STORIES for CHILDREN by Sister Farida(www.wol-children.net) |
|
Home عربي |
Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 115 (The greatest Christmas present) This page in: -- Albanian -- Arabic? -- Armenian -- Aymara -- Azeri -- Bengali -- Bulgarian -- Cebuano -- Chinese -- English -- Farsi -- French -- Fulfulde -- German -- Greek -- Guarani -- Hebrew -- Hindi -- Indonesian -- Italian -- Japanese -- Kazakh -- Korean -- Kyrgyz -- Macedonian -- Malagasy -- Malayalam? -- Platt (Low German) -- Portuguese -- Punjabi -- Quechua -- Romanian -- Russian -- Serbian -- SINDHI -- Slovene -- Spanish-AM -- Spanish-ES -- Swedish -- Swiss German? -- Tamil -- Turkish -- Ukrainian -- Urdu -- Uzbek
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو 511. وڏي ڏينهن جو سڀ کان بهترين تحفوڇوڪرِي: ”مون کي ڪرسمس جو تمام گھڻو انتظار آهي۔ هن سال منهنجي خواهشن جي فهرست هڪ ميل جيتري ڊگھي آهي۔“ ڇوڪرو: ”اُميد آهي منهنجي سڀ کان وڏي خواهش پوري ٿي وڃي۔ منهنجو دل گھُري ٿو تہ مون کي سمارٽ فون ملي۔“ توهان کي ٿورو وڌيڪ انتظار ڪرڻو پوندو۔ ڇوڪرِي: ”ها، بدقسمتي سان!“ پر شڪر آهي تہ ايترو انتظار نہ ڪرڻو پوندو جيترو شمعون کي ڪرڻو پيو۔ ڇوڪرو: ”اهو ڪير آهي؟“ بائبل هن کي هن طرح بيان ڪري ٿي: هاڻ جوان نہ رهيو پر پوڙهو ٿيڻ لڳو۔ هو يروشلم ۾ رهندو هو ۽ خُدا سان وفادار هو۔ هن کي 04 سالن جي ڊگھي عرصي تائين انتظار ڪرڻو پيو- بلڪہ شايد ان کان بہ وڌيڪ۔ ان وقت تائين جڏهن هن جي سڀ کان وڏي خواهش پوري نہ ٿي وئي۔ ڇوڪرِي: ”ايترو ڊگھو عرصو؟ ۽ هن جي سڀ کان وڏي خواهش ڇا هئي!“ هن جي خواهش خُدا جي واعدن مان هڪ واعدي سان جُڙيل هئي۔ خُدا: ”شمعون، تون دنيا جي نجات ڏيندڙ کي ڏسڻ کان پوءِ مرندين۔“ جڏهن تہ شمعون کي انتظار، انتظار ۽ رُوڳو انتظار ڪرڻو پيو، هن ڪڏهن بہ اُميد نہ ڇڏي۔ ڇو تہ هو ڄاڻندو هو تہ هو خُدا تي ڀروسو رکي سگھي ٿو۔ هڪ ڏينهن هو هیڪل ۾ ويو۔ ۽ اُنهي وقت، مريم، يوسف ۽ ٻار يَسوع بہ پهتا۔ جڏهن شمعون ٻار کي ڏٺو، هن کي اوچتو ئي خبر پئجي وئي: هي اهو ئي واعدو ڪيل نجات ڏيندڙ آهي! شمعون يَسوع کي ڏٺو۔ هاڻ هن جي سڀ کان وڏي خواهش پوري ٿي چڪي هئي۔ ان ڪري هو ايترو خوش ٿيو جو دنيا جو ڪو بہ تحفو ايتري خوشي نہ ڏئي سگھي ها! تمام گھڻي خوشي سان هن ٻار کي پنهنجي هٿن ۾ کنيو ۽ دعا ڪئي۔ شمعون: ”خُداوند، هاڻ مان اطمينان سان مري سگھان ٿو، تو پنهنجو واعدو مون سان قائم رکيو۔ منهنجن اکين دنيا جي نجات ڏيندڙ کي ڏسي ورتو۔“ ڪنهن شمعون جي باري ۾ هڪ گيت لکيو: (سازن جي وڄڻ جي آواز) هڪ پوڙهو انسان هو، پوڙهو انسان جنهن جو نالو شمعون هو۔ هن جي سڀ کان وڏي خواهش پوري ٿي وئي، جو هن خُدا جي پٽ کي ڏسي ورتو۔ اچو، موه وٽ بہ اچو، بچائڻ وارو، مان دروازو کولي رهيو آهيان۔ اچو، مون وٽ بہ اچو، بچائڻ وارو، مان دروازو کولي رهيو آهيان۔ مان نہ ٿي ڄاڻان تہ هن ڪرسمس تي توهان جون سڀ خواهشون پوريون ٿينديون يا نہ۔ پر مان هيءَ ڄاڻان ٿي تہ جڏهن توهان هيءَ خواهش ڪندا تہ يسوع توهان جي زندگي ۾ اچي جيئن هن گيت ۾ چيو ويو آهي، تہ يسوع اڄ ئي توهان جي هيءَ خواهش پوري ڪري ڇڏيندو۔ ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ڇوڪرِي، ڇوڪرو، خدا، شمعون ynamreG FEC :thgirypoC © |