Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 137 (The destination indicator 5)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
731. منزل جو اشارو 5
ڇوڪرِي: ”شاگردِيءِ وارو زمانو: حصو 4، منزل جي علامت۔“
(ٽريفڪ جو شور)
لينا: ”۽ هاڻي ڪهڙي رستي تي وڃڻو آهي؟“
ڪيٿِي: ”هڪ غلطِي ٿِي وئي آهي۔ رستن جي معلومات گھر رهجي وئي آهي، اها گھر جي تختي تي لڳيل رهجي وئي۔“
لينا (الزام لڳائيندي): ”واه! هاڻي ڇا ڪنداسين؟“
ڪيٿِي: ”اتي هڪ نشان سان رستا بہ ٻڌايا ويا آهن۔“
ڇا ڇوڪريون پنهنجي منزل تائين پهچي ويون هونديون؟ هيءَ سٺي ڳالهہ آهي تہ رستن بابت معلومات موجود آهي۔ فقط گاڏين لاءِ نہ پر اسانجي زندگين لاءِ بہ۔ ڇا توهان کي معلوم آهي تہ خدا اسانجي رستن بابت راهنمائي ڪري ٿو؟
ڇوڪرو: ”اهي ڪهڙا هوندا آهن؟“
انهن جا هٿ پير هوندا آهن، ڪن ۽ وات بہ هوندا آهن۔ جيئن فلپس۔ فقط اهو ئي راهنما آهي جيڪو خدا وٽ وڃڻ جو رستو ڄاڻندو هو۔ هو ان کي بهتر نموني بيان ڪري سگھندو هو۔ هن گھڻن ماڻهن کي يسوع وٽ وڃڻ جو رستو ٻڌايو۔
فرشتو: ”فلپس، ڏکڻ طرف اُنهي رستي تي وڃ جيڪا يروشلم کان غزا طرف وڃي ٿو۔“
خدا کي فلپس جي ضرورت هئي۔ خدا کي توهانجي ضرورت آهي۔ ان کي انهن ماڻهن جي ضرورت آهي جيڪي رستو ڄاڻندا آهن۔ ڇا توهان يسوع لاءِ منزل تائين پهچائڻ واري علامت بڻجڻ پسند ڪندا؟
توهان فلپس کان گھڻو ڪجھہ سکي سگھو ٿا۔ هن هي نہ چيو تہ مان هي نہ ڪري سگھندس۔
هن جلدي سان حڪم کي مڃيو۔ هو ان مٽيءَ سان ڀريل رستي تي اڪيلو نہ هو۔ پر اٿوپيا جي ملڪہ جو وزير انهي رستي تي پنهنجي رٿ تي وڏي جلوس ساڻ وڃي رهيو هو۔ هن ماڻهون 021 ميل کان وڌيڪ سفر ڪيو هو تہ هو يروشلم وڃي عبادت ڪري سگھي۔ هو هیکل ۾ پنهنجو مهانگو طومار کڻي آيو هو۔ جڏهن هو سفر ڪري رهيو هو، هو ڪلام مقدس جي آيتن کي ان طومار جي مدد سان زور زور سان پڙهي رهيو هو۔
فلپس ڊوڙي ان جلوس ڏانهن ويو۔
فلپس: ”ڇا توکي هن جي سمجھ بہ اچي رهي آهي جيڪا تون پڙهي رهيو آهين؟“
حبشي: ”نہ۔ مون وٽ ڪو بہ نہ آهي جيڪو مون کي سمجھائي سگھي۔ اچو مون سان گڏ ويهو ۽ مون کي سمجھايو تہ ان جو ڇا مطلب آهي۔“
فلپس: ”تون مسيح بابت پڙهي رهيو آهين۔ هو خدا وٽ وڃڻ جو واحد رستو آهي۔ ان تي ايمان آڻ تہ هو توکي تنهنجي زندگي جي مقصد تائين وٺي ويندو ۽ ايندڙ زندگي تائين بہ۔“
حبشي: ”منهنجو ايمان آهي تہ يسوع خدا جو پٽ آهي۔“
فلپس هڪ منزل تائين پهچائڻ واري علامت جيان هو جنهن يسوع ڏانهن اشارو ڪيو۔ ۽ وزير ان جي راهنمائي تي هليو۔
هن جي دل صحيح رستو چونڊيو هو۔ هو خوشيءَ سان پنهنجي گھر واپس ويو، ۽ اسان سڀ ان جي باري ۾ ايترو ئي ڄاڻون ٿا۔
مونکي يقين آهي تہ توهان کي بہ خدا تائين وڃڻ جي واحد رستي بابت معلوم هوندو ۽ توهان بہ يسوع تائين پهچائڻ واري علامت جيان هوندا: گھر ۾، اسڪول ۾، پنهنجن دوستن ۾۔ ۽ ڪنهن نہ ڪنهن ڏينهن جرمني ۾، جتي منزل تائين پهچائڻ واري علامت جيڪا يسوع تائين وٺي وڃي ان جي تمام گھڻي ضرورت آهي۔ بلڪ آفريڪا ۽ ايشيا ۾ بہ۔
لکين ماڻهن وٽ ڪا معلومات نہ آهي۔ انهن اڃا تائين نہ ٻڌو آهي تہ يسوع ئي واحد رستو آهي جيڪو خدا تائين وٺي وڃي ٿو۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ڇوڪرو، ڇوڪرِي، ڪيٿِي، فرشتو، فلپس، حبشي
ynamreG FEC :thgirypoC ©