Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 067 (Proof of Jesus)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

76. يسوع جو ثبوت


سارہ: ”مان ڪيئن يقين ڪري سگھان ٿي تہ هي سڀ سچ آهي؟“

ڇا مطلب آهي تنهنجو؟

سارہ: ”يسوع جي باري ۾۔ ڇا اوهان ثابت ڪري سگھو ٿا تہ هو واقعي خدا جو پٽ آهي؟“

ڇا تون ثابت ڪري سگھين ٿي تہ تون سارہ آهين؟

سارہ: ”پنهنجي شناختي ڪارڊ سان۔ وڏي افسوس جي ڳالهہ آهي تہ يسوع وٽ هن جو شناختي ڪارڊ نہ هو۔“

آءُ توکي يسوع جا پنج شناختي ڪارڊ ڏيکاري سگھان ٿي!

سارہ: ”هن وٽ پنج شناختي ڪارڊ هئا؟ ڇا هي سچ آهي؟“

يسوع پيهريون شناختي ڪارڊ خدا کان ورتو هو۔ هن جي بپتسما جي وقت آسمان مان آواز آئي۔

خدا (گجگوڙ سان): ”هي منهنجو پيارو پٽ آهي، هن تي يقين ڪريو۔“

ٻيو شناختي ڪارڊ بائبل آهي۔ خدا جي پٽ جي باري ۾ هر پيشنگوئي يسوع ذريعي 001 سيڪڙو پوري ٿي۔

خدا جي پٽ جي لاءِ ٽيون ثبوت هي آهي تہ هو مئلن مان جيئرو ٿيو۔ هو زندہ آهي۔ ڪيترن ئي شاهدن ان کي پاڻ ڏٺو۔

۽ ماڻهن کيس چوٿون شناختي ڪارڊ ڏئي ڇڏيو۔ ماڻهو جيڪي ان کي ڄاڻندا هئا انهن چيو:

مرد: ”هي ضرور خدا جو پٽ آهي۔“

سارہ: ”هڪ ڪارڊ گھٽ آهي۔“

مون سان گڏ هل آءُ قانا ۾ توکي هي ثبوت ڏيکاريندس۔ هڪ شادي جو جشن جاري هو۔ پورو ڳوٺ گھوٽ ۽ ڪنوار سان گڏ ست ڏينهن تائين جشن ملهائندو هو۔ يسوع ۽ هن جي دوستن کي بہ دعوت ڏني وئي هئي۔ خير، انهن کي هي اڃا تائين هي خبر نہ هئي تہ يسوع ئي خدا جو پٽ آهي۔

مهمان تمام خوش هئا۔ هو ڳائي رهيا هئا، نچي رهيا هئا، کيڏي رهيا هئا، کاڌو کائي رهيا هئا ۽ پي رهيا هئا۔ ۽ پوءِ ائين ٿيو:

انهن جي ميَ ختم ٿي وئي۔ پوري گھر ۾ پيئڻ لاءِ ڪجھہ بہ نہ هو۔

سارہ: ”ڪيترو خراب لڳو هوندو سڀني کي!“

مريم کي هن ڳالهہ جي سڀ کان پيهرين خبر پئي۔ هن يسوع کي ٻڌايو ۽ يسوع نوڪرن کي چيو:

يسوع: ”پاڻي جا مٽ پاڻي سان پورا ڀري ڇڏيو۔“

هو کوهہ مان 061 گيلن پاڻي ڀري آيا۔ ۽ هاڻي؟

يسوع: ”پيالو ڀريو ۽ ان کي نوڪرن جي اڳواڻ وٽ وٺي وڃو۔ هو هن کي چکي۔“

نوڪرن جي اڳواڻ ڍڪ ڀريو ۽ جلديءَ سان گھوٽ وٽ ويو۔

نوڪرن جو اڳواڻ: ”توهان هي ميَ ڪٿان ورتي آهي؟ مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اڄ تائين ايڏي سٺي ميَ چکي ناهي۔“

يسوع صاف پاڻيءَ کي سڀ کان بهترين ميَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو!

هي پيهريون معجزو آهي جيڪو يسوع ڪيو۔ معجزا بہ ثبوت آهن، يسوع جا شناختي ڪارڊ آهن، انهن مان خبر پوي ٿو تہ يسوع واقعي خدا جو پٽ آهي۔ شاگردن هي معجزو ڏٺو ۽ يسوع تي يقين ڪيو۔ خدا جي پٽ جي لاءِ پنج شناختي ڪارڊ۔ هي ثبوت منهنجي لاءِ ڪافي آهن۔ مان ان تي يقين رکان ٿي۔ ۽ اوهين؟


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، سارہ، خدا جي آواز، مرد، يسوع، نوڪرن جو اڳواڻ

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 29, 2025, at 08:04 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)