Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 022 (Chariot of fire to heaven 7)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

22. باهہ جي گاڏي جنت ڏانهن 7


ڇا توهان کي ياد آهي تہ مون توهان کي ڪجھہ وقت پيهرين ايلياہ جي وڏي گولها جي باري ۾ ٻڌايو هو؟ هن جي گمشدگي واري ڳالهہ سمجهہ کان پري آهي۔

بيان ڪرڻ وارِي: ”اليشع، توهان هن جا سڀ کان سٺا دوست هئا، ڇا توهان کي خبر آهي تہ ايلياہ ڪٿي آهي؟“

اليشع: ”جي هائو، مون کي خبر آهي۔“

بيان ڪرڻ وارِي: ”ائين لڳي ٿو جئين توهان ڏاڍا خوش آهيو۔ مون کي گھڻي حيراني ٿئي پئي۔“

اليشع: ”مون کي بالڪل ياد آهي هن وڃڻ کان اڳ ڪيئن پنهنجي چادر لاٿي هئي۔ مون انهي سان گڏ وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو۔ هن ڪانہ پي چاهيو تہ آئون هن سان گڏ وڃان۔ پر مون هن کي منع ڪرڻ ڏنو۔ واٽ ۾ ڪجھہ نبي مليا جنهن اسان سان پڇيو: ڇا تون کي خبر آهي تہ اڄ ايلياہ جو تون سان گڏ آخري ڏينهن آهي؟“

بيان ڪرڻ وارِي: ”ڇا توهان کي ڏک ٿيو هو جڏهن توهان هي ٻڌو؟“

اليشع: ”مون کي اڳ ۾ ئي خبر هئي ۽ انهن کي ماٺ رهڻ جو پڻ چيو۔ پوءِ اسين اوڀر ڏي وڌيا۔ جڏهن اسين يردن دريا تي پهتا تہ اسان کي ڪو پل نظر نہ آيو۔ پوءِ ايلياہ پنهنجي چادر لاٿي ۽ انهي کي ويڙهي پاڻي تي هڻي۔ ٿورو سوچيو! دريا وچ مان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ۽ اسين سڪيل زمين تي هلي هن پار وياسون۔“

بيان ڪرڻ وارِي: ”ڇا هي ڳالهہ سچ آهي؟“

اليشع: ”هائو، آئون هتي هئس! آئون خدا جي وڏائي ۽ طاقت ڏسي حيران ٿيس۔ هن ڪمزور ماڻهن زريعي هي معجزہ ڪيا۔ جئين اسين گڏ هاليا، اسان خدا جي باري ۾ ڳالهيون ڪيون۔ پوءِ هڪ عجب ڪم ٿيو، آسمان مان هڪ باهہ جو رٿ آيو، اهڙو رٿ جنهن ۾ آتشي گھوڙا هئا۔ آئون حيران ٿيس، ۽ مون ڏٺو تہ ايلياہ ان رٿ ۾ ويهي خدا جي ان بادشاهي ۾ هليو ويو جيڪا نظر ڪانہ ايندي آهي۔ مون هن بعد انهي کي سڏ بہ ڪيو پر مون هن کي وري ڪڏهن نہ ڏٺو۔ خدا ايلياہ کي اهڙي شاندار طريقي سان آسمان ڏانهن کڻي ويو۔“

بيان ڪرڻ وارِي: ”انهي ڪري ڪوبہ انهي کي گولهي نہ سگھيو۔ مهرباني اليشع، اسان جي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ۔ اها سمجهہ کان پري واري ڳالهہ سمجهہ اچي وئي۔“

ائين تہ موت جي ڪري اسان جي زندگي ختم ٿي وڃي ٿي۔ پر اسان لاءِ اهو ايترو اهم ناهي تہ ڪڏهن ۽ ڪيئن اسان جي زندگي ختم ٿيندي، بلڪہ اهو اهم آهي تہ موت کان پوءِ اسان ڪٿي هوندا سون۔

ايلياہ خدا سان گڏ آهي ڇوتہ هو خدا سان رهندو هو۔ بائبل ۾ اهڙي گالهہ جو زڪر هڪ ٻي جگھہ تي پڻ آهي: سو جنهن وٽ خدا جو فرزند آهي تنهن وٽ زندگي آهي ۽ جنهن وٽ خدا جو فرزند نہ آهي تنهن وٽ زندگي بہ ڪانهي. (1 يوحنا 5: 21)

اڳين ڍرامي ۾ ٻڌائندس تہ پطرس ڪيئن يسوع سان گڏ زندگي شروع ڪئي۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، اليشع

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 28, 2025, at 08:18 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)