Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 048 (Small man – big cheat)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

84. ننڍو ماڻهو - وڏو ڌوڪو


(ميڙ ۾ ماڻهن جو آواز)

زڪئي: ”هٽي وڃو! مون کي وڃڻ ڏيو!“

آدمی: ”ايترا گھڻا ڌڪا ڇو لڳي رهيا آهن؟ هر ڪو اچي سگھي ٿو۔“

زڪئي: ”مون کي ڪجھہ بہ نظر نہ پيو اچي۔“

آدمی: ”ماٺ ڪري هتان هليو وڃ۔“

هو اڳتي نہ وڃي سگھيو۔ هر ڪو هن کي سڃاڻيندو هو۔ پر ڪو بہ هن پسند نہ ڪندو هو۔ هن وٽ خوبصورت گھر هو ۽ سڀ کان وڌيڪ سٺا ڪپڙا هئا۔ هن جو قد ڪافي گھٽ هو، پر هو وڏو امير هو۔ هر ڪنهن کي خبر هئي تہ هن پنهنجو سمورو پيسو ايمانداري سان نہ ڪمايو آهي۔ هن جي نالي جو مطلب هيو ”بي ڏوهي“، پر اهو ننڍڙو زڪئي تمام وڏو چور هو۔

هو يريحو ۾ ٽيڪس وٺندو هو۔ جيڪو بہ شهر جي ٻاهر کان سامان گھرائندو هو ان کي زڪئي کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو هو۔ زڪئي اصولن موجب نہ هلندو هو۔ کيس ماڻهن کان جيترو پيسو وٺڻو هوندو هو هو ان کان وڌيڪ وٺندو هو۔ روم ۾ هن جو سردار ان بابت ڪجھہ نہ ڪندو هو، انهي ڪري زڪئي جيڪو چاهيندو هو سو ڪري سگھندو هو۔ انهيءَ ڪري ان شخص جنهن جو نالو بي ڏوهي هو، ان پاڻ کي تمام وڏو ڏوهاري بڻائي ڇڏيو۔

زڪئي وٽ تمام گھڻو پيسو هو، پر ڪا خوشي نہ هئي۔ هڪ ڏينهن يريحو ۾ عجيب ڪم ٿيو: اتي يسوع آيو!

زڪئي، اهو ننڍي قد وارو ماڻهو يسوع کي ڄاڻڻ جو اهو موقعو ڇڏڻ نہ چاهيندو هو، پر ٻين جي ڪري هن کي ڪجھہ نظر نہ پي آيو۔ وڻ تي چڙهي وڃو۔ اهو سٺو طريقو آهي! هو جلدي سان مٿي چڙهيو۔ ڇا زبردست منظر هو۔ يسوع آيو! هو ويجھي کان ويجھو ٿيندو ويو۔ زڪئي جي عجيب حالت بابت ٿورو سوچيو: يسوع سڌو اچي انهي وڻ هيٺان بيهي رهيو۔ زڪئي جو دل زور سان ڌڙڪڻ لڳو۔ يسوع مٿي ڏٺو۔ يسوع هن جي اکين ۾ اکيون وجھي ڏٺو۔ يسوع کيس ڪيئن سڃاتو؟ يسوع ان کي چيو:

يسوع: ”زڪئي، جلدي سان وڻ تان هيٺ لهي اچ۔ اڄ مان تنهنجي گھر اچڻ چاهيان ٿو۔“

زڪئي جلدي سان اهوئي ڪيو جيڪو يسوع کيس ڪرڻ لاءِ چيو هو۔ هو وڻ کان هيٺ لٿو۔ هو يسوع کي خوشي سان پنهنجي گھر وٺي ويو۔ پر ٻين کي هي ڏسي خراب لڳو۔

مرد: ”يسوع ان جي گھر وڃي رهيو آهي؟ ڇا يسوع اهو نہ ٿو ڄاڻي تہ هو ڪيترو خراب انسان آهي؟“

ها، يسوع ڄاڻندو هو۔ پوءِ بہ هو ان سان پيار ڪندو هو۔ زڪئي يسوع جي باري ۾ ڄاڻي ويو ۽ ان کي پنهنجي سڀني گناهن جي باري ۾ ٻڌايو۔

زڪئي: ”مالڪ يسوع، مان توهان کان واعدو ٿو ڪريان: مان پنهنجي دولت جو اڌ حصو غريبن کي ڏئي ڇڏيندس۔ ۽ جنهن کان بہ مون وڌيڪ پيسا ورتا آهن، مان ان کي چار ڀيرا وڌيڪ واپس ڏيندس۔“

يسوع: ”زڪئي، هاڻي تون بچي ويو آهين، ڇو تہ مان گم ٿيلن کي ڳولهڻ ۽ انهن کي بچائڻ آيو آهيان۔“

يسوع توهان وٽ بہ ايندو، ان کي پنهنجي زندگي ۾ گھرايو ۽ ان کي ٻڌايو تہ توهان ڪهڙي شيءِ کان تنگ آهيو۔ هو توهان جي زندگي کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، زڪئي، يسوع، مرد

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 28, 2025, at 04:06 PM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)