STORIES for CHILDREN by Sister Farida(www.wol-children.net) |
|
Home عربي |
Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 066 (He's finally here) This page in: -- Albanian -- Arabic? -- Armenian -- Aymara -- Azeri -- Bengali -- Bulgarian -- Cebuano -- Chinese -- English -- Farsi -- French -- Fulfulde -- German -- Greek -- Guarani -- Hebrew -- Hindi -- Indonesian -- Italian -- Japanese -- Kazakh -- Korean -- Kyrgyz -- Macedonian -- Malagasy -- Malayalam? -- Platt (Low German) -- Portuguese -- Punjabi -- Quechua -- Romanian -- Russian -- Serbian -- SINDHI -- Slovene -- Spanish-AM -- Spanish-ES -- Swedish -- Swiss German? -- Tamil -- Turkish -- Ukrainian -- Urdu -- Uzbek
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو 66. آخرڪار هو آيوسوَین: ”ھو آخر ڪڏھن ايندا؟“ سوَین وڏي مشڪل سان انتظار ڪري رهيو آهي۔ هو بار بار دري ڏانهن وڃي رهيو آهي۔ سوَین: ”امان، بابا ڪڏھن ايندا؟“ امان: ”هاڻي وڌيڪ دير ناهي۔ انهن کي اڄ ئي پنهنجي ڪم کانپوءِ گھر اچڻو آهي۔ مان اميد ڪريان ٿي تہ هو گاڏين جي رش ۾ نہ ڦاٿا هجن۔“ سوَین: ”هو اڄ منهنجي لاءِ نئين ڪمپيوٽر گيم وٺي اچي رهيا آهن۔ ڪاش هو هينئر ئي اچي وڃن!“ ڪاش هو هينئر ئي اچي وڃي! اسرائيل جي ماڻهن ڪيترائي سال اڳ اها ئي ڳالهہ سوچي۔ هنن انتظار ڪيو ۽ اميد رکي تہ هو جلدي ايندو، اهو بچائڻ وارو جنهن جو خدا واعدو ڪيو۔ اندرياس کي بي صبريءَ سان انتظار هو۔ هو ان جي انتظار ۾ هو جيڪو نجات ۽ امن آڻيندو۔ هن کي يوحنا سان گڏ رهڻ گھڻو پسند۔ هو هميشہ ان جي باري ۾ ڳالهہ ڪندو هو ۽ ان کي ڏٺو بہ هو۔ ۽ پوءِ اندرياس جي زندگيءَ جو سڀ کان سٺو ڏينهن اچي ويو۔ هو يوحنا سان گڏ يردن دريا جي ڪناري بيٺو هو جڏهن يوحنا اوچتو رڙ ڪئي: يوحنا: ”ڏسو، هو رهيو: يسوع! بچائڻ وارو جنهن جي باري ۾ وعدو ڪيل آهي۔“ اندرياس ان پاسي ڏٺو جتي يسوع بيٺو هو۔ اندرياس: ”هو رهيو! آخر هو هتي اچي ويو۔“ اندرياس يسوع کي ڄاڻڻ چاهيو۔ هو پنهنجي دوست سان گڏ يسوع جي پٺيان هلي نڪتو۔ يسوع کي بلڪل صحيح خبر هوندي آهي تہ ڪير ان کي ڳولي رهيو آهي ۽ ڪير ان کي ڄاڻڻ چاهي ٿو۔ هو واپس ڦريو ۽ پڇيو: يسوع: ”توهان ڪنهن کي ڳولي رهيا آهيو؟ توهان ڇا چاهيو ٿا؟“ اندرياس: ”توهان ڪٿي رهو ٿا؟“ يسوع: ”مون سان گڏ هلو، مان توهان کي ڏيکاريندس۔“ هو وڏي خوشي ۽ جوش سان يسوع سان گڏ هليا ويا۔ هنن ڏٺو تہ هو ڪٿي رهي ٿو ۽ سڄو ڏينهن ان سان گڏ رهيا۔ يسوع سان گڏ رهڻ ۾ سڀ کان وڏي خوشي ملي ٿي۔ ڇا توهان وٽ اها خوشي آهي؟ اندرياس جي خوشي جي ڪا حد نہ هوندي۔ هو هن شاندار تجربي بابت ڪنهن کي ٻڌائڻ چاهيندو هو۔ ٻين کي بہ ٻڌايو- صرف ايترو ئي ڪرڻو آهي! توهان اڄ يسوع جي باري ۾ ڪنهن کي ٻڌائي سگھو ٿا؟ اندرياس سڀ کان پيهرين پنهنجي ڀاءُ کي ٻڌايو۔ اندرياس: ”شمعون، اسان کي يسوع ملي ويو آهي! هو هتي ئي آهي۔ مون سان گڏ هل، تنهنجي لاءِ بہ ضروري آهي تہ تون ان کي ڄاڻين!“ اندرياس جو جوش ڏسڻ جھڙو هو۔ شمعون پنهنجي ڀاءُ تي يقين ڪيو ۽ ان سان گڏ ويو۔ ۽ ائين لڳي رهيو هو ڄڻ يسوع انهن جو انتظار ڪري رهيو هو۔ يسوع کي ان جي نالي جي بہ خبر هئي۔ يسوع: ”تون شمعون آهين۔ پر هاڻي کان توکي پطرس سڏيو ويندو۔“ هڪ نئون نالو۔ ان جو مطلب هو تہ يسوع ان کي هڪ نئون انسان بڻائيندو۔ يسوع کي ڳولڻ ۽ ان جي پٺيان هلڻ سان اسان جي زندگي بدلجي ويندي آهي۔ ان سان مون کي دلجاءِ ملي ٿي، ڇاڪاڻ تہ هو مون کي بہ تبديل ڪري ٿو۔ ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، سوَين، ماءُ، يوحنا، اندرياس، يسوع ynamreG FEC :thgirypoC © |