Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 047 (Arsonist 6)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

74. باهہ لڳائيندڙ 6


آچر جي شام، طیفام ٻاهر ويٺي هئي ۽ سج کي ڏسي رهي هئي تہ ڪيئن اهو هيٽي جي جبلن جي پويان هليو هو۔ هوءَ تمام خوش هئي ڇو تہ هوءَ هينئر ئي خدا جي ڌيءَ ٿي هئي۔ هن جو پيءِ، چڙيلن جو ڊاڪٽر، اورسٽل، هن جي بائبل وٺي وڃي ڦاڙي ڇڏي هئي۔ پر هو ڪڏهن بہ يسوع کي نہ وٺي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هوءَ هن دل ۾ هو۔ طیفام کي پنهنجي پيءُ تي ڪاوڙ نہ هئي، جيڪو آڱڻ ۾ ويٺو پاڻ کي گرم رکڻ لاءِ باهہ تاپي رهيو هو۔ ائين هوندي بہ هوءَ ان کي پيار ڪندي هئي۔ ڇا هن کي سڀ کان تازي خبر جي باري خبر هئي؟

طیفام: ”بابا، وڪٽر هر آچر اسان جي ڳوٺ ۾ ڪلام ٻڌائڻ لاءِ اچي ٿو۔“

اورسٽل: ”ان لاءِ بهتر آهي تہ هو ائين نہ ڪري۔“

اورسٽل پنهنجي پاڻ سان ئي بڙبڙا ڪري ڳالهائيندو رهيو، پر ان هِن ڳالهہ جي خبر نہ پوڻ ڏني تہ هو اڄ صبح جو چرچ جي پويان کان جانچ ڪري ٻڌي آيو هو۔ هو لگاتار وڪٽر جي لفظن جي باري ۾ سوچيندو رهيو۔

وڪٽر: ”يسوع منهنجي زندگي بدلائي ڇڏي۔ مون کي بدروحن کان ڊپ لگندو هو ۽ آئون انهن جي خدمت بہ ڪندو هوس۔ پر جڏهن مون خدا جي پيار بابت ٻڌو، تہ مون يقين ڪيو۔ هاڻي مان خوش آهيان ۽ هاڻي اهو يسوع هميشہ مون سان گڏ رهي ٿو۔ هاڻي مان ڪڏهن مان اڪيلو نہ ٿو ٿِي سگھان۔“

اورَسٽل هڪ ننڍي گھر ۾ ويو جيڪو هن بدروحن لاءِ ٺاهيو هو۔

اورسٽل: ”اي بدروحو، پنهنجي طاقت مون کي ڏيکاريو۔ هن چرچ تي باهہ اچي ۽ ان کي ساڙي ڇڏي۔ ڇا مون کي توهان جي مدد ڪرڻي پوندي؟“

آڌي رات جو، اورَسٽل ٻرندڙ ڪاٺ جو ٽڪرو وٺي چرچ ڏانهن ويو۔ هو کليو ۽ باهہ کي گاهہ واري ڇت ڏانهن مٿي ڪيو۔ اچانڪ هڪ هٿ ان جي هٿ کي پوئتي ڇڪيو۔ چڙيلن جو ڊاڪٽر ڪري پيو۔

اورسٽل: ”وڪٽر تون ڪٿان اچي ويو؟“

وڪٽر: ”يسوع مون کي موڪليو آهي تہ مان توسان ڳالهائي سگھان۔ هو تو سان پيار ڪري ٿو۔“

اورسٽل: ”ڇا هو اڃا بہ مون سان پيار ڪندو؟ مون بدروحن جي خدمت ڪئي آهي، مون ڪوڙ ڳالهايو آهي، مان توکي مارڻ جو ارادو ڪيو، ۽ مان چرچ کي ساڙڻ وارو هوس۔ ۽ وڌيڪ مان طیفام جي بائبل بہ ڦاڙي ڇڏي۔ ڇا هو اڃا بہ مون سان پيار ڪندو؟“

وڪٽر: ”تنهنجي هر هڪ گناھہ لاءِ هن صليب تي پنهنجي جان ڏئي ڇڏي هئي۔ هو توکي معاف ڪندو۔“

اورسٽل: ”مون جيڪي ڪجھہ ڪيو ان لاءِ آئون تمام شرمندہ آهيان۔ مون کي سکون کپي ۽ هاڻي مان خدا جو پٽ ٿيڻ چاهيان ٿو۔“

چڙيلن جو ڊاڪٽر سنجيدہ هو۔ هن پنهنجي جادوگري جو سمورو سامان ساڙي ڇڏيو ۽ هڪ نئين زندگي شروع ڪئي۔ جنهن بہ هن جو روشن چهرو ڏٺو هو خوش ٿيو۔ پر سڀ کان وڌيڪ خوشي جنهن کي ٿي، اها طیفام هئي۔

يسوع کٽِي ويو، هيٽي ۾ بہ ۽ اسان سان بہ۔ هو هر ڪنهن کي قبول ڪري ٿو جيڪو بہ هن جي ويجھو اچي ٿو ۽ جيڪي بہ خدا جا پٽ ۽ ڌيئرون بڻجڻ چاهين ٿا۔

”پر جن بہ کيس قبول ڪيو يعني مٿس ايمان آندو، تن کي اهو حق ڏنائين تہ هو خدا جا ٻار ٿين۔“ (يوحنا 1: 21)؛ بائبل هي چوي ٿي۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، طيفام، اورسٽل، وڪٽر

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on July 28, 2025, at 09:47 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)