Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 089 (Ringu at the bull race 1)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
98. رِنگو جا ڍڳا ڍوڙ ۾ 1
ڀارت جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رنگو ڍڳن کي وٺي آيو۔ پوءِ هن جا والدين ڍڳا گاڏي تي سوار ٿيا۔
رنگو: ”بٽو، جلدي چڙهي آچ، اسان نڪري رهيا آهيون۔“
بٽو: ”واهہ واهہ، اسان بازار وڃي رهيا آهيون۔“
رنگو: ”۽ پوءِ اسان ڍڳن جو هو وڏو ڏيهاڙو ملهائينداسين۔“
بٽو: ”رنگو، مون کي تمام گھڻي خوشي ٿيندي جيڪڏهن تون ڍڳن جي ڊوڙ کٽي وڃين۔“
رنگو تمام گھڻو گھبرائل هو جڏهن هو ڍڳا گاڏي هلائڻ لاءِ اڳيان ويٺو۔ انهن کي جھنگل جي رستي سان وڃڻو هو۔ ڪجھہ ماڻهو چوندا هئا تہ اتي شينهن رهندا آهن ۽ ٻيو تہ خير بدروحون بہ اتي لڪنديون آهن۔
بٽو: ”تيز هلاءِ، رنگو اڃان تیز۔“
رنگو: ”ممڪن آهي تہ اسان کي ڪو غيرملڪي نظر اچي؟ تون ڄاڻين ٿو، اهي جيڪي ڊگھا ۽ اڇي انگ وارا هوندا آهن۔ اهي جيڪي هميشہ سٺي خدا جي باري ۾ ڳالھائيندا رهندا آهن۔“
شهر ۾ تمام گھڻي چهل پهل هئي۔ جيئن ئي اهي شهر ۾ داخل ٿيا تہ رنگو سڀ کان پيهرين ڍڳا گاڏي مان ٻاهر ٽپ ڏنِي۔
رنگو: ”آه! آه! منهنجو پير!“
هڪ وڏو ڪنڊو هن جي پير ۾ گھڙي ويو هو۔ هن پنهنجي ڏندن کي دٻايو ۽ ڪنڊو ٻاهر ڪڍيو۔ ۽ پوءِ هو لنگڙائيندو پنهنجي والدين جي پٺيان پٺيان هليو۔ هن جي پيءِ دڪان مان ڪجھہ خريد ڪيو ۽ رنگو چپ چاپ هڪ ڪيلو چوري ڪري ورتو۔ هو چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو تہ هي صحيح ناهي پر هن سوچيو تہ ٻيا ماڻهو بہ تہ چوري ڪندا آهن۔ انهن کي هڪ خوبصورت ساز ٻڌڻ ۾ آيو۔ رنگو ڀڄي ان ڏانهن وڃڻ چاهيو پر هو هڪ ماڻهو سان ٽڪرائجي ويو۔ ان ماڻهو جي هٿ ۾ جيڪي بہ ڪاغذ هئا اهي ڪري پيا۔ هو غيرملڪي هو۔ رنگو پري ڀڄڻ چاهيو پر هن کي واپس سڏيو ويو۔
مشنري: ”هڪ منٽ ترس منهنجا دوست، مان توکي هي ڪاغذ ڏيڻ چاهيان ٿو۔ هي خدا جي طرفان هڪ خط آهي۔ تون ان ۾ هن جي پيار جي باري ۾ پڙهي سگھين ٿو جيڪو هو توسان ڪري ٿو۔“
رنگو اها ڪاغذ جلدي پڪڙيو ۽ ان کي پنهنجي پٽڪي ۾ وجھي ڇڏيو۔
ساز وڄڻ بند ٿي ويو ۽ اهو ڀارتي جيڪو باجو وڄائي رهيو هو، اهو بيهي رهيو۔
پانڊو: ”منهنجو نالو پانڊو آهي۔ مان بدروحين کي قربانيون ڏيندو هوس، ۽ مان ڍڳن جي پوڄا ڪندو هوس۔ پر هاڻي مان زندہ خدا کي ڄاڻان ٿو ۽ ان جي خدمت ڪريان ٿو۔ اهو ئي هڪ سچو خدا آهي۔“
رنگو انهن ڳالهين بابت سوچيندو رهيو۔ ٻئي صبح ڍول جي تيز آواز هن کي جاڳايو۔
ڊڄندي ڊڄندي هن پنهنجي ڳاڙهي، سُجھي ويل پير کي ڏٺو۔ هن جي والدين چڙيلن جي ڊاڪٽر کي سڏيو۔ رنگو جڏهن ان ڏانهن وڃي رهيو هو تہ ڏڪي رهيو هو۔ هن زخمن تي مرچ ڇٽيا ۽ ان جي ڪن ۾ ڦُوڪ هنئي۔ رنگو رڙ ڪئي۔
رنگو: ”آه! آه!“
مرچ ۽ ڦوڪ هڻڻ سان ڇا فائدو ٿيندو؟ ڊوڙ شروع ٿي وئي۔ رنگو کي شديد تڪليف هئي۔ پر هن پاڻ کي قابو ۾ رکيو ۽ کلڻ جي ڪوشش ڪئي۔
(بندوق جو آواز)
ڍڳن ڊوڙڻ شروع ڪيو۔ ماڻهن انهن کي شاباشي ڏني۔ رنگو سُور جي ڪري وري رڙ ڏنِي ۽ ڍڳا گاڏي جي پٺيان ڊوڙيو۔ هن ٿاٻو کاڌو ۽ پوءِ۔۔۔۔۔۔۔؟
اڳيون ڊرامو توهان کي اهو ٻڌائيندو تہ پوءِ ڇا ٿيو۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، رنگو، بٽو، مشنري، پانڏو
ynamreG FEC :thgirypoC ©