Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 006 (9 to 1)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

6. نو کان ھڪ


شاگرد يسوع سان گڏ جام پري پري تائين ويندا هئا۔ جڏهن اوهان بائبل کي پڙهو ٿا، تہ اوهان بہ انهن سان گڏ پورو اسرائيل گھمي ڪري ڏسي سگھو ٿا۔ شاگردن کوڙ برڪتون حاصل ڪيون هيون۔ هو تڏهن بہ اتي موجود هئا جڏهن يسوع بيمارن کي ٺيڪ ڪيو هو۔ جڏهن هُن پنهنجي آسماني پيءُ سان دعا گُھري، جڏهن هُن رُوڳو چيو تہ طوفان بيهجي ويو۔

لُوقا جي انجيل ۾، يسوع مٽِي سان ڀريل هڪ رستي تي پنهنجي شاگردن سان گڏ هلندي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ پهتو جيڪا سامريا ۽ گليل جي وچ ۾ هو۔

ڪوڙهي: ”يسوع، مالڪ، اسان جي مدد ڪر!“

هي ساڳيا ڏه ماڻهون آهن جن کي يسوع جي خبر پئي تہ سڏ ڏيڻ لڳا۔

جئين شاگردن ويجھو آيا، انهن ڏٺو تہ اهي ڏه ماڻهون ڪوڙهي آهن۔ ڪوڙهہ هڪ وڏي خطرناڪ بيماري آهي، شروع ۾ چمڙي تي داغ جهڙا نشان ٿين ٿا پوءِ پوري جسم کي خراب ڪري ڇڏي ٿا۔ ڪوڙهين کي علاقي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا هئا۔ انهن کي غارن ۾ رهڻو پوندو هو يا ورِي کُلي هوا ۾۔ انهن کي ڪنهن کي هٿ لائڻ جي اجازت ڪانہ هوندي هئي۔ هر ڪو انهن سان پري رهندو هو۔ پر يسوع ائين نہ ڪندو هو۔

ڪوڙهي: ”يسوع اسان جي مدد ڪريو!“

يسوع: ”ڪاهن وٽ وڃو۔ انهن کي پنهنجو پاڻ ڏيکاريو!“

يسوع ائين چئي اُن ماڻهن کي هڪ اهڙي ماڻهون ڏانهن موڪليا جيڪو عبادت گاہ ۾ عبادت ڪرائندو هو ۽ هُو طبيب بہ هو۔ رُوڳو ڪاهن هِي اهڙو ماڻهون هو جيڪو هي ٻڌائي سگھندو هو تہ ڏه ڪوڙهي ٺيڪ ٿِي ويا آهن۔

هُو ڏه ڪوڙهي جلدي سان ويا ۽ جڏهن هُ ويا پي تہ انهن کي احساس ٿيو:

ڪوڙهي: ”پاڻ ٺيڪ ٿِي ويا آهيون! اسان جي چمڙي وري ٺيڪ ٿئڻ لڳي آهي!“

انهن مان هڪ واپس وريو ۽ ڍوڙِي وڃي خداوند يسوع وٽ ويو۔ هو جڏهن يسوع وٽ پهتو تہ انهي کي سجدو ڪيائين۔

ڪوڙهي: ”مالڪ اوهان جي ميرباني، مون کي ورِي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ! توهان جي وڏِي وڏِي ميرباني!“

يسوع اُن خوشي ڀريل مرد سان پوڇيو ۽ مُرڪيو:

يسوع: ”ڇا مون ڏه ماڻهن کي ٺيڪ ناهي ڪيو؟ باقي 9 ماڻهون ڪٿِي آهن؟ ڇا رُوڳو هڪئي مرد مون کي ميرباني چوڻ واپس آيو آهي؟“

جي هائو، رُوڳو هڪئي مرد ميرباني چوڻ لاءِ آيو هو۔

۽ اوهان؟ اوهان اڄ ڪهڙي ڳالهہ لاءِ يسوع کي ميرباني چئي سگھو ٿا؟


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، 2 ڪوڙهي، يسوع

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 29, 2025, at 09:40 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)