Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 040 (The small sailboat)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

04. ننڍي بادباني ٻيڙي


آخرڪار موڪلون ٿي ويون! جيف کي موڪلن جو تمام گھڻو انتظار هو۔ هو ننڊ ڪرڻ چاهيندو هو ۽ پنهنجو شوق پورو ڪرڻ لاءِ هن وٽ گھڻو ئي وقت هو۔

هن وڏي جوش سان گھڻا ڏينهن ڪم ڪيو تہ هڪ بادباني ٻيڙي ٺاهي۔ هن کي پنهنجي پيءُ جي ڪارخاني ۾ بہ وڃڻ جي اجازت هئي۔ هن کي آخري ڪم اهو ڪرڻو هو تہ بادباني ٻيڙي کي ڳاڙهو ۽ نيرو رنگ ڪرڻو هو، ۽ ٽنهي ٿنڀن تي هن اڇا بادبان ٽنگائي ڇڏيا۔ هو فخر سان پنهنجي بادباني ٻيڙيءَ وٺي سمنڊ جي ڪناري تي ويو ۽ ان کي ڇولين تي روانو ٿيڻ ڏنو۔ هن ڌيان نہ ڏنو تہ ڇوڪرن جو هڪ ٽولو هن کي ڏسي رهيو آهي ۽ اهي هن وٽ اچي پهتا۔

ڇوڪرو: ”ڇا اها شيءِ تو پاڻ ٺاهي آهي؟ اسان هن کي وٺي وينداسون ۽ وڪڻي ڇڏينداسون۔“

جيف جي ڪجھہ بہ چوڻ کان اڳ، هن کي ڌڪو ڏئي پن ۾ ڪرائي ڇڏيو۔ جيتري دير ۾ هو واپس ٻاهر نڪتو، ايتري دير ۾ ڇوڪرن جو ٽولو اتان وڃي چڪو هو، ۽ هن جي بادباني ٻيڙي بہ۔

هو روئندي روئندي گھر هليو ويو۔

پيءُ: ”مان تون لاءِ نئين بادباني ٻيڙي وٺي ايندس۔“

جيف: ”پر بابا۔ مونکي ساڳئي ٻيڙي کپي ٿي جيڪا مون ٺاهي آهي۔“

هفتا ٿيندا ويندا۔ هڪ ڏينهن جيف هڪ دڪان جي دري مان بادباني ٻيڙي ڏٺي۔

جيف: ”بابا، اها منهنجي بادباني ٻيڙي آهي!“

پيءُ: ”ڇا توکي يقين آهي تہ اها تنهنجي ئي آهي؟“

جيف: ”ها، مونکي يقين آهي۔ ڇا توهان کي ان جي اڳيان واري حصي تي نشان نظر نہ اچي رهيو آهي؟“

جيف ڊوڙندو دڪان ۾ وڪڻندڙ عورت ڏانهن ويو:

جيف: ”هي بادباني ٻيڙي توهان جي ناهي۔ هي منهنجي آهي۔“

عورت: ”مون هي بادباني ٻيڙي ڇوڪرن جي هڪ ٽولي کان خريد ڪئي آهي۔ مان هڪ سودو ڪريان ٿي: مان هي بادباني ٻيڙي توکي انهي قيمت تي ڏينديس جنهن قيمت تي مونکي ملي آهي۔“

جيف مڃي ويو ۽ هن انهي بادباني ٻيڙي جي قيمت ادا ڪئي جيڪا ٻيڙي هن پاڻ ٺاهي هئي۔

گھر ويندي رستي ۾ هن چيو:

جيف: ”ننڍڙي بادباني ٻيڙي هاڻي تنهنجو تعلق مون سان ٻيڻو آهي۔ پيهرين مون توکي ٺاهيو، ۽ ٻيو، مون توکي خريد ڪيو۔“

پيءُ: ”ڇا تنهنجو خُدا سان بہ ٻيڻو تعلق آهي؟“

جيف: ”ٻيڻو تعلق ڇو؟“

پيءُ: ”ڏس، خُدا انسان کي ٺاهيو، پر پوءِ انسان گناهہ جي ڪري خُدا کان پري ٿي ويو۔ جڏهن يسوع صليب تي پنهنجي جان ڏني، هن پنهنجي جان جي قيمت ادا ڪئي تہ جيئن اسان وري خُدا سان تعلق رکي سگھون۔“

جيف: ”مون کي ڪيئن خبر پوندي تہ منهنجو خدا سان ٻيڻو تعلق آهي؟“

پيءُ: ”يسوع کي چئو تہ هو تنهنجا سڀئي گناهہ معاف ڪري، هن کان چئو تہ هو تنهنجي زندگي ۾ اچي، ۽ پوءِ تون خدا جو ٻار ٿيندين۔ ۽ خدا جي ٻار جي حيثيت سان، تنهنجو خدا سان ٻيڻو تعلق ٿي ويندو۔“


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ڇوڪرو، جيف، پيءُ، دڪاندار عورت

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 28, 2025, at 09:51 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)