STORIES for CHILDREN by Sister Farida(www.wol-children.net) |
|
Home عربي |
Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 064 (On the run) This page in: -- Albanian -- Arabic -- Armenian -- Aymara -- Azeri -- Bengali -- Bulgarian -- Cebuano -- Chinese -- English -- Farsi -- French -- Fulfulde -- German -- Greek -- Guarani -- Hebrew -- Hindi -- Indonesian -- Italian -- Japanese -- Kazakh -- Korean -- Kyrgyz -- Macedonian -- Malagasy -- Malayalam? -- Platt (Low German) -- Portuguese -- Punjabi -- Quechua -- Romanian -- Russian -- Serbian -- SINDHI -- Slovene -- Spanish-AM -- Spanish-ES -- Swedish -- Swiss German? -- Tamil -- Turkish -- Ukrainian -- Urdu -- Uzbek
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو 46. ڀڄي وڃڻهي ڪمال جي ڳالهہ آهي جو توهان هن وقت ٻڌي رهيا آهيو! ڇا توهان سٺي طرح ڪرسمس ملهايو؟ پوري دنيا ۾ گھڻائي ماڻهو ڪرسمس جو جشن ملهايندا آهن ۽ خوش ٿيندا آهن تہ يسوع، هميشہ جو بادشاهہ پيدا ٿيو هو۔ پر 0002 سال اڳ هڪ شخص ماڳين خوش نہ هو۔ هيروديس بادشاهہ۔ هن کي پنهنجي تخت جو ڊپ هو۔ ۽ انهيءَ ڪري هن کي تمام جلدي هئي تہ جئين مجوسي ٻڌائي تہ يسوع ڪٿي ها تہ هو انهي وقت يسوع کي مارائي ڇڏي۔ پر مجوسي يروشلم ڏانهن واپس نہ آيا۔ ڇو تہ خدا خواب ۾ انهن کي ڪجھہ ٻيو ڪرڻ لاءِ چئي ڇڏيو هو۔ خدا چيو: ”هيروديس بادشاهہ ڏانهن واپس نہ وڃو۔ جڏهن توهان واپس پنهنجي ملڪ ڏانهن وڃو تہ ڪو ٻيو رستو وٺو۔“ ۽ انهن ائين ئي ڪيو۔ جيڪو بہ يسوع کي ذاتي طور ڄاڻي ٿو هو ايترو ئي خوشي سان ان جي ڳالهہ مڃي ٿو۔ هو ٻئي رستي کان پنهنجي گھر ڏانهن ويا۔ خطرو اڃا تائين ٽريو نہ هو۔ تنهنڪري خدا يوسف کي خواب ۾ ٻڌايو تہ هن کي ڇا ڪرڻ گھرجي۔ خدا چيو: ”اٿ! ٻار ۽ پنهنجي زال کي وٺي مصر ڏانهن ڀڄي وڃ۔ ۽ اتي رهجان جيسين مان توکي واپس اچڻ لاءِ نہ چوان۔ هيروديس سڀ هِيلا ڪندو تہ جيئن هو هن ٻار کي ماري سگھي۔“ يوسف خدا سان پيار ڪندو هو ۽ هن جلد ئي خدا جي حڪم تي عمل ڪيو۔ ڇا توهان بہ ان جي ڳالهہ مڃندا آهيو جڏهن هو توهان کي ڪجھہ ڪرڻ لاءِ چوندو آهي؟ اڌ رات جو يوسف اٿيو ۽ مريم ۽ ننڍڙي ٻار يسوع کي وٺي مصر ڏانهن ڀڄي ويو۔ ۽ انهيءَ وقت ۾ جڏهن هيروديس کي لڳو تہ هاڻي مجوسي واپس نہ ايندا، تہ هن ڪاوڙ ۾ اچي هڪ تمام خطرناڪ حڪم جاري ڪري ڇڏيو۔ هيروديس: ”انهن سڀني ٻارن کي ماري ڇڏيو جيڪي ٻہ سال کان گھٽ عمر جا آهن۔ بيت لحم ۽ ان جي آسي پاسي واران سڀ علائقن ۾ جلد سان جلد هن حڪم تي عمل ٿيڻو هو۔“ ڇا هيروديس چريو ٿي ويو هو؟ انهي حڪم سان هن هر پاسي ڏک ئي ڏک پکيڙي ڇڏيو۔ پر پوءِ بہ هن کي ٻار يسوع نہ مليو۔ هو يسوع کي ڪو نقصان نہ پهچائي سگھيو۔ جڏهن يسوع ٽي سالن جو ٿيڻ وارو هو، تہ ان سان نفرت ڪرڻ وارو بادشاهہ مري ويو۔ هڪ فرشتي اها ڳالهہ يوسف کي خواب ۾ ٻڌائي۔ خدا چيو: ”اٿ، ٻار ۽ ان جي ماءُ کي وٺي اسرائيل ڏانهن هليو وڃ۔ جيڪي ماڻهون ٻار مارڻ چاهيندا هئا اهي سڀ مري چڪا آهن۔“ خدا کي اها ڳالهہ يوسف کي ٻہ ڀيرا نہ ٻڌائڻي پئي۔ يوسف خدا جي ڳالهہ تي يقين ڪيو ۽ ان کي مڃيو۔ هو ٻار ۽ مريم کي وٺي واپس پنهنجي گھر هليو ويو۔ ۽ اتي اسرائيل جي ننڍڙي ڳوٺ ناصرت ۾ يسوع جي پرورش ٿي ۽ هو وڏو ٿيو، بلڪل ائين جيئن خدا اڳ کان ئي چئي ڇڏيو هو۔ ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، خدا جي آواز، هيروديس ynamreG FEC :thgirypoC © |