Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 039 (Stoning and crowning)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

93. سنگسار وارِي موت ۽ تاجپوشي


پنجين درجي وارن وڏي تياري ڪئي هئي ۽ راندين جي قومي مقابلي جي انتظار ۾ هئا۔ هر ڪنهن پنهنجي راند تمام سٺي طرح کيڏي۔ ۽ آخري تقريب ۾، هر ڪو انهن جي چمڪندڙ چهرن کي ڏسي سگھيو جن کي انعام مليو هو۔

اسٽين هڪ سورما وانگر ڊوڙيو۔ سوچو جيڪڏهن هو شروعات سٺي ڪري ها، ۽ سڀ کان تيز ڊوڙي ها، سڀ کان اڳتي نڪري وڃي ها ۽ جيت واري آخري لڪير کان اڳ، ڪنهن ٻئي پاسي وڃي ويهي رهي ها ۽ هار مڃي وٺي ها۔ ڪو سوچي بہ نٿو سگھي۔ جيڪو بہ سٺي شروعات ڪري ٿو، انهي لاءِ لازمي آهي تہ هن کي سٺي طرح ڊوڙهڻ بہ گھرجي ۽ پنهنجي رفتار بہ قائم رکڻ گھرجي۔

جيڪو بہ يسوع سان گڏ هلي ٿو، هي انهن تي پڻ لازم آهي۔ ايمان ۾ اهو ضروري آهي تہ زندگي يسوع سان گڏ شروع ڪجي، پر ان کانپوءِ اهو اسان تي آهي تہ اسان ڪيئن ڊوڙيون ٿا ۽ ڪيئن ان ۾ قائم رهون ٿا۔ يسوع اسان جي مدد ڪري ٿو، ۽ مون ڏٺو تہ هن ڪيئن استيفنس جي مدد ڪئي۔ اهڙا ڪيترائي ماڻهو هئا جيڪي هن کي روڪندا هئا تہ هو ايمان نہ آڻي۔ اسان بائبل ۾ پڙهون ٿا تہ اهي ماڻهو آيا ۽ بحث شروع ڪئي۔ پر استيفنس ان ۾ شامل نہ ٿيو۔ ۽ هن ڳالهہ تي هر ڪو ڪاوڙجي پيو۔ انهن استيفنس خلاف هر جڳهہ خراب ڪوڙ پکيڙي ڇڏيا، اهو ماڻهو جيڪو خدا تي ڀروسو رکندو هو ۽ غريبن جي مدد ڪندو هو۔ استيفنس کي بہ عدالت ۾ اچڻو پيو۔

وڪيل: ”استيفنس خدا جي بيعزتي ڪئي آهي ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن جيڪي قانون جي خلاف آهن۔“

جج: ”ڇا اهو الزام درست آهي؟“

هر ڪو استيفنس ڏانهن ڏسڻ لڳو۔ هن جو چهرو هڪ فرشتي جيان چمڪي رهيو هو۔ پنهنجي پاڻ کي بچائڻ جي بدران هو انهن کي يسوع جي باري ۾ ٻڌائڻ لڳو۔

استيفنس: ”خدا جو پٽ زمين تي آيو۔ توهان هن کي صليب تي چاڙهي ڇڏيو۔ پر خدا هن کي مئلن مان جيئرو ڪيو۔“

استيفنس عدالت ۾ بہ پنهنجي مالڪ يسوع سان وفادار رهيو۔ پوءِ هن مٿي آسمان ڏانهن ڏٺو ۽ چيو:

استيفنس: ”مان آسمان کي کوليل ڏسان ٿو ۽ يسوع خدا جي ساڄي هٿ تي بيٺل آهي۔“

انهن لفظن کان پوءِ ڪاوڙ ۾ ڀريل ماڻهو هن تي ٽٽي پيا۔ انهن هن کي ماريو، گھلي شهر کان ٻاهر وٺي ويا ۽ پٿرن جو وسڪارو ڪيو۔ استيفنس پوءِ بہ قائم رهيو ۽ يسوع سان وفادار رهيو۔ انهن ايترا پٿر هنيا جو هو مري ويو۔ مرڻ کان اڳ، هن دعا ڪئي۔

استيفنس: ”مالڪ يسوع، مان آسمان تي تون وٽ اچي رهيو آهيان؛ انهن جا گناهه معاف ڪر۔“

پنهنجي مقصد تائين پهچڻ جو رستو مشڪل هو۔ پر استيفنس وفادار رهيو۔ ۽ انهي لاءِ، يسوع هن کي جلال جو تاج ڏنو۔ يسوع تي ڀروسو ڪرڻ ۽ وفادار رهڻ ۾ ئي ڀلائي آهي، مشڪلاتون، نفرتون ۽ مهڻا ئي آخري ڳالهہ ناهي۔ جيڪو سڀ کان بهتر اهو اڳتي اچڻ وارو آهي۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، وڪيل، جج، استيفنس

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 28, 2025, at 09:46 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)