Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 136 (First aid 4)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

631. ابتدائي طبي امداد 4


(ٽريفڪ جو شور)

ڇوڪرو: ”زمانو شاگرديءِ وارو حصو ٽيون: طبِي امداد۔“

ڇا توهان ڪڏهن اهڙو اسپتال ڏٺو آهي جتي ڪو ڊاڪٽر يا نرس نہ هجي؟

اهڙي هڪ جاءِ موجود آهي۔ هيءُ هڪ اسپتال جھڙي تہ ناهي لڳندي، پر هڪ تلاءَ هو جنهن جا ٻہ حصا هئا۔

ان جا وڏا ورانڊا هئا جن سان حوض ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو هو۔

گھڻا بيمار ماڻهو اُتي پيا رهندا هئا۔ پر ڪوبهہ ڊاڪٽر انهن جو علاج نہ ڪندو هو۔ اُتي ڪا طبي امداد موجود نہ هئي۔ ۽ اُتي ايمرجنسي لاءِ ڪا ايمبولينس موجود نہ هئي۔

بيمار ماڻهو رُوڳو پاڻي ڏانهن ڏسندا رهندا هئا۔ چيو ويندو هو تہ ان پاڻيءَ کي ان وقت ۽ اڄ بہ هڪ فرشتو لوڏائيندو هو۔ جيڪو سڀ کان پهرين ان پاڻيءَ ۾ لهندو هو، اهو شفا حاصل ڪندو هو۔ ۽ اهي سڀ شفا حاصل ڪرڻ چاهيندا هئا! خاص طور تي هڪ اپاهج ماڻهو۔ کيس اميد هئي تہ اُتي طبي امداد ملي ويندي۔

مرد: ”مان پاڻيءَ تان پنهنجي اکين کي نہ ٿو هٽائي سگھان۔ اهو لوڏي رهيو آهي! مونکي سڀ کان پهرين هن پاڻيءَ ۾ لهڻو آهي۔ (پڇتاءَ جي آواز) مان وري بہ رهجي ويس۔ مان اهو ڪڏهن بہ نہ ڪري سگھندس۔“

هو بي اميد ٿي پنهنجي کٽ تي ٻيهر ليٽي ويو۔ هو هن طبي امداد لاءِ 83 سالن کان انتظار ڪري رهيو هو۔ هڪ ڏينهن کيس ڪو ملڻ آيو۔

يسوع: ”ڇا تون شفا حاصل ڪرڻ چاهين ٿو؟“

مرد: ”ها، پر مون سان گڏ ڪو بہ ناهي جيڪو مونکي ان پاڻيءَ تائين وٺي وڃي۔ منهنجي پهچڻ کان اڳ ئي ڪو نہ ڪو ان پاڻيءَ ۾ لهي ويندو آهي۔“

يسوع: ”اُٿي بيهہ! پنهنجي کٽ کڻ ۽ گھم ڦر۔“

هو مرد اُٿي بيٺو ۽ شفا حاصل ڪري ويو۔ بغير ڪنهن پٽيءَ جي ۽ بغير ڪنهن سُئيءَ جي طبي امداد ملي وئي۔ 38 سالن کانپوءِ بہ مڪمل صحت مند! ذرا سوچيو تہ ڇا ٻين کي ان سان خوشي ملي هوندي؟

فريسي: ”تنهنجو ڇا خيال آهي، تون ڇا ڪري رهيو آهين؟ اڄ سبت جو ڏينهن آهي۔ اڄ هن آرام ڪرڻ جي ڏينهن پنهنجي کٽ کڻڻ منع آهي۔“

مرد: ”هو شخص جنهن مونکي شفا ڏني، ان مونکي چيو تہ پنهنجي کٽ کڻ ۽ گھم ڦر۔“

فريسي: ”هو ڪير هو؟“

مرد: ”مان نہ ٿو ڄاڻان۔ مون کيس ٻيهر نہ ڏٺو۔“

ڇا توهان ڄاڻو ٿا تہ هو ڪير هو؟ بلڪل صحيح۔ هو خداوند يسوع هو۔ هو سڀ کان سٺي طبي امداد ڏيندو آهي۔

صرف اسانجي جسمن کي ئي نہ پر اسانجي روحن کي بہ۔ هو مدد ڪندو آهي خوشيءَ سان بچائيندو آهي۔

جڏهن هن شفا حاصل ڪندڙ مرد سان ٻيهر ڳالهہ ڪئي، تہ هن کيس هڪ سٺي صلاح ڏني۔

يسوع: ”هاڻي تون صحت مند آهين۔ ورِي گناهہ نہ ڪجان، ائين نہ ٿئي تہ توتي هن کان بہ وڌيڪ آفت اچي۔“

مونکي سمجھہ ۾ اچي ويو آهي تہ يسوع جي چوڻ جو ڇا مطلب آهي۔ ڇا توهان کي بہ سمجھہ ۾ آيو؟


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، مرد، يسوع، فريسي، ڇوڪرِي

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on April 01, 2025, at 08:49 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)