِ خداوند يسوع کي بيت لحم مان ٻاهر ڪڍي دروازا بند ڪيا ويا ۽ اڄ دلين جا دروازا بند آهن۔“

جڏهن تورا ڏهہ سال جي هئي تہ هن يسوع کي پنهنجي زندگيءَ ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ۽ هن تي يقين ڪيو تہ اهو ئي هن جو مالڪ ۽ بچائيندڙ آهي۔

حسن: ”تورا، مان توکي ڳولي رهيو هوس۔ تون ڇا پڙهي رهي آهين؟“

جيڪڏهن هوءَ پنهنجي ڀاءُ کي بائبل جي ڪهاڻي ٻڌائيندي تہ ڇا هو سڀني کي چئي نہ ڏيندو؟ جيڪڏهن ائين ٿيو تہ هن لاءِ تمام خراب نتيجا نڪري سگھن ٿا۔ پر پوءِ بہ هن ائين ئي ڪيو ۽ ٻڌائي ڇڏيو۔ سڄي دنيا ۾ ڪرسمس جي موقعي تي گھنٽيون وڄي رهيون هيون ۽ انهيءَ وقت هڪ ننڍي ڇوڪري پيهريون ڀيرو يسوع جي باري ۾ هڪ ڪهاڻي ٻڌي۔

ڪرسمس جو ڏينهن تمام خوبصورتي سان شروع ٿيو، پر ڏينهن جي آخري وقت ۾ لڻڪ نڪري آيا۔ ڇو؟ مان توهان کي ايندڙ ڊرامي ۾ ٻڌائيندس۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ڇوڪريون، تورا، حسن

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 29, 2025, at 07:11 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)