STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 053 (Envy has terrible consequences 1)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

35. حسد جا خطرناڪ نتيجا 1


ڇا توهان جا ڀاءُ ڀيڻ آهن؟ ڇا توهان انهن سان گڏ رهو ٿا يا اڪثر وڙهو ٿا ۽ هڪ ٻئي کي گھٽ وڌ ڳالهايو ٿا؟ هي سچ آهي، اسان هڪ ٻئي سان گڏ رهي سکي سگھون ٿا۔

يعقوب جي خاندان ۾، اڃا تائين انهن هي نہ سکيو هو۔ انهن جي ڪهاڻي بائبل ۾ موجود آهي۔ سوچيو تہ هڪ خاندان ۾ ٻارهن ڀائر هئا۔ انهن ۾ گھڻو ڪجھہ ٿي رهيو هو!

پيهريون ڀاءُ: ”بس مون گھڻو برداشت ڪري ورتو۔ يوسف سان هميشہ اسان کان وڌيڪ سٺو سلوڪ ڪيو ويندو آهي۔“

ٻيو ڀاءُ: ”اهو ننڍڙو جو آهي اهو هر شيءِ وٺي ويندو آهي۔“

پيهريون ڀاءُ: ”اسان ڏينهن رات محنت ڪندا آهيون ۽ بابا ان کي سڀ ڪجھ ڏيندو آهي جيڪو بہ هو گھري۔“

ٻيو ڀاءُ: ”هو خراب ڇوڪرو! تو اهو نئون ڪڙتو ڏٺو آهي جيڪا ان کي ڏنو ويو آهي؟“

پيهريون ڀاءُ: ”بابا اسان کان وڌيڪ هن سان پيار ڪندا آهن۔ هي بلڪل صحيح نہ آهي۔“

ڀاءُ حسد سان ڀريل هئا۔ ڇا توهان کي ڪڏهن ائين ڳالهايو آهي جيئن انهن ڳالهايو؟ اسان جي دلين ۾ موجود حسد جا نتيجا خراب ٿيندا آهن۔ هي بلڪل جھنگلي ٻوٽن وانگر آهي جن تي خراب ميوو ئي ٿيندا آهن: حسد، نفرت، جھيڙا۔

مون کي خبر آهي تہ منهنجي لاءِ سڀ کان سٺو هي آهي تہ جلدي سان يسوع سان هن جي باري ۾ ڳالهايو وڃي، ۽ پوءِ ان کي چيو وڃي تہ منهنجي دل مان حسد کي ڪڍي ڇڏي۔

يوسف جي ڀائرن اهو ڪم نہ ڪيو جيڪا سڀ کان سٺو هو: معافي گھرڻ۔ انهي ڪري انهن جو حسد وڌيڪ وڌندو ويو۔ انهن يوسف سان نفرت ڪئي ۽ ان کي تمام نيچ سمجھيو۔ ان سان يوسف کي ڏک ٿيو ۽ ان پنهنجي خاندان ۾ هئڻ باوجود پاڻ کي ڌاريو محسوس ڪيو، ۽ ان کان بہ وڌيڪ اهو تہ ان تي مذاق ڪيو ويندو هو۔ پر ان ڪڏهن بہ انهن جي هٿان تنگ ٿي انهن کان بدلو نہ ورتو۔ خدا هن کي سڀ ظلم برداشت ڪرڻ جي همت ڏني هئي۔ خدا يوسف سان خواب جي ذريعي ڳالهہ ڪئي۔ اڳين صبح هن پنهنجن ڀائرن کي هن باري ۾ ٻڌايو۔

يوسف: ”مون ڏٺو تہ اسان ڪڻڪ وڍي رهيا هئاسين ۽ گڏا گڏ ڪري رهيا هئاسين۔ اوچتو منهنجو گڏو وچ ۾ اٿي بيٺو، ۽ توهان جا گڏا منهنجي گڏي کي سجدو ڪيو۔“

پيهريون ڀاءُ: ”هن خواب جو ڇا مطلب آهي؟ ڇا تون اسان جو بادشاهہ ٿيڻ چاهين ٿو؟“

يوسف: ”ان کانپوءِ مون خواب ۾ ڏٺو تہ سج، چنڊ ۽ يارهن تارن مون کي سجدو ڪيو۔“

ٻيو ڀاءُ: ”ماٺ ڪر، خواب ڏسڻ وارا۔ تون پاڻ کي تمام گھڻو ڪجھہ سمجھين ٿو۔“

يوسف لاءِ هي سٺو هو تہ هو انهن کي هي نہ ٻڌائي ها تہ خدا ان کي خواب ۾ ڇا ٻڌايو آهي۔ ان سڀ کانپوءِ، ان جي ڀائرن هن کان وڌيڪ نفرت شروع ڪئي۔ انهن تہ هي بہ سوچي ورتو تہ هن کي هاڻي زندہ نہ رهڻ گھرجي۔ ڇا توهان ڏسي سگھو ٿا تہ حسد جا نتيجا ڪيهڙا ٿيندا آهن؟

ٻيو تہ خير يوسف جو پيءُ بہ هن کي وڙهيو، پر پوءِ بہ هو انهن خوابن کي نہ وساري سگھيو۔

هن سڀ جو مطلب ڇا هو؟

توهان ايندڙ ڊرامي ۾ هن بابت وڌيڪ ٻڌندا۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، يوسف، ٻہ ڀاءُ

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 28, 2025, at 04:44 PM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)