Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 021 (Sin begins little by little 6)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

12. گناهہ آهستي آهستي شروع ٿئي ٿو 6


اخي اب بادشاهہ پنهنجي محل ۾ ڦري رهيو هو۔ هن جي نظر ڌري کان ٻاهر هڪ انگورن جي باغ تي پئي ۽ هن غور سان انهي کي ڏٺو۔

اخي اب: ”مون کي هو انگورن جو باغ وٺڻو آهي! هي بالڪل منهنجي محل جي ڀرسان آهي۔ آئون هن کي هڪ خوبصورت جگھہ ٺاهي سگھان ٿو ۽ انهي ۾ گوبي پوکي سگھان ٿو۔“

هو مالڪ وٽ ويو۔

اخي اب: ”نابوت، پنهنجو انگورن جو باغ مون کي وڪڻي ڇڏ۔“

نبوت: ”نا ممڪن! هي زمين مون کي منهنجن ابن ڏاڏان سان ملي آهي۔ پنهنجن ابن ڏاڏان جي زمين وڪڻڻ جي اجازت ناهي۔ هي خدا جو قانون آهي۔“

اخي اب خدا حافظ نہ چيو ۽ ناراض ٿِي واپس گھر هليو ويو۔ هو ڪاوڙ ۾ پنهنجي بستر تي سمهي رهيو۔

ڇا توهان بہ ڪڏهن اداس ٿيندا آهيو جڏهن توهان کي توهان جي مرضي جي شي ناهي ملندي؟

اخي اب بادشاهہ ڪاوڙ ۾ پنهنجو منهہ ڀت جي طرف ڪري ورتو۔

ايزبل: ”ڇا ٿيو توهان کي؟“

جڏهن ايزبل کي خبر پئي تہ بادشاهہ کي ڪهڙي ڳالهہ پريشان پئي ڪري تہ هو چوڻ لڳي:

ايزبل: ”اٿو ۽ مسڪرايو! آئون ڏسان ٿِي توهان کي هو ڇو نہ ٿو ملي جيڪو توهان گھري رهيا آهيو۔“

راڻي شهر جي وڏن کي خط لکيو، بادشاهہ جا نقلي دستخط ڪيا ۽ بادشاهہ جو ٺپو هڻيو۔

شهر جي وزير خط پڙهيو: هڪ جشن جو انتظام ڪيو وڃي ۽ نابوت کي دعوت ڏني وڃي۔ پوءِ هن کي بيعزت ڪيو وڃي ۽ چيو وڃي تہ: تون خدا جو ۽ بادشاهہ جو ڏوهاري آهين۔ تون کي ان جي ڪري مرڻو پوندو۔

۽ پوءِ اهو ٿيو جو ڪنهن سوچيو نہ هو۔ نابوت دعوت قبول ڪئي ۽ شام تائين هن جي موت ٿي چڪي هئي۔

ڇا هي خطرناڪ ڳالهہ ناهي تہ هڪ ننڍڙو گناهہ ايترو وڏو ۽ خطرناڪ ٿي وڃي؟

ڏسڻ، خواهش، نفرت، مغروري، ناراضگي، ڪوڙ، ۽ پوءِ قتل!

نابوت جي موت جي خبر جلدي پکيڙجي وئي۔ پوءِ اخي اب بادشاهہ انگورن جي باغ تي قبضو ڪرڻ ويو۔ پر هن بغير سوچي هي سڀ ڪيو تہ خدا کي ڪيئن لڳندو۔ اوچتو ايلياہ هن جي سامهون اچي بيٺو۔ اخي اب جو رنگ ماڳي ڦڪو ٿِي ويو ڀوت وانڳر۔

اخي اب: ”تون مون کي هاڻي گولهي ورتو، منهنجا دشمن؟“

ايلياہ: ”هائو، مون تون کي گولهي ورتو۔ تون پنهنجو پاڻ کي گناهہ جي هٿ وڪڻي ڇڏيو ۽ انهي کي پنهنجي اندر وڌڻ ڏنو۔ خدا گناهہ سان نفرت ڪري ٿو ۽ هو تون کي ۽ تنهنجي خاندان کي تباهہ ڪندو۔“

بادشاهہ انهن ڳالهين جي باري ۾ بار بار سوچيو۔ هن کي افسوس ٿيو تہ هن هي سڀ غلط ڪيو آهي۔ خدا هن جو دل ڏٺو ۽ هن تي رحم ڪيو۔ جڏهن پاڻ پنهنجن گناهن جو اقرار مالڪ يسوع سامهون ڪندا آهيون تہ هو وفادار خدا آهي ۽ هو اسان جا گناهہ پڻ معاف ڪري ٿو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، اخي اب، ايزبل، نابوت، ايلياہ

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 28, 2025, at 08:10 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)