Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 031 (Alarm on the farm)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

13. ميدان ۽ الارم


ڇا توهان ٽوم کي سڃاڻو ٿا؟ هو ڏکڻ آمريڪا ۾ هڪ فارم تي رهي ٿو۔ هن جي سالگرہ تي ان کي هڪ اصلي چوزو مليو۔ ٽوم ان جو گھڻي سنڀال ڪئي۔ آهستي آهستي اهو چوزو هڪ ڪُڪڙِي ٿِي وئي۔ پيري رنگ جا نرم وار اڇي پرن ۾ تبديل ٿي ويا، تنهنڪري ٽوم ان جو نالو مسز وائيٽ ڪُڪڙِي رکيو۔ گودام ۾ هن ان لاءِ هڪ آکيرو ٺاهيو، ۽ مسز وائيٽ هر وقت ان ۾ آنا ڏيندي هئي، ۽ شور ڪري سڀني کي ٻڌائيندي هئي۔

(ڪوڪ ڪوڪ جي آواز)

جئين ئي فصلن ۾ ٻج وڌڻ لڳا، مسز وائيٽ آنا ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو۔

ٽوم: ”اما، مسز وائيٽ کي ڇا مسئلو آهي؟ هوءَ هاڻي آنا نٿي ڏئي ۽ پاڻ فصل ۾ لڪي وڃي ٿي۔“

اما: ”ٽوم، تون رڳو انتظار ڪر۔“

سندس ماءُ جيئن ئي ڳالهايو، گڏ مسڪرائي۔ ۽ ڪجھہ هفتن کانپوءِ، ٽوم کي خبر پئي تہ ڇا مسئلو آهي۔

ٽوم: ”اما، اما، ڏسو!“

مسز وائيٽ فصل مان نڪري آئي ۽ هن گڏ گھڻا ئي چوزا هئا۔ ٽوم گھڻو خوش ٿيو۔

(سائرن جي آواز)

هڪ ڏينهن باهہ لڳڻ وارو سائرن وڄيو۔ ٻنِي ۾ باهہ لڳي وئي۔ ۽ باهہ ايتري گھڻي هئي جو فارم تائين پهچي وئي۔

ٽوم: ”مسز وائيٽ ڪٿي آهي؟ ڇا هوءَ۔۔۔۔۔۔۔“

ٽوم هي ڳالهہ سوچڻ بہ نٿي چاهي جڏهن هو سڄي فصل ۾ ڳولي رهيو هو۔ پر اهو ڇا هو؟ ٽوم هن کي ساڙيل پنهنجي پيرن تي ڪريل ڏٺو۔ هن ڪُڪڙِي کي کنيو۔ ۽ ڪُڪڙِي جي هيٺان هن ان جا سڀ چوزا ڊنل ۽ هڪ ٻئي سان چنبڙيل ڏٺا۔

ٽوم: ”هي ڪيئن ٿي سگھي ٿو؟“

اما: ”جانورن کي جلد ئي خبر پئجي وڃي ٿي جڏهن خطرو هنن جي ويجھو هجي۔ جڏهن باهہ ان جي ويجھو آئي هوندي، چوزن پنهنجي ماءُ وٽ حفاظت ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي۔ ڪُڪڙِي اڏامي سگھندي هئي، پر چوزا نٿا اڏامي سگھن۔ مسز وائيٽ پنهنجي ٻارن کي پيار ڪندي هئي، تنهنڪري هن پنهنجي پرن کي انهن تي پکيڙيو هوندو ۽ پنهنجي ٻارن جي بدران پاڻ کي باهہ ۾ سڙڻ ڏنو هوندو۔ هن پنهنجي جان ڏئي ڇڏي تہ سندس ٻار زندہ رهي سگھن۔“

پيءِ: ”۽ يسوع جو پيار بہ ائين ئي آهي۔ ٽوم، هميشہ ياد رک تہ يسوع پنهنجي جان اسان لاءِ پنهنجي مرضي سان ڏئي ڇڏي تہ جئين اسين زندہ رهي سگھون۔“


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ٽوم، ماءُ، پيءِ

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on July 28, 2025, at 09:44 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)