STORIES for CHILDREN by Sister Farida(www.wol-children.net) |
|
Home عربي |
Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 030 (Meeting Jesus) This page in: -- Albanian -- Arabic -- Armenian -- Aymara -- Azeri -- Bengali -- Bulgarian -- Cebuano -- Chinese -- English -- Farsi -- French -- Fulfulde -- German -- Greek -- Guarani -- Hebrew -- Hindi -- Indonesian -- Italian -- Japanese -- Kazakh -- Korean -- Kyrgyz -- Macedonian -- Malagasy -- Malayalam? -- Platt (Low German) -- Portuguese -- Punjabi -- Quechua -- Romanian -- Russian -- Serbian -- SINDHI -- Slovene -- Spanish-AM -- Spanish-ES -- Swedish -- Swiss German? -- Tamil -- Turkish -- Ukrainian -- Urdu -- Uzbek
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو 03. يسوع سان ملاقاتڇا توهان جي دل ۾ ڪڏهن هي خيال آهيو آهي تہ توهان 0002 سال اڳ پيهرين هجو ها ۽ يسوع سان ملو ها؟ ڇا توهان انهي کي ڏٺو يا ٻڌو آهي؟ ميلني، توهان سان ڇا ٿيو هو؟ توهان جي يسوع سان ڪڏهن ملاقات ٿِي؟ ميلني: ”ٻارن جي پروگرام ۾ جيڪو منهنجي ماءُ اسان جي گھر تي ئي سيکاريندي هئي۔ اسان هن باري ۾ ڳالهہ ڪئي تہ ڪيئن ڪو خدا جي بادشاهي ۾ داخل ٿي سگھي ٿو رڳو يسوع جي وسيلي سان، ۽ يسوع ئي اسان جا سڀ گناهہ معاف ڪري سگھي ٿو ڇاڪاڻ تہ هن اسان لاءِ پنهنجي جان ڏني آهي۔ ۽ مون پنهنجي دل ۾ سوچيو، جيڪڏهن ڪنهن انسان ڪڏهن ڪو گناهہ نہ ڪيو آهي ۽ ٻين لاءِ ايترو سٺو ڪم ڪيو آهي، پوءِ تہ هو اسان کي تمام گھڻو پيار ڪندو هوندو۔تڏهن مون هن کي پنهنجي دل ۾اچڻ جي دعوت ڏني۔“ توهان هي ڪيئن ڪيو؟ ميلني: ”جڏهن مون دعا ڪئي۔“ ان کانپوءِ ڇا ٿيو؟ ميلني: ”ان کانپوءِ مان هن کي هر اها شيءِ جي باري ۾ ٻڌائي سگھان ٿي جنهن مون کي ڏک ڏنو هو، ۽ آئون هن جي سٺي مدد لاءِ هن کي مهرباني چئي سگھان ٿي۔ هن مون کي نئون انسان بڻايو، ۽ مون کي خبر آهي تہ مون وٽ ڪو آهي جنهن تي مان ڀروسو ڪري سگھان ٿي ۽ هو مون کي ڪڏهن مايوس نہ ڪندو۔“ سارہ، توهان بہ يسوع سان ملاقات ڪئي هئي؟ اسان کي ٻڌايو هي ڪيئن شروع ٿيو۔ سارہ: ”هڪ گيت جي ذريعي جيڪو مون کي تمام گھڻو پسند آهي (پس منظر ۾ عام گيت وڄايو وڃي): جڏهن آئون هي گيت ڳائي رهي هيس، مون محسوس ڪيو تہ هي منهنجي لاءِ سچ آهي۔ انهي ڏينهن شام جو مون پنهنجي ماءُ سان هن باري ۾ ڳالهہ ڪئي، ۽ مون انهن سان گڏ دعا ڪئي۔ اهڙي طرح منهنجي ملاقات يسوع سان ٿِي۔ مون هن منهنجي زندگي ۾ اچڻ لاءِ چيو۔ ۽ مون کي ائين لڳو جيئن هڪ ڳرو وزن منهنجي ڪلهن تان لهي ويو آهي۔ مون کي تمام گھڻي آزادي محسوس ٿيڻ لڳي! ڪنهن بہ قيمت تي، ڪنهن کي بہ يسوع سان ملڻ کان نہ روڪڻ گھرجي۔ هي تمام زبردست ڳالهہ آهي۔“ يسوع چاهي ٿو تہ توهان هن جي باري ۾ ڄاڻو، تہ هو توهان کي پيار ڪري ٿو۔ هن چيو: ”جيڪو بہ مون وٽ ايندو تنهن کي آءٌ ڪڏهن بہ نہ موٽائيندس۔“ (يوحنا 6: 73) توهان بہ اهو ڇو نٿا ڪريو جيڪو ميلني ڪيو۔ هن جي سامهون پنهنجا گناهہ قبول ڪريو، ۽ جيئن سارہ ڪيو۔ هن کي چئو تہ هو توهان جي زندگي ۾ اچي۔ يسوع دعائن جو جواب ڏئي ٿو۔ توهان خدا جا پٽ ۽ ڌِيءَ بڻجي ويندا۔ ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ميلني، سارہ ynamreG FEC :thgirypoC © |