Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 049 (The Good Shepherd)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

94. ڀلو ڌراڙ


ڪجھہ دير اڳ مان رستي تي گاڏي هلائي رهي هيس۔ مون هڪ خوبصورت جنگل ڏٺو، جنهن ۾ انگور جا باغ ۽ ٻنيون هيون ۽ پوءِ مون تمام گھڻيون رڍون ڏٺيون۔

توهان کي خبر آهي تہ رڍون صرف پنهنجي ڌراڙ جو آواز ٻڌن ٿيون ۽ ڪنهن ٻي جو آواز نہ ٿيون ٻڌن؟

توهان کي خبر آهي تہ رڍون تمام جلد ٿڪجي وڃي ٿيون ۽ اهي پنهنجي حفاظت بہ نہ ٿيون ڪري سگھن؟

۽ ڇا توهان کي هي خبر آهي تہ رڍن کي رستو ڳولڻ بہ نہ ٿو اچي؟ اهي ڪڏهن بہ گھوڙن ۽ ڪتن جيان پنهنجي گھر جو رستو نہ ٿيون ڳولي سگھن، مثال طور۔ رڍ کي لازمي هڪ ڌراڙ جي ضرورت پوي ٿي جيڪو ان کي رستو ڏيکاري ۽ ان جي حفاظت ڪري ۽ ان جو خيال بہ رکي۔ ۽ اهڙي طرح اسان کي بہ ڌراڙ جي ضرورت پوي ٿي۔

جڏهن بہ مان رڍ کي ڏسان ٿي تہ مون کي ياد ايندو آهي تہ يسوع ڇا چيو آهي۔

يسوع: ”ڀلو ڌراڙ مان آهيان۔ منهنجون رڍون منهنجو آواز ٻڌن ٿيون ۽ منهنجي پٺيان هلن ٿيون۔“

هو ڀلو ڌراڙ آهي ۽ اسان سندس رڍون آهيون۔

يسوع هڪ ڀيري رڍن جي باري ۾ هڪ ڪهاڻي ٻڌائي۔

(پَس پردا رڍن جا آواز)

يسوع: ”هڪ ڌراڙ وٽ سئو رڍون هيون۔ هو انهن کي گاهہ چهرائڻ ۽ پاڻي پيارڻ لاءِ وٺي ويو۔ جڏهن جھنگلي جانور آيا تہ هن خطري کي ڏسي سڀني رڍن جي حفاظت ڪئي۔ رڍن جي جان بچي وئي ڇاڪاڻ تہ اهي ڌراڙ جي ويجھو رهيون۔ اهي بلڪل ٺيڪ هيون۔ شام جي وقت ڌراڙ انهن سڀني کي وٺي گھر آيو ۽ انهن جي ڳڻپ ڪئي هي ڏسڻ لاءِ تہ سڀ رڍون پوريون آهن يا نہ: 79، 89، 99 هي ڇا صرف 99؟ هڪ رڍ وڃائجي وئي هئي! هوءَ ڪنهن ٻئي جاءِ تي هلي وئي هئي ۽ گم ٿي وئي هئي۔ هن وٽ تہ مدد ڪرڻ وارو بہ ڪو ناهي، هوءَ ٿڪجي پئي هوندي، هوءَ مدد لاءِ رڙيون ڪري رهي هوندي۔ ياد رکو جيڪڏهن رڍ سان گڏ ڌراڙ نہ هجي تہ هوءَ وڃائجي ويندي۔ پر ڌراڙ کي رڍ ياد آئي ۽ هوءَ ان کي ڳوليندو رهيو جيستائين هوءَ کيس هڪ ٻوڙي مان ملي نہ وئي۔ هن خوشي سان رڍ کي پنهنجي ڪلهي تي رکيو ۽ ان کي وٺي گھر اچي ويو۔ هاڻي رڍ محفوظ هئي ۽ ان جي حالت بہ ٺيڪ هئي۔
ڌراڙ پنهنجن دوستن کي چيو: مون سان گڏ خوشي ملهايو منهنجي وڃايل رڍ ملي وئي آهي۔
هوءَ هڪڙي رڍ بہ ڌراڙ لاءِ تمام قيمتي هئي۔ هن ان جي تلاش ڪئي ۽ ان کي ڳولهي ورتو۔ ۽ هن کي ان رڍ سان محبت هئي۔“

يسوع ئي سٺو ڌراڙ آهي۔

ڇا توهان يسوع جو آواز ٻڌي ان جي پويان هلندا آهيو؟

يسوع سان گڏ توهان محفوظ ۽ ٺيڪ آهيو۔ هو اسان کي هر اها شيءِ ڏئي ٿو جنهن جي اسان کي ضرورت هوندي آهي۔ هو هميشہ اسان سان گڏ آهي ۽ ڪڏهن بہ اسان جو ساٿ نہ ٿو ڇڏي جڏهن بہ اسان مصيبت ۾ هجون۔ پوءِ بہ گھڻائي ماڻهو ان کان پري هليا ٿا وڃن ۽ پنهنجي مرضي جي رستن تي ٿا هلن۔

ڇا توهان سوچي سگھو ٿا تہ اهي ماڻهو ائين ڇو ڪندا آهن؟


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، يسوع

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 28, 2025, at 04:13 PM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)