Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 078 (Lou Ling makes a decision)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
87. لولنگ فيصلو ڪري ٿي
لولِنگ کي هڪ وڏو مسئلو هو۔ هن ان بُت جي باري سوچيو جيڪو سامهون ڀِت تي لڳل تختي تي پيل هو۔ هوءَ چين ۾ رهندي هئي ۽ هن جي والدين چيو هو تہ هي ڪاٺ جو ٽڪرو خدا آهي۔
هي سچ ناهي، هي بلڪل سچ نٿو سگھي ٿو۔ زندہ خدا تہ آسمان تي آهي، ۽ هي مورتي تہ ڪجھہ بہ نہ هئي سواءِ هڪ مريل بُت جي۔ هن جا هٿ هئا پر هو ڪنهن جي مدد نٿو ڪري سگھي۔ هن جو وات بہ هو پر ڳالهائي نٿو سگھي۔ هن جا ڪن هئا، پر ٻڌي نٿو سگھي۔
ماڻهون ان بُت جي پوڄا ڪندا هئا پر انهن کي هي خبر نہ هئي تہ زندہ خدا هن ڳالهہ کان منع ڪيو آهي: آءُ خداوند تنهنجو خدا آهيان، تون ٻئي ڪنهن کي سجدو نہ ڪجان سواءِ منهنجي۔
لولِنگ ان بابت سوچيو۔
لولِنگ: ”ڇا هي سچو خدا آهي جيڪو اسان جي ڀت تي لڳل تختي تي ويٺو رهي ٿو؟“
هوءَ جنهن مسيحي اسڪول ۾ ويندي هئي، اتي هن سچي خداوند بابت ٻڌو هو۔ هن سکيو هو تہ خدا پنهنجو پٽ دنيا ۾ موڪليو تہ جيئن هو دنيا ۾ موجود هر انسان جي لاءِ پنهنجي جان ڏئي سگھي۔ جڏهن هن ٻڌو تہ هو ٽن ڏينهن بعد مئلن مان جي اُٿيو ۽ هاڻي هو آسمان تي رهي ٿو، تہ هوءَ متاثر ٿي۔
ڪير صحيح آهي؟ ڪير سچو خدا آهي؟ يسوع يا پوءِ هن جي گھر ۾ اهو مورتي؟
لولِنگ: ”مون کي خبر آهي تہ ڇا ڪرڻو آهي: آءُ منهنجي گھر جي ان بُت کي اڱڻ ۾ دفن ڪري ڇڏينديس۔ ۽ جيڪڏهن هو زندہ ٿيو، تہ مون کي خبر پئجي ويندي تہ هو ئي سچو خدا آهي۔“
لولِنگ بيلچو کنيو ۽ اڱڻ ۾ وئي ۽ بُت کي دفن ڪري ڇڏيو۔ هوءَ پنهنجي ان ترڪيب سان تمام خوش هئي ۽ واپس پنهنجي گھر هلي وئي۔ پيهريون ڏينهن گذري ويو۔ ٻئين ڏينهن هوءَ ان ننڍي قبر جي ويجھو وئي ۽ ان کي کوٽيو ۽ ان تان ڪجھہ مٽي هٽائي۔ مورتي اڃا بہ اتي ئي پئي هئي۔ هن وڏي مشڪل سان ٽئين ڏينهن تائين انتظار ڪيو۔ پر ان ڏينهن بہ پيهرين ڏينهن وانگر اهو بت زمين ۾ مردہ پيو هو۔
لولِنگ: ”هاڻي مان خداوند يسوع تي يقين ڪريان ٿي، جنهن منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏني ۽ پوءِ جي اُٿيو۔“
لولِنگ صحيح فيصلو ڪيو ۽ اڪثر انهي ڳالهہ جو تجربو ڪيو تہ زندہ خدا هن سان گڏ آهي ۽ کيس ڪڏهن اڪيلي نہ ڇڏيو آهي۔
خدا پنهنجي ڪلام ۾ چوي ٿو:
”آءُ خداوند تنهنجو خدا آهيان؛ مون کان سواءِ ڪو ٻيو تنهنجو خدا نہ هجي۔ تنهنجي لاءِ مون کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ ضروري نہ هجي۔“
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، لولِنگ
ynamreG FEC :thgirypoC ©